خليفو گل محمد، هالن پراڻن جي سانوڻي آخوندن مان هو.
سنه 1811ع ۾ ڄائو ۽ 1271هه/1855ع ۾ وفات ڪيائين. پير صاحب پاڳاري علي گوهر شاهه
اصغر جو مريد ۽ خليفو هو. فارسي زبان جو عالم هو پر سنڌي شاعريءَ ۾ به پنهنجي غزلن
جي ديوان ۽ غزل جي انوکي رنگ ڪري مشهور آهي.
ڪافين جي مختلف قلمي بياضن ۽ سيد فاضل شاهه جي ڇپايل
ڪافين واري ڪتاب ۾ خليفي گل محمد جون 15 ڪافيون نظر مان نڪتيون.
[259] سر سسئي: ڪافي يڪي
دوستن ڪئا ديرا، وڏيءَ ويرا، ڪيچن وڃي ڪيچ ۾
1. ڪيچي ويا ڪيچ ڏي، ساجهرَ سَويرا
2. سسئيءَ کنيا اُن جا، پِره ڦٽيءَ پيرا
3. هڻي پاڻ پهڻن تي، ٻانڀڻ ٿي ٻيرا
4. ڏيرن ڏيکاريس ”گل“ چوي، سُورن جا سيرا
[260] سر سسئي: ڪافي يڪي
عاجز آهيان اَپار، جانب يار، موٽ مئيءَ تي مون پرين
1. چڻڪي منهنجي چِت ۾، سندي سُور لغار
2. راتو ڏينهان روح ۾ پرين تنهنجي پچار
3. نماڻيءَ جي نِجهُري، ڀيرو ڪج ڀتار
4. عيبن ڀري آهيان، سَترُ ڪر ستار
5. آهي ايذايو ”گل“ کي، سندِي صحبتَ خار
[261] سر ملار: ڪافي يڪي
دل سدا مشتاق، سڄڻ تيڏي ڪيتي
1. ڏسڻ تنهنجي لئي دائم دل تي
اؤکن ڪِئي اوطاق
2. چاهه تنهنجي چِت ۾ چَٽ پَٽ
چڪيون چڪن ٿا چاڪ
3. آءُ سڄڻ لهه سارَ سڙيءَ جي
فنا ڪئي جا فراق
4. توريءَ ”گل“ ڦُل ڪؤنر ڪُوماڻا
عاشق ٿيا غمناڪ
[262] سر: ڍوليو
تنهنجي نيڻن جا ڏاڍا ناز ميان
1. قيد ڪيو تنهنجي صورت سانول، رمز ڪَهين
ريهي دل
گهڻن غمزن ساڻ غماز ميان
حسن تنهنجي جا هُل هنگاما، شوقئون شڪار ڪرين قتلامان
جئن جهپي بحري باز ميان
3. عين اوهان جا لڙن لڙايون، جام جنگيون
جوڙي هڻن هوايون
ڪُهندي نه ڪرن لحاظ ميان
دردمندن جي دل دلدارا، پَرکِين يار سؤ پارا
گهائِي دست اوهان جي گاز ميان
عاشق تنهنجو آهيان اداسي، مهر وفا رک سونهن ستاسي
ڏنو ئي مستي منجهه مجاز ميان
گدا ”گل محمد“ دردن داڳيو، وِرهه اوهان جي ويتر واڳيو
رکو تنهن ڏِي روح جو راز ميان
[263] سر جهنگلو
ڪاغذ آيا ڪال، ميڏي دلبر دا
خط خوشي دا ڏيکڻ سيتِي، خاطر ٿَئِه خوشحال
2. ڏيکڻ نامي نال سڌ پيس جاني جام جمال
3. اکر هڪ هڪ روز رقعي دا، ڏيوي حالت حال
4. ”گــل مـــحمد“ يـــار ســڄڻ دا هي
ڪَلَونت قوال
[264] سر جهنگلو
رنگ لايا يار دي چشمي، رنگ لايا يار دي چشمي
1. زندگي زلفان ڪٽڪ قهر دي، قَرول وسدي
وسي
2. نازان ناز ڪرشمي ڪر دي، اي سهڻيان دي
رسمي
3. نال نظر ٿَئي عاشق شيدا، مل ڀَڀُوتان
ڀَسمي
4. ايل زيل ڪيتس ڪُل عالم، پورب تائين
پَسمي
[265] سر جهنگلو
آوي اساڏڙي پار، آوي اساڏڙي پار
باقي تان وسدي پار
وَس اساڏا ني ديس وسايا
سالين سُڪيان ني ويس وٺايا
چاڪ چمن چوڌاري
2. سهس انگوريان ني وو گُل گلايان
ڀونئر ڀُڻڪن وي بلڪل باغان
کليا سؤچتر بهار
3. ٽهڪن ٽاليان نِي وي ڪانهن ڪناري
ڦــرن بــــوســـتان نــــي وي ڦــــل ڦـــليار
باغ چنار ڪچنار
4. ”گل محمد“ دي وچ گُلان دي
ڳالهيان تيڏيان وي ڳاوڻ ڳاندي
رکين ويل گذار
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو