بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Mahmood Faqir Khatyan محمود فقير کٽياڻ

محمود فقير کٽياڻ
       
سدوري ۽ سڀاڳي سنڌ، ماضي توڙي حال ۾ اهي اديب، شاعر ۽ سگهڙ پيدا ڪيا آهن، جن جي اڳيان جواهر به جهڪا لڳن ٿا. ڀاڳن  ڀريءَ سنڌ ۾ هن کان اڳ جيڪي به شاعر پيدا ٿيا آهن، سي ڪنهن کان ڳجها ڪين آهن. ائين برابر آهي ته اڄ هو پاڻ پنهنجي خاڪي جسم سان اسان وٽ موجود نه آهن، مگر سندن قربن ڀريو ڪلام صبح ۽ شام، خاص ۽ عام جي زبان اُچاري ٿي. هو پنهنجي شعر ۾ اهڙو ته ڪو ميٺاج ڀري ويا آهن، جنهن جي پڙهڻ سان پڙهندڙ جي دل، اڄ به مسرور ٿيو وڃي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليھ الرحمة ته شاعرن جو سرتاج آهي، جنهن جو شاهاڻو ڪلام، سچل جون سرمستيون، روحل جا راز، انهن کان پوءِ جي عارفن جا ڪلام، ڪنهن کان ڳجها نه آهن، يا هيئن چئجي ته سونهاري سنڌ ۾ روحاني رازن جي ڄاڻن جي ڪمي ڪانهي؛ جن مان محمود فقير کٽياڻ به هڪ آهي، جو سنڌ جو هڪ زندهه دل سگهڙ ٿي گذريو آهي، ۽ جنهن جو ڪلام زماني جي لاهين چاڙهين ۽ ڪجهه پنهنجن جي بي توجهي ڪري، اڄ تائين منظر عام تي اچي نه سگهيو  آهي. الله پاڪ  توفيق ڏئي سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي، جن انهيءَ ڏس ۾ قدم کڻي ڪيترن ئي اهڙن ڪتابن کي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جن لاءِ يقين هو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن؛ اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويندا.

حسب نسب ۽ جاءِ پيدائش
محمود فقير جي پيءُ جو نالو ”علي خان“ هو، ۽ علي خان، هئيبت خان جو پٽ هو. محمود فقير ذات جو کٽياڻ هو ۽ سندس پاڙو هئيبتاڻي ڪري سڏبو آهي. علي خان جي شادي رند بلوچن مان، زرناز نالي هڪ نيڪ ۽ پارسا عورت سان ٿي، جنهن جي بطن مان محمود فقير پيدا ٿيو. کٽياڻ،(1) اصل ۾ لفظ ”کيتراڻ“ جو سڌريل اُچار آهي، کٽياڻن جو اصل وطن سبيءَ لڳ ’بار خان علائقو آهي، جتي بلوچن سان ڀيڙا رهندا هئا. کٽياڻ بلوچن جا ساٿي هئا، تنهنڪري ٽالپرن سان گڏ سنڌ ۾ آيا، ۽ جدا جدا هنڌن تي اچي ڳوٺ ٻڌي ويٺا.
ميرن جي عهدِ حڪومت ۾ کٽياڻ جنگي کاتن ۾ وڏن عهدن تي هوندا هئا، ۽ بهادريءَ جي ڪري مير صاحبن جا مقبول سپهه سالار ليکجڻ ۾ ايندا هوا جنهنڪري کين مير صاحبن وٽان ڪيتريون جاگيرون انعام مليون، جي اڃا تائين سندن پوين جي هٿ ۾ آهن. کٽياڻ قوم ۾ ڪي سگهڙ به پيدا ٿيا، جن مان پهريون محمود فقير ٿيو. سندس ڄمڻ جو هنڌ، ڳوٺ سليمان کٽياڻ، هالا تعلقي ۾ هڪ وسيل ۽ آباد ڳوٺ آهي، جو سنڌ جي شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله جي ڄمڻ جي هنڌ، ”ڳوٺ ڀين پور(2) ’حــــيـدرآباد جي بلڪل قريب يعني ٻن ٽن نمبرن جي پنڌ تي آهن. شايد اهو شرف الله تعالى انهيءَ زمين لاءِ مخصوص رکيو آهي ته هن معدنِ حڪمت مان ڪنهن مقرر وقت تي ماڻڪ پيدا ٿيندا رهن.
فخر جو باعث آهي جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ محمود فقير کٽياڻ، قريب قريب هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهن. ازانسواءِ، ساڳئي ڳوٺ سليمان کٽياڻ ۾، ٻيا به کٽياڻ سگهڙ پيدا ٿيا، جن مان فقير صاحب محمد فقير صوفي به وڏو ناليرو ٿي گذريو آهي، جنهن جو مجمع ڪلام تازو شيداي ادب جناب مخدوم محمد زمان ”طالب المولى، ”منطوق محمدي“ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي. مطلب ته ڀٽائي عليھ الرحمة، محمود فقير ۽ محمد فقير صوفي ٽيئي پاڙيسري ۽ هموطني ٿي گذريا آهن. گويا هڪڙي ئي کوهه جو پاڻي پي پليا ۽ وڏا ٿيا.

ولادت ۽ وفات
محمود فقير کٽياڻ جي نه ڄمڻ جي تاريخ جي ڪا  پوري خبر آهي، نه وري سندس وفات جي تاريخ جو ڪو پتو پوي ٿو. فقير جو پٽ؛ محمد خان تصديق ڪري ٿو ته ”آءٌ اڃا ٽن چئن سالن جو مس ٿيو هوس، والد مرحوم هن فاني جهان مان رحلت فرمائي.“ فقير جي پٽ ميان محمد خان جي عمر هن وقت پنجاهه سال کن ٿيندي. ان مان سمجهجي ٿو ته مرحوم محمود فقير 1852ع ڌاري ڄائو هو، سال 1907ع ڌاري گذاري ويو آهي.
جيئن ته ٻين به ڪيترن بزرگن، جهڙوڪ رئيس محب علي خان کٽياڻ جنهن جي عمر هن وقت اسي، نوي سال کن ٿيندي، ۽ ٻيو فقير علي بخش خان هوت، جنهن کي عام طور ”گورک فقير“ چوندا آهن، جنهن جي عمر هن وقت هڪ سئو ست سال کن آهي، تن به مٿينءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. ”والله اعلم.“
فقير جي والده جو نالو مائي زرناز هو، جا رند قوم مان هئي ۽ فقير جي پيءُ علي خان، اها شادي لاڙڪاڻي طرف جي رندن مان ڪئي هئي، جي زماني جي لاهين چاڙهين ڪري، لڏي اچي حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ موسو خان کٽياڻ جي ڀرسان، ڪجهه وقت لاءِ ويٺا هئا. فقير جي پيءُ علي خان اها شادي، تمام گهڻين ميڙين منٿن بعد ڪئي هئي: پهريائين ته رند اصل نابري واري ويٺا، پر پوءِ چون ٿا ته علي خان جي پاران ڪا مائي، جنهن جو رندن سان به گهاٽو تعلق هو، اها اُنهن وٽ قرآن پاڪ ميڙ کڻي ويئي، جنهن تي رندن مس مس هائوڪار ڪئي.
جيئن ته محمود فقير جي ماءُ رندڻ هئي، تنهنڪري محمود فقير رندڪي بلوچي ٻولي به سکيو ۽ اُن ٻوليءَ ۾ به ڪيترو ڪلام چيائين، جو هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي. جنهن جي پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته محمود فقير کي رندڪي بلوچي ٻوليءَ تي به ڪافي عبور حاصل هو. ڪلام جي رواني به اهڙي آهي، جو ڀانئجي پيو ته فقير ڪونج بلوچ هو.
وفات بعد، مرحوم محمود فقير کي پير حاجي رتراڻي واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو. اهو قبرستان، ڳوٺ ابو طالب سپيو ۽ ڳوٺ موسى خان کٽياڻ جي وچ ۾ واقع آهي.
ارمان جي ڳالهه آهي، جو سندس پٽن قاسم فقير ۽ محمد خان (جي اڃا حيات آهن) کان ايترو به ڪونه پنو، جو فقط مرحوم (پيءُ) جي وفات جي تاريخ، مهينو ۽ سال ڪنهن سر تي لکائي قبر تي هڻائي ڇڏين ها! ڀانئجي ٿو ته مرحوم محمود فقير ائين ڪرڻ کان کين روڪي ويو هو! جيڪڏهن فقير جي وفات جي تاريخ لکيل هجي ها، ته به جيڪر هن ڪتاب ۾ اهڙي ادبي ۽ تاريخي ضرورت جو خيال رهجي نه وڃي ها. مرحوم محمود فقير جي وفات بابت گهڻي ئي روايتون ڪيون وڃن ٿيون. فقير اڳواٽ ٻڌايو ته ”آءٌ سڀاڻي يا پرينءَ هيءُ جهان ڇڏي ويندس، منهنجي وفات واري ڏينهن جهڙ ٿيندو ۽ برسات پوندي وغيره.“ انهن ڳالهين جي پوري تحقيقات نه هئڻ ڪري هتي تفصيل ڏيڻ کان پرهيز ڪئي وڃي ٿي.
چون ٿا ته پڇاڙيءَ جو فقير کي بڙدو واءُ جي بيماري ٿي پئي هئي، جنهن کيس لاچار ڪري ڇڏيو ۽ جنهن لاءِ فقير، حاذق حڪيم پير صاحب حاجي علي مردان شاهه وٽ به ويو هو ۽ پير صاحب جن کي انهيءَ موذي مرض جي دوا درمل ڪرڻ لاءِ سارو احوال هڪ ڪافي جي صورت ۾ عرض رکيو هئائين. اها ڪافي هيٺ ڏجي ٿي:
ڪافي
سائين پير حاجي علي مراد، لاهي دک درد!
الله لڳ عرض، اٿوَ اهو فرض.

 
ٿي ويو الست کون آواز، شان تنهنجو آ ”شهباز“
روضي ڌڻيءَ
(1) جا آهن توتي راز، لاهه بيماريءَ جو هي بڙد(2) (2)

 
حاجي علي مرد جي مڙسي، توڙ تائين تن درسي،
قائم تنهنجي سدا ڪرسي، قلندر ڪاٽيندءِ قرض.
سڃاڻج نينهن جو ناتو، ڪجان پنهنجي وس جو ڄاتو،
آهين سردار جو سُجاتو، دولهه پير لاهه هيءُ درد!
دست مبارڪ تنهنجي هٿ، ڏني اٿئي شاهه گهڻي شفقت،
رب جي وسئي شل رحمت، ميٽ محمود جو هيءُ مرض!

 
فقير مرحوم شعر تي ڇٽڪندو هو ته اصل هليو! ڪهڙي به موضوع تي، ڪهڙي به نوع تي، ڪهڙي به طرز تي، ڪهڙي به نظاري تي، صرف سندس ڪڇڻ جي دير هوندي هئي. ڪلام چوندي کيس محبت الاهيءَ جو ايڏو ته غلبو ٿيندو هو، جو سندس سارو جسم پگهر ۾ شل ٿي ويندو هو.

پرورش ۽ پالنا
جيئن ته محمود فقير وچولي طبقي جي گهر ۾ پيدا ٿيو هو، تنهنڪري ننڍپڻ ۾ ئي سندس سنڀال ۽ خاطرداري چڱي نموني ۾ ٿيندي رهندي هئي. مگر قضا الاهي جو پاڻ اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد علي خان کيس جدائيءَ جو داغ ڏيئي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. (انالله وانااليھ راجعون) جنهنڪري محمود فقير يتيم ٿي پيو ۽ سندس سنڀال ۽ پرورش جو سارو بار، سندس مهربان مادر، مائي زرناز جي سر تي اچي ويو، جنهن محمود فقير جي سنڀال ۽ پرورش ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪانه ڪئي. فقير جو چاچو بچل خان، اُن وقت حيات هو، مگر اهو به سندس پرگهور ڪانه لهندو هو ۽ پنهنجيءَ ۾ ئي پورو هوندو هو. عيد براد، رڌيءَ پڪيءَ مان ڪا چونگي کڻي ڏيندو هون، ته ها، نه ته ٻيو ٿيو خير! محمود فقير جو پنهنجي چاچي بچل خان سان گهڻو پيار هوندو هو ۽ وقت به وقت سندس ساراهه مان نه ڍاپندو هو ۽ ڪٿي ڪٿي ته ڪلام ۾ به چٽيءَ طرح پنهنجي چاچي بچل خان جي شان ۽ دٻدٻي جي وضاحت به ڪئي اٿس. ملاحظه لاءِ هيٺ هڪ شعر ڏجي ٿو (اهو بچل خان جو ذڪر هڪ اهڙي شعر ۾ آيو آهي، جو در حقيقت گنگو مينگهواڙ جُتي ٺاهڻ ۾ دير ڪئي، تنهن جي هجو ۾ فقير صاحب لکيو هو) ٻه بند نموني طور هتي ڏجن ٿا:
هئبتاڻين ۾ هزارو، سو بچل بلي زور،

 
طاهر، طيب پيراڻي جا پٽ، ماڻهو تنهن وٽ مور،

 
بَگا ٻُگدي اُٺ انهيءَ جا دنيا تنهن وٽ دور،

 
اڻ ڏڌيون ٿيون پهرن اسان جون، مينهون ڍڳا ڍور،

 
تيز ترايون روپي ڳن سان جن سان، چُور ڪريون ٿا چور،

 
تون نانگا ٿيءَ نه نور، جُتي اسان کي جوڙي ڏي.

 
محمود فقير جو پيءُ علي خان به ڀريو ڀُڪلو گهر ڇڏي ويو هو، تنهنڪري سندس آل و عيال کي پنهنجي گذران ۾ ڪا خاص تڪليف ڪانه هوندي هئي. پنهنجو ٻني ٻارو ڪندا هئا، وهٽ وانا ۽ مال رزق وٽن ڪافي هو. مطلب ته محمود فقير تمام چڱي نموني سان نپنو ۽ وڏو ٿيو.
سندس چاچو بچل خان، هڪ سادو سودو ۽ مستانو ماڻهو هو. محمود فقير کي وقت سر پيو ڀائيندو به هو؛ تاهم به ائين چئي نٿو سگهجي ته ڪو خاص طرح محمود فقير جي سار سنڀال ڪئي هئائين. هو پنهنجيءَ ۾ ئي پورو هو.

شادي ۽ اولاد
محمود فقير صرف هڪ ئي شادي پنجويهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي عزيزن مان ڪئي. شادي ڪرڻ کان اڳ، فقير جي والده صاحبه پڻ گذاري ويئي هئي. فقير جو پنهنجي رفيقئه حيات سان گهڻو پيار هوندو هو، ۽ ائين به نه هو ته ڪو گرهستي ٿيڻ ڪري، سندس فقيري رمزن ۾ ڪو ڦيرو آيو. فقير پنهنجي گهرو زندگي تمام چڱي نموني ۾ گذاري ڳوٺ راڄ، پاڙي پتي، سيا شريڪ سان ننگ پهت ۾ هوندو هو ۽ گهرو گهرجن ۽ ڪار وهنوار ۾ به هميشه سچيت ٿي رهيو.
محمود فقير کي جملي چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون، جن مان ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون، ڪي ننڍي هوندي ۽ ڪي جوانيءَ ۾ اچي، گذاري ويا، باقي پٽ (قاسم فقير ۽ ٻيو محمد خان) ۽ هڪ نياڻي اڃا تائين حيات آهن، جي پنهنجي زندگي چڱي نموني سان گذاري رهيا آهن، سڀئي هن وقت ڳوٺ موسى خان کٽياڻ ۾، سنڌي اسڪول سان لڳ رهن ٿا. کين ٻه ٽي نمبر زمين جا آهن. هڪ ٻيرين جو وڏو باغ آهي. مال رزق، ڏڌ مکڻ پنهنجو مَئو اٿن. ٻني ٻارو پاڻ پوکين نه ڪنهن کي ڏين، نه ڪنهن کي ڏکوئين. ٻئي شادي شده آهن. وڏي پٽ قاسم جي پهرين گهر واري گذاري ويئي، تنهن بعد ٻي شادي ڪئي اٿس ۽ انهيءَ پوئين گهر مان کيس هڪ پٽ ٿيو آهي، جنهن جو نالو به ”محمود“ رکيو اٿس. قدرتاً ان معصوم کي به هينئر کان ئي راڳ سان پيوند اهڙو آهي، جو صبح جو جڏهن اسڪول جا ٻار اسيمبلي وقت راڳ ڳائيندا آهن، تڏهن پيءُ کي چوندو آهي ته ”بابا هلو“، پوءِ پڻس کڻي اچي کيس ٻارن جو راڳ ٻڌائيندو آهي. سمجهجي ائين ٿو ته شايد کيس فقير جي نالي ڇڪ ڪئي آهي. ٻئي پٽ محمد خان چار شاديون ڪيون، جن مان ٽي گذاري ويون، تنهن ڪري چوٿين شادي جولاءِ 1954ع ۾ ڪئي اٿس. محمد خان کي پهرين ٽن شادين مان اولاد گهڻو ئي ٿيو، مگر هن وقت فقط ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي اٿس ۽ سندس ٻئي پٽ اسڪول ۾ پڙهي رهيا آهن.
محمود فقير جي ٻنهي پٽن قاسم ۽ محمد خان مان، محمد خان بلڪل خوش مزاج ۽ رلڻو ملڻو آهي. کيس راڳ سان بلڪل گهڻو چاهه آهي، پنهنجي پيءُ  (محمود فقر) جو به ڪيترو ڪلام ياد اٿس. از ان سواءِ، پاڻ به سٺو سگهڙ آهي. کيس سئنيما ڏسڻ جو به بلڪل گهڻو خفت آهي. ذهين وري اهڙو آهي جو هڪ واري ڪابه فلم ڏٺائين ته انهيءَ فلم جي سڄي اسٽوري ۽ گانا ياد ٿي ويندس ۽ وتندو ڪچهرين ۾ ماڻهن کي ٻڌائيندو.
گذران لاءِ ڍڳي گاڏي وهائيندو آهي ۽ ڏاڪ (لڪڙي يا ڪاٺين) جو واپار به ڪندو آهي. هي مولائي مرد ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي. سندس ڪچهريءَ ۾ هميشھ راڳ ئي راڳ هوندو. پنهنجي پيءُ مرحوم محمود فقير جو ڪلام، يا سندس پنهنجو ڪلام، يا فلمي گانا هوندا. مطلب ته محمد خان کي راڳ بلڪل جيءَ ۾ جاءِ ڪري ويو آهي. پاڻ به ڪيترا ڪلام ۽ ڪافيون ٺاهيون اٿس، پنهنجي هڪ ڪافيءَ ۾ دلبر جي حسن جي تعريف اجهو هيئن ٿو ڪري:
ڪافي
اهڙا به حسن دلبر دا هئي،
شمس قمر
  وانگون ٻلدا هئي.

 
ابرو سيف آهن ايراني،
جنهن دل ميڏي ڪئي ديواني،
”محمد“ ڪر تون ذوق زيارت،
هئي جا ساري الف عنايت،
پائي پوش پردا هئي.

 
ٻئي هنڌ وري ڪلام ۾ هيئن چوي ٿو:
ذوق زيارت جي ذري لئي دلڙي ٿئي ديواني!
ڏونگر ڏورڻ آيو جانب ڪارڻ جيڏيون،
گهورينديس جندڙي آءٌ پنهل تان قرباني!
”محمد“ تي ڪر ڪا مولا تون ماڙ مهر جي؛
”موج“ علي شاهه مرشد جي آءٌ پسان پيشاني!

 
هڪ هنڌ ”من عرف نفسھ فقد عرف ربُھُ“ لاءِ اجهو  هيئن ٿو چوي ۽ ”پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ“ لاءِ به تاڪيد ٿو ڪري:
سير سري وچ ڪر تون سارا،
ڏوجهي گهر ڪيا ڪرناري !
ويک وجود وچ کول پسارا،

 
جس وچ جانب ڪا جنسارا،
مار منافق اول اماره
مام انهين وچ مرنا ري!
ڏوجهي گهر ڪيا ڪرنا ري!
آپئي آپ ڪيون آپ وکاوين،
دنيا فاني ڪر ڪر ڀاوين،
حيرت حسن وچ چل چل جاوين،
دام انهين وچ ڌرنا ري!
ڏوجهي گهر ڪيا ڪرنا ري!
”محمد“ مام محبت دي وس تون،
قرب هادي دي نال جو ڪس تون؛
گولي ٿي گوندر وچ گس تون،
گام انهين وچ گهارنا ري!
ڏوجهي گهر ڪيا ڪرنا ري!

 
محمد خان جي انهيءَ ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس پنهنجي پيءُ کان ئي اها ڏات ملي هئي. محمد خان جو ٻيو به ڪيترو ئي شعر هو، جو سندس چوڻ آهي ته مون کي وسري ويو آهي، ۽ زماني جي لاهين چاڙهين ۽ ڏکن سورن ڪري مون کان اها مام ڇڏائي ويئي آهي، باقي سندس ٻيو پٽ قاسم فقير، سو راڳ روپ ۽ دنيا جي ٻئي هر شوق کان پري آهي، کيس سدائين مال ملڪيت وڌائڻ ۽ اُن جي سار سنڀال جي اون آهي، جنهن ڪري هو پوريءَ طرح پنهنجي پيرين سيرين آهي. مگر ان هوندي به کيس ڪا وڏائي يا فخر اصل ڪونه آهي، هر وقت پنهنجي ڌنڌي ۾ ئي رڌل رهي ٿو.

شخصيت ۽ اخلاق
محمود فقير ننڍي لاڪر ئي خوش مزاج ۽ رلڻو ملڻو هوندو هو. خنده پيشاني ته ڄڻڪ سندس ورثو هئي. کل مک ۽ چرچائي به هڪڙو ئي هو. سندس چرچا سهڻا ۽ کلائيندڙ هوندا هئا. ڪچهريءَ ۾ آيو ته سڄي ڪچهري پيئي ٻهڪندي هئي. بعضي بعضي ته پنهنجي مٽن مائٽن ۽ خود والده صاحبه سان به شائسته چرچي ڪرڻ کان ڪين گسندو هو. سندس ڪلام پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان جو وڏو ڀاڱو، رڳو مزاحيه ڪلام آهي.
چون ٿا ته پاڻ حقي جو ٻانڌاڻي هو، ۽ ٿورو ڀنگ چڪو به پيئندو هو. سادگي پسند ۽ ٿورو گهرجائو به هڪڙو ئي هو. کيس جيڪي به ڪٿان ڪو  مراد طور مليو، ته ڏينهن ٻن ۾ کائي کپائي ڇڏيندو هو. ڪڏهن به دولتمند ٿيڻ جي خواهش ڪانه ڪيائين.
جيئن ته فقير جي سڄي ٻانهن واري هٿ ۾ ڪجهه ڦير (ور) هوندو هو، تنهن ڪري سندس ڪي جو، جيس طنزيه طور کيس ”ٺونٺو“ چوندا هئا.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته فقير ٽنڊي محمد خان جي پاسي ويو. اتي مسخريءَ ڪندي درگي نالي هڪ مسخري، فقير سان چرچو ڪيو ته ”ڏسو آيو آهي ٺونٺو“ بس، مسخري جو ائين چوڻ ۽ محمود جو مٿس هيٺيئن طرح طنزيه وار ڪرڻ:
ٺونٺو مَ چئو ٺڪر کي، هيءُ اٿئي مست مواڙ،
ڀٽ اٿئي بوداڻين جو، ڪشت ڪٽيندئي ڪياڙ،
مسخري ڪر ماڻهين سان، گهر وڃي ڪرجاڙ،
هاڻي جٺ ڪرين ٿو جاڙ، دُرگا رکج دل ۾.

 
بس فقير کان ٺهه پهه جواب ٻڌي، درگو هڪدم اچي فقير کي پيرين پيو، ۽ معافي گهريائين.
فقير ڪافيون ۽ ڪلام ڪنهن يڪتاري وغيره تي ڪونه ڳائيندو هو. جوش ايندو هوس ته ائين کڻي ڪن تي هٿ رکندو هو.
فقير علي بخش خان هوت عرف ”گورک فقير“ جو چوڻ آهي ته هڪ دفعي سياري جي موسم هئي ۽ کٽياڻن شهر جي ڀرسان، (جتي هينئر فقير جا پٽ رهن ٿا) هڪ دڙو هوندو هو. هڪ دفعي سڄي رات فقير بيٺي ڳايو، ويندي ٻئي ڏينهن شام تائين. انهيءَ سڄي وقت ۾ کيس ٿڌ ۽ سيءَ جي ڪابه پرواهه ڪانه هئي.
فقير اڻ پڙهيل هو پر سندس شعر، اها ساک ٿو ڀري ته محمود فقير تي بيشڪ الله پاڪ جا احسان هئا. محمود فقير کي سير و سفر جو شوق گهڻو رهندو هو ۽ هميشھ وتندو هو گهمندو. خاص ڪري ٿر ۽ ناري جي پاسي گهڻو ويندو هو. اُتي اڃا تائين سندس ڪيترا معتقد رهن ٿا، جي اڄ به فقير جي محبت ۽ رهاڻ ڪچهري ۽ قرب جي ساراهه جا ڍڪ ڀرين ٿا. جن مان خاص طرح مرحوم شاهه محمد خان ڀرڳڙي زميندار به هڪ هو ۽ هن وقت سندس پويان، جن فقير سان محبتون ڪيون سي اڄ به اهي قصا ڪندا آهن.
چون ٿا ته هڪ ڀيري فقير جڏهن ايڏانهن ويو، ۽ انهن ڀرڳڙين جي ڳوٺ وٽان لنگهيو، ته اتي شاهه محمد خان (جو هاڻي فوت ٿي ويو آهي) هر پئي ڪاهيو ۽ سندس ماني ٻيو همراهه (جو پڻ سندس ئي عزيز هو) کڻي آيو هو. شاهه محمد خان؛ محمود فقير سان ملي، خوش خير عافيت ڪئي ۽ پاڻ سان گڏي ماني کارايائينس ۽ شربت جيڪو سندس لاءِ آيو هو، سو به پياريائينس. موڪلائڻ وقت فقير کي چيائين: ”سائين الله کان پني ڪا دعا ڪريو، ٻيو اسين ته هاڻي هر هلائي مري ويا آهيون.“ فقير هٿ کڻي الله اڳيان هن جي حق ۾ دعا گهري. رنگيءَ جا رنگ نرالا آهن، ڏاتار ڏيڻ تي اچي ته وٽس ويرم ڪانهي! اهو ساڳيو شاهه محمد خان جلد ئي وڏو زميندار ٿي پيو- چار پنج هزار ايڪڙ زمين جا پنهنجا خريد ڪيائين، جي اڄ تائين سندس پوين جي هٿ ۾ آهن؛ جن مان رئيس رضا محمد خان ۽ رئيس نورمحمد خان اڃا حيات آهن. ۽ جيڪي اڃا تائين محمود فقير جي پٽن کي سنڀاليندا اچن ٿا. جيڪڏهن منجهن ڪا شادي ٿي يا ڪنهن کي پٽ ڄائو ته اڄ به محمود فقير جي پٽن کي اُٺ، گهوڙو يا ڪو ٻيو وهٽ ڏيئي ويندا آهن، اڳي ته ٻارهين ٻارهين مهيني، فصل لهڻ تي رئيس شاهه محمد خان پاڻ فقير جي پٽن ڏانهن خرار ٻه ان جو موڪليندو هو، ۽ ٻي به هر طرح سندن مدد ڪندو هو.
فقير بت قد ۾ پورو پنو هو، مٿي تي اڪثر وڏو پٽڪو ٻڌندو هو. سلوار گهڻو ڪري ڪاري ۽ ڪپڙ جو ڊگهو اڇو پهراڻ(1) (1) پائيندو هو. کيس وڏائي ۽ فوقيت اصل ڪانه هوندي هئي ۽ گهوڙن سان سندس ڏاڍي دل هوندي هئي. سير سفر تي ويندو هو ته به گهوڙو ساڻ هوندو هوس. اڪثر ڪري مهينو مهينو ٻاهر سير سفر ڪري، پوءِ موٽي گهر ايندو هو. جيڪي به ملندو هوس، سو آڻي ٻچن اڳيان حاضر ڪندو هو، اهو کائي کپائي، پوءِ وري سير تي هليو ويندو هو. کيس گذر اوقات جو خاص فڪر نه هوندو هو، سدائين مست ٿيو پيو گهمندو هو.
اڪثر مٺ جيڏي وڏي سونهاري رکندو هو ۽ ڪلهن ۾ اجرڪ يا ٻي ڪا ڪپڙ جي چادر ڍڪيندو هو. ننڍي کان ئي تيز فهم ۽ ذهين هوندو هو. راڳ سان ته ننڍي لاڪر ئي خاص دلچسپي هوندي هيس، عاشق طبع ۽ حسن جو ته طالب هوندو هو. ڪٿي به ڪا سهڻي صورت ۽ موهڻي مورت ڏٺائين ته هڪدم مفتون ٿي پوندو هو. سندس محبت پاڪ، ۽ نظر نيڪ هوندي هئي. هڪ دفعي نبيسر جي پاسي ويو، اُتي ڪن حسين زالن کي ڏٺائين، جي کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي رهيون هيون، تن کي ڏسي، بي اختيار چئي ڏنائين:
ديدن ڪيا درسن، اڄ ڀيڄ ڀنيءَ برسن،
ماڙيڇا منهنجا موهر ۾، شل پاڙيچا پرچن!

 
چوڙيليون اڄ چاهه منجهان ٿيون، ڪاهه ڪيو ڪڙڪن،
ڪونجن وانگي ڪر کنيو ٿيون، تڙ مٿي ترسن،
گهڙا جنهين جا گوهر گهگهريون، مٿن تي مرڪن،
سينهوڙيون اٿن سوکڙيون، سي جنهنور جيئن جهرڪن.
نبيسر جو نام ڪٺيون ٿيون دام وجهن دواليون،
جادوءَ ساڻ جمال جون زور هڻن زاليون،
رنگ ڀريو آهن ريتيون تن جون چست چڱيريون چاليون،
ٿر ٿوهر هڪ مانڌاڻن ۾، ويڙهيچا وڙڪن.

 
فقير جي طبيعت  ۾ مزاح کي به دخل هو، اڪثر چرچي سان دل وندرائيندو هو. ڪاوڙ ته سندس من ۾ هئي ئي ڪانه. چون ٿا ته سير ڪندي هڪ دفعي فقير وڃي ٽنڊي محمد خان ۾ نڪتو. اتي، ”بيگم“ نالي هڪ ڪڃريءَ پئي ڳايو. فقير کي ان جو راڳ ڏاڍو پسند آيو. فقير به حسن پرست ته اڳي ئي هو، سو بيگم جو هار سينگار ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو. بيگم کي جو خبر پئي ته هي محمود فقير آهي، تنهن سندس ڏاڍي آجيان ڪئي ۽ فقير کي ٻه ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رهائي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن انهيءَ بيگم ڪڃريءَ وٽ ٻي ڪا ڳائڻي آئي، ۽ هن درويش کي ويٺل ڏسي بيگم کان پڇيائين ته ”هيءُ ڪير آهي؟“ بيگم ورنديءَ ۾ چيس ”هيءُ محمود فقير کٽياڻ، شاعر آهي، ۽ ڏاڍو پهتل فقير اٿئي!“ تنهن تي ان خنده طور چيس ته ”واهه جو شاعر ويهاريو اٿئي، سهڻو به ڏاڍو آهي، هٿين پيرين ملوڪ!“ مطلب ته محمود فقير تان ڪي ئي چٿرون ڪرڻ لڳي ۽ محمود فقير کي چيائين ته ”شاعر فقير اهڙو جي شاعر آهين ته مون تي ڪو اتي جو اتي شعر ٺاهه.“ بس ان جو ايترو چوڻ ۽ محمود فقير جو هيستائين ماٺ ڪيو ويٺو هو، تنهن جو شروع ٿيڻ:
اوهين رنگيليون ٿيون رنگ ڪيو، ويس اوهان جا سٺا،
پٽ هنڊايو کٽ چڙهي، ڏينهن نه ڏسو ڏکيا،
ڳڀرو اوهان لڀئي ڳوٺن مان پيا اچن ٿا تکا،
مستانو ”محمود“ چوي اوهين لوڙيو پيئيون لکيا.

 
بس فقير جو ايترو چوڻ ۽ اُن جو ڊوڙي اچي کيس پيرين پوڻ ۽ ٻانهون ٻڌي فقير کان پنهنجي ڪيل گستاخيءَ لاءِ معافي گهريائين.
اها بيگم، فقير ۾ ايترو ته اعتقاد رکندي هئي، جو سندس مريدياڻي ٿي ۽ ٻارهين مهيني فقير وٽ ڳوٺ اچيو راڳ جي چونڪي به ڏيندي هئي ۽ ڪجهه نه ڪجهه نذرانو به اچي عرض رکندي هئي.
حسن پرستي
محمود فقير جا هم عصر ۽ پويان سڀئي، اها ڳالهه متفق طور چون ٿا ته فقير ڏاڍو حسن پرست هوندو هو. سندس اها حسن پرستي به پاڪ هوندي هئي؛ ڇاڪاڻ ته ايڏو حسن پرست هوندي به کيس دنيا جي ڪنهن به موهه ڪونه ٺڳيو ۽ هميشھ پاڪ نظرن سان حسن واري  ماڻهوءَ ڏانهن ڏسندو هو. سندس خاص عشق ڳوٺ موسى کٽياڻ ۾ ويٺل مڱڻهارن مان هڪ ڇوڪر محمد نالي سان هوندو هو. معلوم هجي ته اهو مڱڻهار محمد ڇوڪر ڪو اهڙو خاص سهڻو به ڪونه هو؛ تاهم فقير جو ساڻس ڏاڍو پيار هوندو هو. چون ٿا ته فقير چوندو هو ته ”ابا منهنجو ته محمد  جي نالي سان پيار آهي.“ روايت آهي ته انهيءَ محمد ڇوڪري جي ماءُ مهر، فقير کي گاريون ڏيندي هئي، تڏهن به فقير انهيءَ پاڪ عشق کان پير پرانهون نه ڪيو. آخر ڇوڪري جا مائٽ، ماڻهن جون اُبتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌي، تمام گهڻو ڪاوڙيا ۽ فقير کي چيائون ته ”هن کان پوءِ اسان جي گهر نه ايندو وڃ!“ مگر جنهن کي عشق جي لهر لڳل هئي سو ڪٿي ٿو رهي. فقير انهن مـڱڻهارن جي در تي بيٺو ئي هوندو هو. هڪ رات فقير اچي پنهنجي محبوب محمد جي کٽولي جي مٿان ڳائڻ لڳو. مڱڻهارن کي به فقير جي ڳائڻ جو آواز ڪن پيو، سي اُٿي ٿيا کڙا ۽ فقير کي اچي ڏنڊن سان ورتائون، فقير اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت،  نڪي ڊنو، نڪو ڀڳو“ ماٺ ڪيو، بيٺي ڌڪ جهليائين. جڏهن مڱڻهار کيس ماري ماري ٿڪا، تڏهن فقير بي اختيار هيٺيون شعر چوڻ لڳو؛
شعر
جيڪو راهه عشق دي ڊاهه گهتي،
تنهن موج علي شاهه
  ٽنگي!
جهٽ اوڻ دي گهٽ پراوڻ،
پت سٽان سڀ منگهي.
مور نه ڇوڙان محمد ڪون،
ورت وڪوڙ چا ونگي!
ميدان جهلي ”محمود“ کڙا،
ته به در دهلاري دي دنگي.

 
جڏهن محمود فقير جي مائٽن مِٽن کي اها خبر پئي، تڏهن کيس سمجهائڻ لڳا ته ”واهه جو فقير ٿيو آهين! هاڻي موچڙا پيو کائين! مگر فقير اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ڇو ٿو. هو پنهنجي دستور موجب روزانو محمد ڏانهن پيو ايندو ويندو هو. سچ پچ ته سچن عاشقن کي دنيا وارن جون اهي ٽوڪون ۽ طعنا ڇا ڪندا! محمود جو عشق ڏينهان ڏينهن زور پوندو ويو. دوست ۽ ٻيا عزيز قريب، جڏهن کيس ڀؤن ڀون ڪريو اچيو وٺندا هئا، تڏهن کين چوندو هو ته:
مٺيون ڀايان ماکي مصري، ڳالهيون سهڻي يار جون،
ڳالهيون سهڻي يار جون، محمد مڱڻهار جون.

 
فقير جي ان پاڪ محبت نيٺ پنهنجو اثر ظاهر ڪيو، جنهن ڪري محمد ڇوڪري جي مائٽن ۽ ٻين ماڻهن کي به پڪ ٿي ويئي ته محمود فقير برابر درويش آهي، ۽ سندس عشق سچو ۽ حقيقي آهي. کيس دنيا جي ڪابه هوس ناهي. بس، پوءِ ته محمود فقير کي ڪابه جهل پل ڪانه هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته محمد جي گهر کان ٻاهر هڪ دڙو هوندو هو، اتي بيهي، سڄيون راتيون پيو ڳائيندو هو.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته برسات جي موسم هئي؛ مينهن پئي وٺو، مينهن به چئي ته ”اڄ نه وسندس، ته پوءِ ڪڏهن وسندس.“ فقير مڱڻهارن جي گهر ويو. مڱڻهارن وٽ به ڪاٺين جي تاڙ لڳي پيئي هئي، سو رونشي ۽ فقير جي پرکڻ لاءِ محمد کي چيائون ته ”فقير کي چئو ته هن مينهن وسندي اسان کي ڪاٺين جون ٻه ڀريون به آڻي ڏي ۽ کير جو دلو به آڻي ڏي، پر ائين جو ڪاٺين تي منهن جي ڦڙي به نه پوي، ۽ نه وري کير ۾ ڪا مينهن جي بوند پوي.“
تنهن تي محمد، فقير کي چيو ته ”اسان کي هڪدم سڪل ڪاٺيون به آڻي ڏي ۽ کير جو دلو به آڻي ڏي.“ محبت جو ماريو، مستانو محمود هڪدم وسندي ۾ گهوڙي تي چڙهي، ڳوٺ کان ٻاهر اچي، خيال ڪيائين ته جهنگ ۾ ته ڪاٺيون آهن، پر اهي سڀ پسي ويون هونديون، مون کي ته سڪل ڪاٺيون گهرجن، سو هڪدم آيو پنهنجي گهر، سندس گهر جو سينگار، جنهن تي سندس گهر واريءَ جو پيار، لعل هندورو ۽ لعل کٽ پيئي هئي؛ کڻنديئي ڪهاڙو پينگهو ۽ کٽ ڦوڙي، ڦوڙاٽيون ڪري ٻڌي، اُن جي مٿان ڳوڻين ۽ رلين جا تهه ڏيئي، ڪاٺين کي مينهن کان پسڻ کان بچائڻ جو پورو جتن ڪري، ڀري ٻڌي، گهوڙي تي چڙهي ٿيو روانو! گهر وارن گهڻو ئي سمجهايو، پر هن ڪنهن جي به نه ٻڌي. ۽ ڪاٺين جي ڀري آڻي يار جي اڳيان ڌريائين. مڱڻهار زالون توڙي مرد، سڀ حيران ٿي ويا ۽ پنهنجي اهڙي مذاق ۽ رونشي ڪرڻ تي ڏاڍو  پشيمان ٿيا! پر فقير جي عجيب ڪيفيت هئي، خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي! ڦوليو نه پيو سمائجي. من جو من ۾  پيو مرڪيو، پر اڃا به بس ڪٿي ٿو ڪري، هڪ فرمائش ته پوري ڪيائين؛ پر اڃا ٻي رهيل هئي، هڪ لمحو سهي، هڪدم وري به نڪتو ٻاهر ۽ گهوڙي تي چڙهي، ڳوٺ ابوطالب سپيو ڏانهن رخ رکيائين. سپيا به فقير جا پاڙيسري ۽ ڏيٺي ويٺي هئا، تن جو فقير کي ڏٺو، سي ڏاڍا خوش ٿيا. برسات جي مند، مينهن پيو وسي، هر ڪو پنهنجي ڪم کي ويسَهُن ڏيئي، پنهنجي مال رزق جي تَوڻ جي ڪري رهيو هو. فقير کي ڏسي ڪيترائي جوان اچي گڏ ٿيا. خوش خير و عافيت بعد فقير کان حال احوال ورتائون. فقير جو هيءُ ته معمولي ڪم هو، پر هتي مڃتا جو اهو حال هو، جو ماڻهو کيس اُٺ گهوڙا به ڪاهي ڏيندا هئا. سپيا به مڙس هئا سڪاريا ۽ ايمان وارا، تن هڪدم پنهنجون ڪاريون ۽ ڀوريون ڀٽاريون ڏهي، سڄا سارا ٻه دلا کير جا کڻي، فقير جي حوالي ڪيا. بس، پوءِ ته فقير اهي کير جا ٻه دلا وٺي، تن جا (مُئن) سان منهن بند ڪري ٻئي دلا کٿيءَ ۽ چادر سان ويڙهي سيڙهي کڻي وڌيائين خرزين ۾. گهوڙي کي هڪلي اچي مڱڻهارن وٽ پهتو ۽ لاهيندي ئي دلا کير جا، آڻي سندن اڳيان رکيائين. مڱڻهار حيرت ۾ پئجي ويا، منڱتا ڏس کڻي ته محمود تان گهور پيا ٿين ۽ فقير پاڻ به ڏاڍو سرهو پئي ڏٺو.
مطلب ته محمد مڱڻهار سان سندس اهڙي محبت هوندي هئي، جهڙي محمود جي اياز سان. محمد ڇوڪرو وڏو ڏاڙهيءَ سان ٿيو، سندس رنگ روپ بدليو، مگر فقير جي محبت ڪڏهن به نه بدلي ۽ ويران وير وڌ هوندي هئي. سچ پچ ته سچي ۽ حقيقي حسن پرستي به اها آهي.

معتقدي ۽ مريدي
محمود قفير جي همعصرن، مٽن مائٽن ۽ سندس پٽن جو چوڻ آهي ته فقير پهريائين لواري وارن بزرگن جو مريد هو.* پر پوءِ سگهوئي،  محمد مڱڻهار جي مرشد، پير موج علي شاهه ٽنڊي الهيار واري جو مريد ٿيو. ڇاڪاڻ ته مڱڻهار سڀ انهيءَ جا مريد هئا، تنهن ڪري فقير به پير سائين موج علي شاهه جي هٿ تي بيعت ڪئي.
فقير پنهنجي ڪلامن ۾ به هر هنڌ پنهنجي مرشد کي ساراهيو آهي. تنهن کانسواءِ پير سائين پاڳارن ڏانهن به سندس رغبت ۽ لاڙو هوندو هو، جيئن ته اڄ تائين به سندس پويان پير سائين پاڳاره جا مريد آهن. فقير پنهنجي مرشد موج علي شاهه جي شان ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بيت يا ڪافيون چيون آهن، جي هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن.
جن ماڻهن پير سائين موج علي شاهه کي ڏٺو هو، تن جو چوڻ آهي ته ”پير موج علي شاهه هڪ نيڪ درويش هو. عابد ۽ زاهد اهڙو هو، جو سڄيون سڄيون راتيون ڌڻيءَ جي ياد ۾  گذاريندو هو.
چون ٿا ته محمود فقير جڏهن پنهنجي مرشد وٽ ويندو هو، تڏهن کيس پنهنجو راڳ به ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي محمود فقير هڪ ڪلاڪ ۾ يارن (اصحابن) سڳورن جي نيڪي ۽ تعريف ڪئي، جنهن تي سائين پاڻ ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ چيائون ته ”محمود بيشڪ سچو فقير آهي.“ ڇاڪاڻ ته سچو فقير اهو شخص آهي، جنهن کي ڪنهن به مخلوق لاءِ دل ۾ غير نه هجي. ۽ فرمايائون ته ڪيترا ماڻهو فرقن ۾ ڦاسي، انڌي تقليد ڪري، پنهنجي ڪئي ڪمائي وڃائي رهندا آهن ۽ پڇاڙيءَ جو انهن کي رڳو افسوس وچان هٿ ملڻ ئي نصيب ٿيندا آهن.
مذهب
هونئن ته الله لوڪ درويشن لاءِ اهڙي راءِ قائم ڪرڻ بلڪل مشڪل آهي ته هو عقيدي جي لحاظ سان ڪهڙو مذهب رکي ٿو. مگر شاعر ماڻهوءَ کي سندس شعر جي مطالعي ڪرڻ بعد، پرکي چئي سگهجي ٿو ته هو فلاڻي فرقي يا مذهب جو ماڻهو هو.
اهڙيءَ طرح  سان، محمود فقير ڪٿي به پاڻ کي شيعو يا سني ڪونه ڪوٺايو آهي، بلڪ سندس شعر پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سني فرقي جو پابند هو، ۽ اهلبيت اطهار جي ساراهه ڪئي اٿس. اُتي يارن سڳورن کي به ساراهيو اٿس. جيئن ته هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
ڪافي
جوڳي يار جادو لايا، ڏاڍا منڊ مار دا!
محي الدين مرشد مليا، سچا رب شافعي،
چارئي يار چوڏس، پڌري پنجتن پاڪي،
صدق ڪران هي سر سارا، ميڪون سخن هئي ستار دا.

 
وري ٻئي هنڌ هڪ ڪلام ۾ اجهو هيئن ٿو چوي:
گل باغ کليا خوشبو جنهن مست ڪيتي آن!
چارئي يار ڏيون پيار، چاون بار بديان،
حوران هول ٿيون گهول، جنهن دي ٻول ٻڌي آن.
هڪ هنڌ هيئن به چيو اٿس:

ڪافي
ارم لڳا اڪثير، منهنجا سنبريا ساڌو وزير!
صيفل بديل ڪاڻ بيراڳي، ڦيريدار فقير،
درخت هڪ دالان ڏٺوسي، چئني جو چوغان،
پنجن تنن جو جهل تون پاسو، گاسو نه آڻ گمان،
سر صدقي ڪيو صيفل سنبري، محفل ۾ ميدان،
جنهن جو حسن ڏسي حيران ٿيا، سي ديو پريون دلگير.

 
ازانسواءِ،محمود فقير گهوڙي بابت پڻ هڪ قصيدو ٺاهيو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري سڄيءَ سنڌ جي اولياءَ ڪرام جا نالا ڏنا اٿس؛ ۽ هڪ بند ۾ اجهو هيئن ٿو چوي ته:

حضرت محمد (صه) نور نظارا
عليھ الصلواة والسلام سونهارا.
پنجتن پرتس پاڪ پيارا،
امت دا او چاون آرا.
چڱا چونڊ لڳا چويارا،
چوڏس چنڊ کليا چوڌار.
وارث ويسر ولايا وارا،
مرد اٺاون بيشڪ بارا.
ٻارهئين (12) ٻول ڪرن ٻهڪار،
چوڏهئين چونڊ ڪرڻ چهڪار!
جنهن دي دست ٿيا ڇوٽڪارا،
مرد علي مهندار منارا.

 
خيبر ماريئين ڪافر ڪارا،
جنگ فتح دا لڳا نغارا.
سخي دين پناهه دلدار!
عاشق اڙيان دا آڌار.
حسن حسين تي ڍريا ڍارا،
سيد سونهن ڀريا سردارا.
”محمود“ مدعي تي هئي مارا،
پڙهه ڪلمان ته ٿئي اندر اجارا.

مطلب
 ته محمود فقير جي شعر پڙهڻ سان، بخوبيءَ چئي سگهجي ٿو ته فقير کي ڪنهن به فرقي سان ڪو واسطو ڪونه هو. جابجاءِ پنجن تنن ۽ چئن يارن ۽ ٻارهن امامن کي پئي ساراهيو اٿس، جنهن مان سندس صاف دليءَ جي ساک ملي ٿي.
سندس همعصر ڪيترا صوفي بزرگ به هئا، مگر انهن سان رهاڻي هوندي به سندن صوفيانه تقليد ڪانه ڪيائين. انهيءَ ڪري ائين ئي کڻي چئجي ته ”عشق سندس مذهب هو ۽ محبت سندس ملت هئي“ گويا سندس مذهب ۽ عقيدو مولانا روميءَ جي هيٺئين شعر جي مصداق هو:
”ملت عشق از همه دينها جدا است،
عاشقان را مذهب و ملت خدا است.“



(2) ڀين پور حيدرآباد تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ آهي ۽ ڳوٺ موسى کٽياڻ جي ڀرسان آهي. ٽنڊي ڄام کان ٻه اڍائي ميل اتر طرف آهي. جيئن ته ڪيترن ڪتابن ۾ ڀين پور هالا تعلقي ۾ لکيل آهي جو غلط آهي، ڀين پور ۾ هڪ عاليشان مسجد به آهي جنهن کي ”شاهه ڀٽائي واري مسجد“ ڪري چوندا آهن.

(1) روضي ڌڻي: پير سائين پاڳاري (روهڙي واري) جن ڏانهن اشارو آهي؛ ڇاڪاڻ ته پير صاحب حاجي علي مردان شاهه جو روضي ڌڻين سان خانداني تعلق آهي ۽ اڄ تائين پير صاحب حاجي علي مردان شاهه جا پويان سائين غلام رسول شاهه ۽ سائين نورمحمد شاهه راشدي سڏبا آهن.

(2) بڙد: بڙد واءِ جو بيماري جو قسم ٿيندو آهي.

(1)  محمد خان فقير جي پٽ جو چوڻ آهي ته ”سائو پهراڻ پائيندو هو ۽ ڪلهي تي ڪاري کٿي ڍڪيندو هو ۽ ڳچيءَ ۾ ڪنٺو ۽ تسبيح پائيندو هو. هٿ ۾ بيراڳڻ ۽ ڪلهي ۾ ڏوريءَ سان ٻڌل ڪشتو به پيل هوندو هوس. ۽ مٿي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اڇو يا ٻئي رنگ جو ٽوپ به پائيندو هو.


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو