بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Shams ul din BulBul شمس الدين بلبل

شمس الدين بلبل (1857 – 1919ع


شمس الدين بلبل اهو سنڌي زبان جو نثر نويس هو، جنهن نثر کي فارسي زبان مان آزاد ڪرايو. سليس سنڌي نثر کي پنهنجين اخبارن جي ذريعي عام ڪيو. سندس تحريرن ۾ سنڌي سماج ۽ معاشري جو عڪس نظر اچي ٿو. سندس اخبارون ”آفتاب“ سکر، ”الحق“ سکر ۽ ”معاون“ ڪراچي مشهور رهيون، جن ۾ سليس نثر نويسيءَ جا ڪمال هئا ۽ انهن اخبارن ۾ مضمون نويسيءَ سٺي ترقي ڪئي. بلبل جا فسلفيانه مضمون سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيا.

1923ع ۾ مولانا دين محمد وفائي ”توحيد“ نالي رسالو ڪڍيو، جيڪو اڳيان هلي روزانه اخبار ۾ تبديل ٿيو. ميرپور خاص مان محمد هاشم مخلص هفتيوار ”مسلمان“ جاري ڪئي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 1925ع ۾ ”الجامع“ رسالو ڪڍيو ۽ ”اصلاح“ اخبار جو پاڻ ايڊيٽر هو.

محمد عثمان ڏيپلائي پڻ مضمون نويسيءَ ۾ پنهنجن اخبارن جي ذريعي سٺي هٿي ڏني. انگريزن جي سياسي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ واري دؤر ۾ سندس تحريرون پر تاثر ۽ عوام کي متوجه ڪندڙ هيون. پنهنجي ذاتي پريس جي ذريعي سنڌي اخبارن کي اڳيان آندائون. عبرت ۽ پوءِ اڳيان هلي سنڌ ٽائمس ڪڍيائون، پاڻ پنج سؤ کان وڌيڪ مضمون لکيائون، انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ سٺي ترقي ڪئي. شروع دؤر ۾ ڄيٺمل پرسرام، لعل چند امر ڏنو مل، صاحبڏنو شاهاڻي، ڏيارام گدو مل، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، سيد قاضي اسد الله شاهه، محمد هاشم مخلص، مولانا دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙو مل، شيخ عبدالمجيد سنڌي، منگهارام ملڪاڻي، ديوان ننديرام، ساڌو هيرانند ۽ ٻين ڪيترن مضمون لکيا. هن دؤر ۾ ليکڪن هندو توڙي مسلمان سوَن جي تعداد ۾ مضمون لکي سنڌي نثر لاءِ شوق وڌايو ۽ هر موضوع تي لکيو ويو ۽ ماڻهن ۾ سنڌي پڙهڻ جو چاهه ٿيو. صحافت جي ترقيءَ سان ڪئين مضمون لکيا ويا ۽ هن صنف کي اوج حاصل ٿيو. لالچند امرڏني جو ”سدا گلاب“ ڀمڀاڻي جو ”ادبي گلشن“ ٽي ڀاڱا ۽ ڪشنچند عزيز جو ادبي آئينو، نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جو ”ادبي غنچو“، ڪاڪي ڀيرو مل جو ”لطيفي سير“ عطا حسين شاهه موسويءَ جو ”ڪچ ڪوڏيون“ مضمونن جا اهم مجموعا آهن.

ناول؛

سنڌي ناول کي ترقي ڏيارڻ ۾ مرزا قليچ بيگ جو وڏو هٿ آهي.پاڻ پهريون طبعزاد ناول ”دل آرام“ ۽ ٻيو مشهور ناول ”زينت“ لکيائون ۽ ان کان پوءِ ليکڪن هن ڏس ۾ قدم کنيو. هيءَ صنف به يورپ مان هندستان ۾ آئي. ناول قصي جي سڌريل صورت هئڻ کان سواءِ ڪافي ٽيڪنڪ ۾ مختلف هو. هڪ نئين شي هئي ۽ عوام ۾ مقبول ٿي. هيٺيان ناول نگار جن ناول کي اوج ڏنو. نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي، ڪوڙو مل، رام پنجواڻي، شهاڻي، پرمانند ايسر داس، ميلا رام وسواڻي، ڪاڪو ڀيرو مل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لال چند امر ڏنو مل، گوبند مالهي، محمد عثمان ڏيپلائي مشهور هئا.

هن دؤر ۾ ناول جي موضوعن ۾ پڻ وسعت آئي، سماجي اخلاقي ۽ مذهبي ناولن کان علاوه تاريخي سياسي ناول به وڌيڪ لکيا ويا. ناول جي صنف ورهاڱي تائين تمام ڪامياب صنف ٿي اُڀري. ناول نويسيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ به ڪئين تجربا ڪيا ويا ۽ هن صنف کي بين الاقوامي معيار جي برابر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪيترائي ناول اردو، انگريزي، بنگالي ۽ ٻين ٻولين مان ترجمو ٿيا. مرزا قليچ بيگ جو ”دل آرام“ هڪ مختصر ناول نيڪيءَ بديءَ جي موضوع تي لکيل آهي، جنهن ۾ اصلاحي ۽ اخلاقي پهلو آهي. دل آرام 1887ع ۾ لکيو ويو ۽ 1890ع ۾ زينت لکيو ويو، ان جي دوران ڪو به ناول نه لکيو ويو. 1892ع ۾ عجيب ڀيٽ ۽ 1905ع ۾ چوت جو چنڊ طبعزاد ناول لکيا ويا. سماجي حقيقت نگاريءَ تي 1887ع کان 1930ع تائين بهترين ناول لکيا ويا، جن ۾ گلن جي ٽوڪري 1911ع (بسڪيٽ آف فلاور)جو ترجمو ٽي گهر 1913ع مرزا قيلچ بيگ جا ناول آهن. نورجهان 1915ع ڊاڪٽر گربخشاڻي لکيو.
Up from the slavery جو ترجمو 1918ع ۾ غلاميءَ کان مٿي چاڙ هو“ جي نالي سان مرزا صاحب ڪيو. ڀيرو مل مهر چند 1916ع ۾ ”آنند سندري“ ۽ 1917ع ۾ موهني ٻائي لکيو. 1920ع ۾ مرزا صاحب ”ڪامل انسان“ جي نالي سان هڪ اعليٰ پايي جو ناول ترجمو ڪيو. 1923ع تائين حڪيم عبدالخالق مورائي جا ٽي ناول شايع ٿيا، جيڪي تاريخي هئا. ”ڇترپتي“ ۽ ”سندري“ ۽ ”ستيءَ جي سيتا“ 1925ع ۾ وشنو شرما جا ”سنڌ جو ٺوڳي“ ۽ ستيءَ جو تياڳ“ سماجي ناولن ۾ اضافو بڻيا. 1926ع ۾ مرزا صاحب جو ”نيلو پکي“ ۽ ڄيٺمل پرسرام جو قومي ناول “”ٻڏل ٻيڙي“ منظر عام تي آيا. 1925ع ۾ گولڊن هارٽ جو ترجمو ”سون ورنيون دليون“ لال چند امرڏني مل ڪيو. 1930ع ۾ شهاڻي ”بلو کوکر“ ترجمو ڪيو. طبعزاد ناولن ۾ خانبهادر صديق ميمڻ جن 1932ع ۾ ”حياتيءَ جو پهريون دؤر“ ۽ 1932ع ۾ ”حياتي جو ٻيون دؤر“ ميدان ۾ آندا. ان کان سواءِ ”دکي اٻلا“ موٽو مل مينگهارام، 1938ع ۾ لکيو. ”روهني“ 1938ع ڪوڙو مل، ”رام پياري“ 1938ع ۾ پرمانند ايسر داس لکيو. ”رتنا“ ۽ ”سنجوتي“ 1938ع ۾ تاريخي گهريلو ناول هئا. جيڪي ميلا رام وسواڻيءَ لکيا. ميلا رام جا چندن، چندر پال، رٺل راڻي ۽ ”منزل“ اهم ناول آهن. ڏيپلائي صاحب جن جا ناول حور بغداد، آخري امداد، عصمت جي قيمت، فتح اسپين ۽ نور توحيد گهڻا مشهور ٿيا. سندن ”1857ع جي آزادي جي جنگ“ ناول جون ان وقت ۾ ٽي هزار ڪاپيون وڪاڻيون.

ٻين به ڪيترن ليکڪن انگريزن جي دؤر ۾ سٺا ناول لکي ناول جي صنف کي هٿي ڏني آهي، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي جو نالو اهم آهي.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو