بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Bhagat RasingRam ڀڳت راسينگرام



ڀڳت راسينگرام

ڀڳت راسينگرام جو جنم ڀائي ايسرداس وسنداڻي نکه سوميسر ذات برهم کتريءَ جي گهر ۾ تاريخ 24 اسو سنبت 1882 شهر مٽياريون تعلقو هالا ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هيءُ قد جو ڊگهو ۽ بدن ۾ پورو پنو هو. مٿي تي پٽڪو، بدن تي قميص ۽ ڌوتي پائيندو هو. ڏاڙهي رکيل هيس. سدائين نماڻو ٿي ايشور جي ڀڄن ۾ محوُ رهندو هو.
هي گرهستي هو. اباڻي ڪرت ڪپڙي جي ڇپائيءَ ۽ رنڱائيءَ جو ڪم ڪندو هو. پنهنجي ٻين ڪٽنبين سان گڏ رنڱاوت جو ڪم ڪندو هو جو سڀئَي گڏ هئا. ننڍي هوندي کان ٿورو گهڻو ايشور ڏانهن لاڙو هوندو هوس پر جڏهن پنجويهن ورهين جو ٿيو تڏهن سڄو ڌيان ايشور ۾ لڳائڻ لڳو ۽ ڀڳتيءَ ڏانهن پورو ۽ پڪو لاڙو ٿي ويس. پوءِ گروءَ جي تلاش ڪيائين. ڳوٺ تنو جي وسِيءَ ۾ ڀائي پرم هنس شش ٻائي گلابداس کي پنهنجو گرو ڪري ان کان گر منتر ورتائين ۽ گلابداسي پنٿ اختيار ڪيائين جو آخر تائين ان ۾ رهيو. سندس پويان هاڻي پاڻ کي گلابداسي سڏائيندا آهن. هنن جي نمسڪار يا کيڪار جو اکر “جئي مهاراج” آهي. هن کي ڀڳتي جي ايتري لگن لڳل هئي جو هو روزانو پرڀات جو ٽئي ميل پنڌ ڪري مٽيارين مان تنوءَ جي وسين گروءَ وٽ درٻار ۾ ويندو هو ۽ اتان موٽي اچي پنهنجي روزاني ڪم ڪار کي لڳندو هو.
جڏهن پرماتما جو پورو پورو عشق لڳس تڏهن انهيءَ جا گڻادواد ڳائڻ لڳو ۽ بي اختيار ڀڄن ۽ سلوڪ ويٺو چوندو. جي پوئي وري انهن کي ياد ڪري وهي لکندو هو. هڪ ڪتاب لکيائين جنهن ۾ ٻه ٽي سئو ڀڄن ۽ ڪيترائي سلوڪ سندس ٺاهيل لکيل آهن. اهو سندس هٿ اکر لکيل ڪتاب قلمي نسخو ته سندس اولاد وٽ آهي باقي ان تان نقل ڪيل ڀڄن شلوڪ سڀ مورُو مل ڌانڌا وٽ پڻ آهن، جو اڃا ڇپيو ڪونهي. هت فقط نموني طور ڀڄن ۽ شلوڪ لکجن ٿا پر سندس واڻي گهڻو ڪري هندي ڀاشا ۽ پنجابي ڀاشا جا اکر مليل جليل سان گڏ آهي ۽ ڪٿي ڪٿي سنڌي اکر ۽ لفظ به ڪتب آندا اٿس. چڱو ڪوي هو.
            هڪ ڏينهن گروءَ کي ڀڄن ڳائيندي چيائين: “ڪرون آزي سنو شاه جي ٿيوين “راسينگه تي راضي”. پوءِ هي مٽيارين مان لڏي سنبت 1961 وڪرمي ۾ اچي نوابشاه ويٺو. پڇاڙيءَ تائين اتي ئي رهيو.
نوابشاه ۾ تاريخ 10 ڪَتي سنبت 1965 وڪرمي ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪري پرلوڪ پڌاريو ۽ وڃي وئنڪٺ ۾ واسو ڪيائين. سندس ڪي نشانيون اڃا سندس پوٽن وٽ رکيل آهن.
شلوڪ
جوڳه ڪريئَي جان م ڪيا ڀمي برهمنڊ،
دم سين ڌيان لڳائيي جوڳه ڪجي اکنڊ ،
“راسينگه” ٻيو سڀ پاکنڊ، سونهون بن سنسار ۾.

زباني ذڪر جي ڇا کي جکين جکه،
پرو پوندءِ ڪو نڪو توڻي ذڪر ڪرئين لکه،
“راسينگه” تڏهن پوي پرکه ، جڏهن ڪرين ذڪر قلوب ۾.

جي گڏجين پرينءَ کي ته ڪر وطن کي توائي،
واڪا ڪندي ويڙه ۾ ويندء عمر اجائي،
لنو لالن سي لائي، ته رچين “راسينگه” رنگ ۾.

جي نه گڏيون پرين کي، تن کي پورن مٿي پور،
وڇوڙي جي ورهونءَ جا سوءرن،
مٿي سوءر گڏجون سي حضور رتيون “راسينگه” رنگ ۾.

قلمي ذڪر ڪامل ستگوروءَ بتايو،
اٺئي پهر الاهوء الاهوء، وڃي پساه ۾ ملايو،
پوء “راسينگه” رلايو، دم دوست جي دم ۾.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو