بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faqir Haji Ahmed فقير حاجي احمد

فقير حاجي احمد

هي اصل عيدن ماڇيءَ جي ڳوٺ جو ويٺل، ماڇي فقير هو، پر لاکن سان لاڳاپي ڪري لاکو سڏائيندو هو. ننڍي هوندي حج ڪرڻ، بعد هن ساري زندگي زهد ۽ رياضت ۾ گذاري. مخدوم بلاول جي درگاهه تي، هر مهيني جي پهرئين جمع تي، لاڳييتو چاليهه پنجاه سال بنا ناغي ويندو هو. ٻين درگاهن تي به وظيفا ڪڍڻ ۽ راتيون جاڳڻ سندس عام مشغلو هوندو هو، سالن جي اڌ ڏينهن کان ه گهڻا ڏينهن روزي ۾ گذاريندو هو. دعائن گهرڻ ۽ زياتن ڪرڻ ۾ ڪا اهڙي مهارت حاصل ڪري ويو هو، جو  ڪيترا خاندان ۽ ڪامورا جڏهن  به ڪنهن مشڪل ۾پوندا هئا ته حاجي صاحب کي گهرائي، درگاهن تان دعا گهرڻ لاءِ عرض ڪندا هئا. خانبهادر نبي بخش، محمد حسين ۽ خانبهادر عبدالقادر سندس خاص معتقد هئا. ٻيا به ڪيئي ماڻهو سندس پڇائون ڪندا وتندا هئا. کيس ان ڪري پئسو به چڱو ملندو هو، جنهن ڪري سندس گذران سکيو ٿيندو هو. هو طمعي ڪو نه هو، محبتي ۽ درويش صفت انسان هو. مخدوم بلاول جي درگاهه تي، شاهه حيدر عليھ رحمت جي مرشد جي درگاهه هئڻ ڪري، اسان جي طرف جي آمدرفت ۽ اعتقاد گهڻو هوندو هو ۽ هي اسان جي ڀر ۾ رهندڙ هو، تنهنڪري ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون، فقير صاحب 2 ذوالقعد 1344هه تي وفات ڪئي. درگاهه مخدوم بلاول جي مسجد جي پويان دفن ٿيل آهي، کيس ميان شفيع محمد نالي فرزند ٿيو، جو هاڻي پيرسن ٿي ويو آهي آخر عمر ۾ لڏي ، هو بدر لاکي جي ڳوٺ (تعلقي هالا) ۾ وڃي ويٺو هو. حاجي صاحب مرحوم جو منهنجي والد سان خاص رستو هو. عمر جو گهڻو وقت سن جي ڳوٺ ۾ گذاريائين.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو