بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Faqir Ghazi Ghamksar فقير غازي غمڪسار



فقير غازي غمڪسار

موڪليندڙ: راشد ٻرڙو
شهنشاه هادي شافي ، مڪمل ڪامل صاحب صوفي ، فقير غازي غمڪسار سائين ولد حضور جان محمد سائين سندن درگاه شريف مئخانه ڳوٺ رفيق مهيسر تعلقه ڪنگري ضلع خير پور ميرس ۾ آهي (اهو سندن اصل ڳوٺ نه هيو ) سندن ولادت با سعادت تاريخ 9 شعبان 1307هه بروز آچر وقت صبح ڳوٺ ( حافظ سڄڻ مهيسر ) درياءَ جي ڀرسان ڪچي ۾ ٿي . ۽ اهو سندن اصل ڳوٺ هيو پاڻ ۾ ٻه ڀائر هئا . فقير محمد عثمان سائين ۽ فقير عبدالرحمان سائين وحدت ۾ اسم غازي غمڪسار پيو . پاڻ جڏهن ٻن سالن جا ٿيا ته سندن والد سڳورو هي فاني جهان چڏي ويو . ۽ ڇهن سالن جي ڄمار ۾ سندن والده ماجده
سڳوري به رحلت فرمائي وئي . بعد ۾ مامي سڳوري پاڻ وٽ رهايو ۽ پاڻ مامي جو مال چارڻ لڳا ۽ غربت جي ڪري اڪثر ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾ گذاريندا هئا . ٿورا وڏا ٿيا ته سندن مامي سڳوري ٻنهي ڀائرن کي امروٽ شريف واري مدرسي ۾ چڏي آيو ، جتي ديني تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسي تعليم مڪمل ڪري دستار بند عالم ٿيا . پر ازل کان حضرت عشق جي چڻنگ چولي ۾ پيل هئي . سندن والده ماجده سڳوري
کي پير سائين پاڳاري حضرت علي حيدر نر ، سڳوري دعا فرمائيندي ٻڌايو هو ته توهان کي اهڙا ٻه نينگر ٿيندا جيڪي تمام وڏي درجي جا ڪامل اولياءَ هوندا . ان دعا جو تاثير پيدا ٿيندي . غازي غمڪسار سائين جن وٽ روحي اسرار نمودار ٿيڻ لڳو ۽ پير طريقت ڪامل مرشد وٺڻ لاءِ باطني اشارو ملين . ان بعد ڪامل مرشد حاصل ڪرڻ جي تلاش ۾ نڪري پيا . جتي جتي الله وارو فقير ٻڌن پيا ، اوڏانهن وڃن پيا . اڪثر ڪشالا ڪري سنڌ جون درگاهون گھمڻ لڳا .جڏهن حضرت سچل سرِمست سائين جي درگاھ تي اچي رهيا ته ان وقت فقير سائين سخي قبول محمد گادي نشين هئا . گادي ڌڻيءَ سان مليا ۽ پڇڻ تي پنهنجو احوال غازي غمڪسار سائين جن پيش ڪيو ۽ طالب ٿيڻ لاءِ اظهار ڪيائون .ته گادي ڌڻي پاڻ وٽ ڪافي ڏينهن رهايو ۽ روحي رنگ پيدا ٿيڻ ته نظر ڦيريائون فقير سائين جو باطني حال خيال ڏسي فرمايائون ته توهان تي قادر ڪريم ، جي ايتري روحي مهر نظر هن وقت بيٺل آهي . جيتري اسان کي روحي سمجهه بخشي وئي آهي.توهان اهڙو مرشد پاڪ تلاش ڪيو جيڪو توهان کي وڌيڪ روحي الاهي اسرار جي سمجهه ڏئي سگھي . بعد ۾ فقير غازي غمڪسار سائين جن سچل سائين تي ٽي مهينا رهي ويراڳ ٻڌو ۽ روحي سڪون ماڻيو .آخر موڪلائي وري مرشد پاڪ جي تلاش ۾ نڪتا . سفر تئه ڪندا الله وارن جا آستانا گھمندا گھمندا لقمان شريف لڳ خير پور ميرس پهتا ، ان وقت والي رياست مير علي نواز هيو ۽ لقمان شريف ۾ ڪامل اصفياء حضور فقير هادي علي محمد سائين جمالي جن وٽ آيا . فقير سائين جن اڪثر خلق خدا کي راه هدايت وارو فيض ڏيندا هئي ۽ هتي اڪثر سوالن جا سوال درٻار الاهي ۾ منظوري سان پورا ڪندا هيا . مگر طالب گھڻا ڪونه
ڪندا هئا . جڏهن غازي غمڪسار سائين جن پنهنجو احوال ٻڌايو ۽ طالب ٿيڻ جو عرض رکيائون ته ٿورن ڏينهن ۾ قبول پيو تمام سرهائي حاصل ٿيڻ ۽ مرشد جو هٿ ورتائون .عشق الاهي ۾ ايترو ته مهو هيا ، جو گھر ۽ مٽن مائٽن جو ڪوبه فڪر نه رهيو ، اڪثر ڪري مولا پاڪ جي محبت عجز عاجزي ، هيٺاهون حال اميد ، خشوع ۾ مرشد پاڪ جي خذمت ۽ رياضيت ۾ ۽ مرشد پاڪ جي سمجهايل قلبي ذڪر ۾ گذاريندا هئا . پنجويهه سال جيستائين مرشد پاڪ جي ظاهر ديهي هئي ته خذمت ۾ رهيا ان وقت لقمان شريف جي بازار ۾ هڪ الله واري درويشياڻي مائي ڏتي فقيرياڻي رهندي هئي .هن وٽ ڪافي ماڻهو عرض کڻي ايندا هئا . هي مستيءَ جي خيال ۾ هوندي هئي .۽ نانگي ويهندي هئي ، پر جڏهن اتان فقير علي محمد سائين يا غازي غمڪسار
سائين جن جي آمد ٿيندي هئي چوندي هئي ته لٽو ڏيو مان پاڻ کي ويڙهيان مرد ٿا اچن ، ان فقيرياڻي جو قبو خيرپور ۾ اسٽيشن روڊ تي ٺهيل آهي . ان وقت مير علي نواز خان وٽ ولايت مان هڪ ماڻهو پروانو کڻي آيو .جنهن ۾ هڪ شعر گرو نانڪ سائين جو لکيل هيو جنهن جي پڙهڻ سان هر شيءِ جي اسم مان حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جو اسم پاڪ ٺهي پيو . ان جي ڀيٽ ۾ اها تلاش هين ته ڪوئي اهڙو الله جو درويش فقير ملي جو اهڙو شعر ٺاهي ڏي جنهن جي پڙهڻ
سان هر شيءِ مان اسم الله جي ذات جو ٺهي پوي ته ان کي سون ٺهڻ جو ڪيميائي نسخو ڏينداسين جڏهن اهو شعر فقير علي محمد سائين جن وٽ کڻي آيا .ته ان وقت پنهنجي طالب فقير غازي غمڪسار سائين جن کي حڪم فرمايائون ته اهڙو شعر هاڻي جو هاڻي انهن کي لکي ڏيو شعر جيڪو لکي ڏنائون سو هيٺ لکجي ٿو،

ذات الله جي اثيات آ هر شيءِ جي اســم انـــــــــــــــدر ،
هر اسم ابجد ۾ ڪڍي 5 سان ضرب ڪري 6 جوڙ ڪري ،
6 سان اگتي ضرب ڪري پوءِ 30 جي ونڊ جو فڪر ڪر ،
جو بچي 10 سان ضرب ڪري 7 ملائي الله اثـــــياب ڪر ،
غمڪسار هن معماء سان لاتحريڪ ذرته جو يقين ڪامل ڪر .

گرو نانڪ سائين جو بيت هيٺ لکجي ٿو ؛

نـــــــام لـــــيو جس کا اسي کــر دو چئو گـــنٽا ،
دو اور ملاکر پنج گنٽا کر دو بيسوا ديو اڙا ،
جو نچي اسي نو گنا کر دو دو اور مـــــــــــــلا ،
اس پد سي نـــــانــــــڪ ”محـــــــمد“ ليوو بنا .

بعد ۾ ڪيميا جي نسخي وٺڻ لاءِ چيو ويو مگر فقير علي محمد سائين جن فرمايو اسان کي ان نسخي جي ضرورت نه آهي ۽ نه ورتائون . ڇو ته سندن پاڪ نظر ئي ڪيميا هئي . پاڻ وڏا علامه ۽ مفتي هيا . سندن هٿ اکرن سان عربي فارسي ۾ ڪيترائي درسي ڪتاب لکيل آهن پنهنجي هٿ اکرن سان قرآن پاڪ جا نسخا سون ، چاندي ۽ زعفران جهڙين قيمتي شين سان لکيل آهن . سندن اکر مبارڪ به اهڙا هيا .جو مشين به اهڙو چاپو مشڪل ٺاهي سگھي . اڄ به اهي سڀ شيون سندن درگاھ تي لقمان شريف ۾ موجود آهن . جيڪي فقير سائين ولي محمد جمالي جن جي زير نگراني آهن . فقير علي محمد سائين جن ساري عمر شادي نه ڪيائون ، سندن شاهي گھراڻي جي هجڻ باوجود به سادگي واري زندگي اختيار ڪيائون ، وٽن ڪو سوالي سوال پورو ٿيڻ تي مٺائي يا روڪ رقم کڻي ايندو هيو ته لقمان شريف جا ننڍا ٻارڙا انتظار ۾ هوندا هيا . ته فقير سائين وٽان اهي ماڻهو وڃن ته اهو سڀ ڪجھه اسان کڻون ۽ ان عمل ۾ فقير سائين ڏاڍا خوش ٿيندا هئا ۽ راضي هوندا هئا . ۽ پاڻ وٽ بچائي نه رکندا هئا . پاڻ حڪمت جا به صاحب هوندا هئا .
مطلب ته ظاهر علم جا گوهر هوندا هئا . حڪمت ۾ اعلي حڪيم ۽ ڪامل اوليائن ۾ گوبر فقير هوندا هئا . اهڙا ڪامل ، اڪمل ۽ مڪمل مرشد پاڪ غازي غمڪسار سائين جن کي مليو . جتان وڌيڪ حضرت عشق جي چاڙهي چڙهي فيضياب ٿيا .

مرشد پاڪ جي ظاهر ديهي مٽڻ بعد ٽنڊي مستي ڳوٺ ۾ فيض واھ جي ڀرسان درگاھ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني بادشاھ جي روضه اقدس تي ڏھ سال رهي روحي عبادت ذريعي ڪيتريون ته باطني منزلون طئه ڪيائون. اهڙي طرح اندازن چاليھه سال رب پاڪ جل جلاله جي ريجهائڻ خاطر الله الله ڪرڻ ۾ مشغول رهيا . بعد ۾ واپس اچي تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ مڪمل رهائش پذير ٿيا . هن ڳوٺ ۾ رهڻ سان فقير سائين جن کي شروع ۾ ڪافي تڪليفون ڏنيون ويون . مثلاۡ ويراڳ جي ٻڌڻ تي اعتراض کڙا ٿيا . ڪورٽن ۾ ڪيس ڪيا ويا . چوريون ڪرايون ويون مطلب ته ڪافي اهنجن مٿان اهنج ڏنا ويا . پر پاڻ بنا ڪنهن گهبراهٽ جي حقيقي عشق ۾ محول رهيا ۽ خلق خدا اچڻ لڳي جن کي لنگر کارائڻ جو بندوبست ٿيل هيو جيڪو اڄ تائين قائم رهندو پيو اچي . ڪنهن کان ملڪيت يا ڌن وغيره نه ورتائون مگر مولا سان محبت رکڻ وارن کي مولا پاڪ جي راه ۾ فيضياب ڪندا رهيا جن جن کي پنهنجو طالب ڪيائون تن کي اڪثر ڪري پاڻ وٽ رهائي الله الله ڪرائيندا هئا . اڌ رات کان بعد ڪنهن به طالب کي ننڊ ڪرڻ جي اجازات نه هوندي هئي ۽ ذڪر الاهي ۾ ويهي سج اڀاريندا هئا .اڪثر ڪري سارو ڏينهن ويراڳي توحيد ڳائيندا هئا . جيڪا وڏي پرهيز سان ٻڌي ويندي هئي .ڪچهري ۾ ڪوبه ٻيڙي يا نشي دار شيءِ نه واپرائيندا هئا . نه گوڙ ڪندا هئا ، ويراڳي سلسلي سان توحيد بيان ڪندا هئا . مثلن شروع ۾ التجا ۽ عاجزي واري ٻولي ان بعد قدرت جي واکاڻ ، فراق ميڪلاپ ۽ آخر ۾ هم اوست جي ٻولي هلندي هئي . غازي غمڪسار سائين جن جا اڪثر طالب روشن دل بڻجي پايئه تڪميل تي پهتا . جن ۾ حضرت فقير ميان غلام رسول سائين جن جو وحدت ۾ علاب نالو هيو جيڪو درگاه لونگ فقير لوڙهي واري جا گادي نشين پڻ رهيا ۽ سندن هر سال وڏو ٻارهو ٿيندو آهي . فقير واحد بخش سائين، فقير لالڻ سائين ، فقير پنجل سائين ، فقير گامڻ سائين ، فقير اوباهيو سائين ، فقير خان محمد سائين ، فقير عبدالله سائين ۽ ڪيترائي هئا .انهن ۾ خاص خاص فقير سندن ڀائيٽيو هيو جيڪو سندن گادي نشين به ٿيو . اهو آهي حضور هادي فقير گل حسن سائين جن جي لاءِ سندن مرشد پاڪ غازي غمڪسار سائين جن فقيرن جي مجموعي ۾ فقير علي محمد سائين جي روضي مبارڪ تي فرمايائون ” فقيرئو ڏسو گل حسن فقير ڏي هي فقير انهيءَ ديهيءَ سان انهن ڪپڙن سان باطن جي درٻارن ۾ گهمندو آهي . حالانڪ اسين به هن ديهي نه پر روحي جسم سان ويندا آهيون.“ فقير گل حسن سائين سالڪ به هوندا هئا مست به هوندا هئا. اڪثر ڪري سوين ميل پيادل سير ڪندا هئا .ڪڏهن پير اگهاڙا گهمندا ته ڪڏهن ڪپڙن پائڻ جي به ظاهري سڌ نه رکندا هئا . جيڪا گهر ۾ پچي سا کائيندا . ڪڏهن ماڙيچن سان گڏ کائيندا هئا. ڪڏهن ٻليءَ کي پاڻ سان کارائيندا هئا . ته ڪڏهن ٻارڙن کي پاڻ کان ڀتر هڻائيندا هئا . ڪڏهن شاهي لباس پائي گهوڙي سوار ٿيا ۽ عشق مجاز سندن وندر هوندي هئي . سندن وڏو نينگر حضور محمد يوسف عرف نانڪ يوسف فقير سائين ولد حضور گل حسن فقير سائين جن هن وقت غازي غمڪسار سائصن جن جا گادي نشين آهي . جن طالب ڪرڻ جو سلسلو في الحال بند رکيو آهي . اميد وار عرضدار ڪيترائي آهن طالبي وارو سلسلو اڃا تائين يعني 2003 ع تائين بند آهي . تقريباََ اٺاويهه سال ٿي ويا آهن
.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو