صوفي فقير روشن الدين “روشن”
طالب المولى
فقير روشن الديرن ولد فقير حاجي محمد سومرو تعلقي عمرڪوٽ جي
ڳوٺ صوفي جو ويٺل هو، مرحوم سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ۾ چڱو مايو رکندڙ هو.
ابتدا ۾ سير ۽ شڪار جو شوق ۽ آخر ۾ فقير ٿي رهيو. فقير ته سندس گهر جي چيز هئي.
نيٺ ته چله ڪشي ۾ جسم به جلائي ڇڏيائين. هڪ ڪتاب به لکيائين جو (غير مطبوع آهي)
پنهنجي نوع ۾ يڪتا آهي. مرحوم بلڪل نرم طبيعت انسان، خوش اخلاق درويش ۽ باتهذيب
فقير شاعر هو. صادق فقير سندس جد ۾ آهي. پنهنجي ڀاءُ صوفي قلندر بخش جي قتل ڪرائڻ
بعد باقاعدي فقير اختيار ڪيائين.
ڪلام
ذاتي والا سر سنڀال
ناز نفي داڪر اثباتي
1- وحدت ڪنون ڪثرت هوتي ڪثرت
وچون وحدت هوتي.
سارا بره بحال آڻ سمايا وچ صفا تي،
2- غوطا مارين غرق جي ٿيوين، ماڻڪ
ماڻين اڻ لڀ ايوين.
تنين وچ جذب جمال. سمجهي ماين
جي جذبون جهاتي،
3- وچ گهونگٽ دي گهوٽ گذارين، ونحن
اقرب چر تون پارين.
قالو والا قول تون پال. ڪنڌ
ڪياوين قزين ڪاتي،
4- هادي دا پريت وڻ. سيني وچون
سنگ سماوڻ،
هي رانجهن رل مل مال. “روشن” لئون جا
لئون لئون لاتي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو