بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Pir Ali Bux Shah "Alan Sain" پير علي بخش شاه ”علڻ سائين“



پير علي بخش شاهه ”علڻ سائين“


سندس ٻيو نالو ”علڻ سائين“ هو. تخلص ”علڻ“ هوس. پاڻ 1871ع ڌاري ڄائو هو. سنڌي ۽ فارسي تعليم ميان محمد ڀٽيءَ وٽ حاصل ڪيائين. مٽياري سيدن جي جرار پوٽا خاندان مان، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَواري جي اولاد مان، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ستون نمبر سجاده: نشين هو. سندس والد 1317هه مطباق 1899ع ۾ وفات ڪئي ۽ وڏي فرزند هئڻ ڪري هي سجاده نشين ٿيو. هي فقير طبع ۽ شاهه جي ڪلام جو سوز سان ڳائيندڙ هو. اڪثر جمعي رات جي راڳ وقت پاڻ به فقيرن سان گڏ ڳائيندو هو، شاعر به هو، ليڪن سندس ڪلام گڏ ٿي نه سگهيو آهي. نماز  روزي جو پابند هو. انهيءَ وقت جي سجاده نشين وانگر، هي به راڳ ۽ ملاکڙي ۾ دلچسپي وٺندڙ هو. خاندانن سان لاڳاپن وڌائڻ ۾ چڱو بهرو ورتائين، راڳ جي  ڄاڻ هوندي هيس. سنڌ جا اڪثر مکيه ڳائڻا ۽ طوائفون راڳ ڳائڻ لاءِ وٽس ايندا هئا ؛ جنهن ڪري کيس مختلف راڳڻين، وڄت ۽ تال جو پورو پتو هوندو هو. درگاهه ۽ مسجد جي اڪثر تعمير سندس دؤر ۾  ٿي. ملاکڙي ۾ ڪافي دلچسپي ورتائين. ڪيترا ناميارا ملهه سندس دسترخوان ۽ پئسي مان مستفيد ٿيندا هئا. ڄام مٺا خان جوڻيجو، درگاهه جي خاص معتقدن مان هو. هو ملهن کي انعام ڏيڻ ۾ خاص شهرت حاصل ڪري چڪو هو. ڀٽ شاهه جي ميلي تي پير صاحب ۽ ڄام صاحب  جي ڪوششن سان ملاکڙو زور وٺي ويو، جنهن ڪري ماڻهن جي آمد ۾ به اضافو ٿيو ۽ ميلو وڌي ويو.

پير صاحب کي عمدن گهوڙن ڌارڻ جو خاص شوق هوندو هو. هزارين رپيا خرچ ڪري گهوڙا وٺندو هو، هن صاحب جو اهل تشيعت طرف گهڻو لاڙو هو، ان ڪري شاهه صاحب جي ڪلام ۾ صوفيانه پهلوءَ کان وڌيڪ سرفروشي، قرباني ۽ سوز گداز جي نقطي نگاهه کي اهميت ڏنائين ٿي. شاهه جي ڪلام کي اهڙي نقطي کان ڏسڻ وارن جي خيال موجب، هر مذهب ۽ قربانيءَ کي بنيادي اهميت حاصل آهي. حضرت ابراهيم خدا ڪارڻ پٽ جي قرباني ڪرڻ گهري ته سندس اولاد مان سوين نبي پيدا ٿي سگهيا ؛ حضرت عيسيٰ پنهنجي قرباني ڏني ته دنيا ۾ هر طرف سندس تعليم پکڙجي ويئي ؛ اهڙيءَ طرح اسلامي تعليم کي نئين سر زندهه ڪرڻ لاءِ امام حسين رضي الله عنھ پنهنجي ڪٽنب سميت پاڻ قربان ڪيو.

سختي شهادت جي نسورو ئي ناز،

ڪي رند پروڙين راز، قضيو ڪربلا جو.

(شاهه)

دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،

انهيءَ ۾ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.

(شاهه)

ٻي ڳالهه جا هنن شاهه جي ڪلام مان چونڊي، سا هئي لياقت جي، جنهن تي اهل تشيعت جو مدار آهي، جنهن ڪري هو حضرت علي رضي الله عنھ کي فضيلت ڏين ٿا. ”انامدينة العلم علي بابها“ ان جي دليل ۾ پيش ڪن ٿا. شاهه جي ڪلام مان ڪيئي بيت دليل ۾ ڏين ٿا.

جو ملن کي ميهڻو، سوئي مون سردار.“

حيدر جي هٿان، وڙهه ته ويري مارئين.“

امام حسين رضي الله عنھ لاءِ هيٺيون بيت حجت طور پيش ڪن ٿا؛

چار تراريون چيلهه سان، ٻڌائين ٻه پاڳوڻ،

اڳين جون آڳون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيون.“

(شاهه)

هنن درد ۽ فراق کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ٿي سمجهيو؛

جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي،

اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو.“

(شاهه)

ماتم کي سوز ۽ گداز وڌائيندڙ سمجهي، هنن ماتم حسين کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ڄاتو ٿي.

شاهه عبدالڪريم بلڙي ۽ شاهه لطيف جي خليفن، انهيءَ ڪري، سندن دستار جو رنگ ڪارو ڪيو هو. محرم جي ڏينهن ۾ هو ماتم ڪندا هئا. اهو شاهه  صاحب جي فلسفه حيات جو هڪ پهلو هو ؛ ٻيا نقطه نگاهه به نڪري سگهيا ٿي. جيئن قرآن شريف جي مختلف تشريحن ڪري مسلمانن ۾ ڪيترا فرقا پيدا ٿي پيا، تيئن شاهه صاحب جي به  مختلف نقطه نگاهن سان تشريح ٿيڻ لڳي هئي. هڪڙن رسالن ۾ خدا ۽ رسول صلّي الله عليھ وسلم جي ساراهه کان سواءِ ٻيا بيت نه هئا، ته ٻين ۾ وري شاهه صاحب کي سني ثابت ڪرڻ لاءِ چئن صحابن جي تعريف جا بيت شامل ڪيا ويا آهن. ۽ سُر ڪيڏاري کي رسالي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهيءَ فرقي بنديءَ جي اختلافي سيلاب ۾ شاهه صاحب جهڙي ڪثرت ۾ وحدت ڏسڻ واري بزرگ جا گادي نشين به لڙهي ويا، ۽ انهيءَ جي زد کان علاوه آءِ  آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جهڙا عالم به بچي نه سگهيا.

منهنجي ساڻس اوائلي وافقيت قاضي محمد ڪامل، هالن پراڻن واري، جي معرفت ٿي هئي. هو صاحب به اهل تشيعت هو. وڌيڪ لاڳاپا  سن ۾،  مٽياري سيدن جي ڪانفرنس لاءِ دعوت ڏيڻ وقت پيدا ٿيا. جڏهن آءٌ ڀٽ شاهه ۾ ان ڪم لاءِ وٽس ويس ته هن صاحب چيو ته ”بابا، آءٌ ڪانفرنس ۾ اچڻ لاءِ تيار آهيان، پر شرط اهو آهي ته ان جو صدر ڪو عالم ۽ خادم ملڪ ڪيو وڃي ۽ سجاده نشين يا وڏو خاندان سيد نه ٿئي. تنهنجا انهيءَ ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ ڪهڙا به اوچا مقصد ڇو نه هجن، پر اڄڪلهه جا اڪثر سادات ۽ پير ذاتي اقتدار، عزت ۽ بزرگيءَ جي مرضن ۾ ڦاٿا پيا آهن. اسان سڀني کي نفس آهي. هڪ گاديءَ وارو اهو نه گهرُ هندو ته ٻئي گادي نشين جي اڳواڻيءَ هيٺ رهي. مون ان ڳالهه کي واجبي ڄاڻي، کيس  يقين ڏياريو ته آءٌ  حتي الامڪان انهيءَ اصول مطابق ڪانفرنس جي رهبري ڪندس. پر جڏهن جملي سيد اچي ڪانفرنس ۾ ڪٺا ٿيا، ته باوجود منهنجي ڪوشش جي، مٽياري سيدن ووٽن جي زور تي سخي هاشم شاهه جي سجاده نشين، پير الهيار شاهه کي ڪانفرنس ۽ انجمن جو پريزيڊنٽ چونڊي ڇڏيو. هي صاحب ان وقت پنهنجن  همدردن ۽ عزيزن سميت مجلس مان احتجاج طور اٿي ويو، گهڻيءَ منٿ سماجت بعد پٽ ۽ ڀائرن کي مجلس ۾ اچڻ جي اجازت ڏنائين، ليڪن پاڻ نه آيو. هي اهل تشيعت هو. مٽيارين وارا سيد سني هئا.

ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن منهنجي ساڻس گفتگو ٿي، ته چيائين ابا، مسلمانن ۾ اصل کان لياقت ۽ تعداد جي  فوقيت تي اختلاف رهندا پئي آيا آهن. رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جي وفات بعد مسلمان فطري لاڙن ڪري ورهائجي ويا. هن وقت اهل طريقت جا مرڪز پنهنجي  بنيادي روحاني مقصد کان هٽي، دنيوي شان شوڪت ۽ بزرگيءَ جا اڏا بڻجي پيا آهن، انهيءَ حالت ۾ تون ڪهڙيءَ طرح سان اقتدار جي جنگ کي ختم ڪرائي اعليٰ معيارن تي جماعت قائم ڪرائي سگهندين. هن جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. جيڪڏهن اسين قاضي اسد الله شاهه مرحوم جهڙي خادم  خلق ۽ عالم فاضل کي صدر بنايون ها ته انجمن سادات مٽياري“ جي مقصدن  حاصل ڪرڻ ۾ شايد ڪاميابي ٿي وڃي ها. اهي مقصد سيدن جي اخلاقي اصلاح، روحاني ترقي ۽ معاشرتي سڌاري ۽ کين خدمت خلق طرف رجوع ڪرڻ جا هئا. ليڪن انهيءَ بنيادي غلطيءَ ڪري، هيءَ سوشل جماعت، ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ جي اختلافن سبب، ڪامياب ٿي نه سگهي.

پير ميان علڻ سائينءَ ٽي شاديون ڪيون هيون:  پهرين شادي، شڪارپور جي سيدن مان ڪيل هئي، جنهن مان علي اڪبر شاهه، ڏنل شاهه، بچل شاهه ۽ يار محمد شاهه پيدا ٿيا ؛ ٻي کوکرن جي سيد بقا دار شاهه ميرڻ پوٽي جي نياڻيءَ سان ڪيل هيس، جنهن مان وڏو فرزند شاهه ڏنو شاهه ۽ امام علي شاهه پيدا ٿيا ؛ ۽ ٽين شادي،  سالاري جي سيدن مان ڪئي هئائين، جنهن مان غلام شاهه ٿيو، سندس ننڍو ڀاءُ جڙيل شاهه عرف گهوٽ سائين اڃا تائين زندهه آهي، جنهن کي اولاد نه آهي. پير علڻ سائينءَ 18 مئي 1933ع مطابق 14 محرم 1353هه تي وفات ڪئي. هن کان پوءِ سندس جاءِ تي ان جو وڏو فرزند ميان شاهه ڏنو شاهه گادي نشين ٿيو آهي. ميان شاهه ڏنو 1894ع ۾ چائو هو. خدا کيس وڏي حياتي ڏني، محبتي، روزي نماز جو پابند، طبع جو حليم آهي. ان کي ٽي فرزند آهن، جن مان وڏي جو نالو ميان غلام شبير شاهه عرف الهه بخش شاهه آهي. ميان شاهه ڏني شاهه کي ”شاهن سائين“ به ڪري سڏيندا آهن. ان  ٻه شاديون ڪيون آهن، هڪ بيچانجيءَ جي پٺاڻن وٽان، جنهن مان ميان غلام شبير شاهه آهي ۽ ٻي شادي مرزا غلام حسين حيدرآباد واري وٽان ڪيل اٿس، جنهن مان الطاف حسين شاهه ۽ غلام محمد شاهه آهن.
….

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو