بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Myan AbdulHaq ميان عبدالحق

ميان عبدالحق

ميان عبدالحق خواجھ محمد حافظ جو ننڍو فرزند ھو. مگر شاه عبيدالله مسند  نشيني  جي  سلسلي  ۾  وڏي  فرزند  ميان  صلاح الدين جي بدران سندس ئي نالو لکيو ھو. تنھن ڪري خواجھ عبدالحق مسند نشين ٿيو. مرزا علي قلي بيگ جي اھا روايت غلط آھي جڏھن ميان صاحبڏني وفات ڪئي، تڏھن سندس وڏي پٽ خوشيءَ سان ننڍي ڀاءُ کي ھٿن سان گاديءَ تي ويھاريو. ڇو تھ ميان عبدالحق جي گادي نشين ٿيڻ کان گھڻو اڳ ميان صلاح الدين وفات ڪري ويو ھو.

ميان عبدالحق ١١٢٠ ھجري ۾ ھن مٽي جي ملڪ تي آيو ۽ پنھنجي والد بزرگوار جي وفات بعد خلافت تي ويٺو. ھو پنھنجي زماني جو ھڪ وڏو عارف ۽ جيد عالم ٿي گذريو آھي. سندس ديني فتوي ٰکي حرف آخر ڪري ڄاتو ويندو ھو. ڪيترائي روحانيت جي فيض جا پياسي ڏورانھن ڏيھن تان پنڌ ڪري وٽس اچي پنھنجي پياس پوري ڪندا ھئا. سچل سرمست وٽ جيڪڏھن ڪوبھ ماڻھو مريد ٿيڻ ايندو ھو تھ کيس پنھنجي مرشد ميان عبدالحق ڏانھن رجوع ڪندو ھو ۽ سندس گھڻي عزت رکندو ھو. رازنامھ ۾ سندس تعريف ڪندي آخر ۾ چئي ٿو ڏئي:

مدح او از مانمي گردد تمام

ھرچھ گفتم آن بود بس والسلام.

ميان عبدالحق دنيا کان بي نياز رھي حقيقت ۽ معرفت جو ملڪ وسائي آخرڪار سن ١٢١٣ ھجري ۾ برقعو مٽايو. کيس پنج پٽ ھئا، جي پڻ وڏا عارف ٿي گذريا آھن. سندن نالا مبارڪ  ھي آھن: ١- قبول محمد ٢- زين العابدين ٣- دين محمد ٤- ولي محمد ٥- خدا داد.

...


 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو