بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Baabo Narag ٻاٻو نارگ


ٻاٻو نارگ

اٽڪل 200 يا 250 سالن جي ڳالهه آهي ته ڳوٺ سيد جو چمبڙن ۽ لجواڻي جي ڳوٺن جي وچ ۾ تعلقه ٽنڊوالهيار برهم کتري ذات ۾ نُک ڏوڙ ۾ ٻاٻي نارگ جو جنم ٿيو. هي ننڍي هوندي کان ئي ايشور جو پورن ڀڳت هو. سندس پتا ماتا جي نالن سان ۽ سندس جنم ۽ ٽٻي هڻڻ جي تاريخ يا سال جو اڃا پورو پتو نه پئجي سگهيو آهي سندس پتا ماتا جڏهن ٻاٻو نارگ اڃا ننڍو هو ته پرلوڪ پڌاريا سندس پرورش ان جي ڏاڏي ڪندي هئي. ننڍي هوندي جو نالو نارو هيس. پوءِ سڌيءَ ۽ ڀڳتي ڏسي نالو ٻاٻو نارگ رکيائونس.
جڏهن ڪجهه وڏو ٿيو ته اباڻي ڪرت يعني ڪپڙي رنڱائي ۽ ڇپائي جو ڪم شروع ڪيائين ۽ ان مان ئي پنهنجو گذر ڪرڻ لڳو وري ڪن سببن جي ڪري پنهنجو ڪم هلائي نه سگهيو ان ڪري ان ڳوٺ ۾ مسلمان کٽي(نکڙيو کٽي) رهندو هو. ان وٽ هي ساڳيو ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ان جي عيوض هن کي پگهار ملندو هو جنهن مان ڏاڏي پوٽو گذران ڪندا هئا.
هي اڃا منڱيو ئي ڪونه هو جو هن ٻال برهمچاري ٿي رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. هڪ دفعي ان مسلمان کٽي جي زال کي دل ۾ اها ڳالهه اچي وئي ته اسان کي ڪنواري ڪنيا پرڻجڻ جي لائق ويٺي آهي ڇو نه هن  جي شادي ٻاٻي نارگ سان ڪرائجي جو ڇوڪرو تمام چڱو سلڇڻو ۽ عمر ۾ به نوجوان ڇوڪريءَ کان ٻه ٽي سال وڏو آهي پر پنهنجي مڙس سان اها ڳالهه ڪيئن ڪڍي ان لاءِ وجه پئي ڳولهائين ۽ موقعو پئي تاڻيائين. هڪ ڏينهن ٻاٻو نارگ ٻاهر پکڙيل ننگ کڻڻ لاءِ وڃي رهيو هو ان مسلمان کٽي پنهنجي ان وڏورو ڌيءَ کي چيو ته “وڃ نارگ جي پٺيان ننگ کڻائي اچيس.” جوڻس کي اهو موقعو ملي ويو ۽ مڙس کي چيائين ته “تو ته ڌرم هاري ڇڏيو، هاڻي پنهنجي ڌي پرڻائي ڏيون نارگ کي”. اڳي وات مان اکر نڪرڻ تي ان ڳالهه لاءِ عمل ڪندا هئا ۽ ان تي پنهنجو ڌرم سمجهندا هئا ۽ ڪڏهن به نه ڦرندا هئا ڇو ته “ڌرت پڙيئَي ڌرم نه ڇوڙيئَي” واري چوڻي قائم رکندا هئا.
جڏهن رات ٿي ته نارگ کي چيائون ته تون شادي ڪر ۽ توکي اسين پنهنجي ڌيءَ ته تنهنجو گهر ٺهي پوندو  خوش گذاريندي پر هن سفا انڪار ڪيو. تنهن تي پنهنجي عزيزن سان صلاح ڪري رٿ رٿي ته نارگ کي رات جو گهر ۾ گهرائي زوري نڪاح وجهي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏيون. پر ٻاٻي نارگ کي سڻس پئجي وئي سو اٿي جهنگ منهن ڏئي ڀڳو ته سندس پٺيان سندس دوست نالي چوءٿ رام مدد ڪرڻ واسطي ڀڳو. مسلمان کٽيءَ کي جڏهن سڌ پئي ته نارگ ڳوٺ ڇڏي وڃي ٿو ته هي به پٺيان پيس. ٻاٻو نارگ ۽ چوءٿرام هلندي هلندي جڏهن چمبڙن جي ڳوٺ کان اٽڪل ٽي ميل کن پري هڪ مقام وٽ پهتا ته اتي اهو مسلمان کٽي ۽ سندس ساٿي اچي ويجهو پهتا. هڪ ته ٻاٻو نارگ ۽ چوءٿرام ٻئي ٿڪجي پيا هئا ٻيو هيءُ کٽي به ساٿين سميت اچي پهتو. ٻاٻي نارگ ٻي ڪا واه نه ڏسي ان مقام وٽ بيهي ڌرتِيءَ ۾ ٽٻي هنئي ته چوئٿرام چيس ته يار مونکي ڇڏي نه وڃ مونکي به وٺي هل، اتي زمين وري ڦاٽي پئي ۽ چوئٿرام به زمين ۾ ٽٻي هنئَي. مسلمان جي هنن پٺيان پيا هئا سي ڏسندي ئي دنگ رهجي ويا ۽ ڏاڍو حيران ٿيا پوءِ موٽي هليا ويا.
مولچند منگهو مل ڏامراڻي نک دڙا برهم کتري ويٺل شهر ٽنڊو الهيا هڪ رات خواب لڌو جنهن ۾ ٻاٻي نارگ هنکي درشن ڏنو ۽ چيائينس ته چنبڙن کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي مقام جي ڪنڊ وٽ مون ٽٻي ڏني آهي ۽ مونسان گڏ منهنجو دوست چوئٿرام به آهي ان به ٽٻي هنئي آهي. اتي نشانيءَ طور هڪ ڌڙيو ٻيو ڪٽارو اهي ٻه پور رکيا اٿو جي کڻي اچو ۽ ان جاءِ تي منهنجي سماڌي ٺهرايو ۽ شاديءَ ۾ جيڪو ڪنوار کي ويڏيءَ مهل ڪوٺڙيءَ جو پڙو ٿا پهرايو ان ۾ هي ٻئَي پور به هڻجو.
صبح جو ڀائي مولچند خواب واري ڳالهه پئَنچن سان ڪئي ۽ ڪي پئنچ ٽنڊي الهيار مان سنڀري نڪتا ۽ اچي ان ٻڌايل هنڌ تي پهتا ڏٺائون ته برابر ڌڙيو ۽ ڪٽارو رکيا آهن جي هنن کنيا نشان ڪري ڇڏيائون. پوءِ اتي ﭼﺆکنڊي ٺاهي ان ۾ ٻه سماڌيون ٺهرايون هڪ ٻاٻي نارگ جي ۽ ٻي سندس دوست چوئٿرام جي . پوءِ جڏهن ٻاٻي نارگ جي ڏاڏي سرڳواس ٿي ته انکي به ان ﭼﺆکنڊي جي ٻاهران سماڌي ڏنائون. جيئَن ته ٽٻي بڊي جي چنڊ ڏينهن هنئَي هئي، ان ڪري هر سال بڊي جي چنڊ کان تاريخ پهرين ۽ ٻي ڪل ٽي ڏينهن ميلو لڳندو هو جو ميلو پوج پئَنچات برهم کتري ٽنڊي الهيار واري هڻائيندي هئي. جتي ڪٿي ڪٿي جا ماڻهو پري کان ايندا هئا. سڏ پنڌ تي مائي چُکِيءَ جي سماڌي هئي، جنهن ڏٺو ته ٻاٻو نارگ مون کان زور آهي ته حڪم ڪيائين ته ميلو منهنجو جاٽ ٻاٻي جي. تنهنڪري جيڪي ياتري ٻاٻي نارگ جي ميلي تي ايندا هئَا سي مائي چُکي جي سماڌي تي به اچي درشن ڪري ويندا هئا. تنهن کانسواءِ سندس آگيا جي پالن لاءِ ڪوٺڙي جي پڙي ۾ پلاند کان ڌڙيو ۽ ڪٽارو به ڇريندا هئا، جو پڙو ڪنوار پائي ويڏيءَ تي وهندي هئي ۽ کترين جي نشاني هئي. پر هندستان ۾ لڏي اچڻ بعد هِيءَ رسم به ماڻهن ڇڏي ڏني آحي.
جڏهن ٻاٻو نارگ تاندڻيءَ جو ڪم (کاڌيءَ هٿ جي اُڻيل سوڙ، پٿراڻي، وهاڻو، بجڪو، رجائي وغيره ڇپڻ لاءِ مليل ڪپڙي کي تاندڻي چئبو آهي) ڪندو هو، ٻاٻو نارگ جو چرون چاڙهي ڪورو ڪپڙو ئي بنا رجي چرونءَ ۾ کڻي وجهندو هو ۽ چوندو هو ته هيءُ فلاڻي جو بجڪو اٿئي، هي فلاڻي جي سوڙ اٿئي، هي فلاڻي جي پٿراڻي اٿئي وغيره وغيره يعني ڌڻيءَ جو نالو ۽ جيڪا ڪپڙي مان ئي رڱڻي هوندي ان جو نالو وٺي چرونءَ ۾ وجهندو ويندو هو. جڏهن رنڱ ٽهڪجي تيار ٿيندو هو هِي ڪڍنڌو هو ته اُهي ننگ سڀ اهڙا ئي تيار ڇپيل تيار ٿيندا هئا جيئن هو چوندو هو.
ٻاٻو نارگ مهمان نواز به خوب هو.  هڪ دفعي هڪ ڄڃ وڙس اچي لٿي جنهن ۾ ماڻهو به 20 کان 70 هئا.  هن ننڍڙي ديڳڙي کڻي چاڙهي ۽ ان مان سڄي ڄڃ کي کارائي وڃي پار پيو.
تيجو مل واڻيو ويٺل ڳوٺ ڊيشڪ لڳ شهر ميرواهه گوچاڻي ضلعي ٿرپارڪر کي پرڻي بعد ڪي ورهيه لنگهي ويا پر اولاد ڪونه ڪو ٿيو هو. جنهن ٻاٻي جي سماڌي تي اچي پلئه پاتو ۽ پنڌ ڪندو ئي رهيو.  ٻاٻي جي ديا سان هنکي پٽ ڄائو.
هڪ مسلمان نالي خميسو ذات لجواڻي جنهن جي زمين ٻاٻي جي ﭼﺆکنڊي ڀرسان هئي، جنهن ۾ هن ڪا پوک  پوکي جنهن جي سنڀال لاءِ رات ڏينهن ٻنيءَ تي لهندو هو. هڪ ڏينهن اچي سخت برسات پئي ۽ سندس ماني گهران اچي ڪانه سگهي. کيس بک به اچي لڳي. ڪنهن وقت ڏسي ته هڪ کٽ آسمان مان لهي رهي آهي جنهن تي ٻاٻو نارگ ۽ ٽهليو ٽهلرام ويـٺل ڳوٺ چنبڙ ٻئي ويٺل هئا، جا اچي ٻاٻي نارگ جي ﭼﺆکنڊي ۾ لٿي. هي هيٺ پاڻيءَ وغيره جي ٻنيءَ ۾ سنڀال ڪري ٻنا وغيره ٺاهي پيهي تي چڙهيو. جان کڻي ڏسي ته گرم گرم روٽي ٽن ڄڻن جي اتي رکي آهي. اها ڏسي هن ٻن ساٿين جيڪي هيٺ هئا انهن کي سڏ ڪيو ۽ روٽي ڏيکاري ڳالهه ٻڌائي پوءِ ٽنهي ويهي اها روٽي کاڌي ۽ ڍئو ڪيائون. ان بعد هنن جو ٻاٻي نارگ ۾ ڏاڍو صدق ٿي ويو، ۽ ميلي وقت ڪا نه ڪا اچي شيوا ڪندا هئا. ياترين کي ڪڏهن گهوڙن جي لاءِ گاهه رسائي ويندا هئا ڪڏهن ڀنڊاري جي رڌ پچاءَ لاءِ ڪاٺيون ڪري ڏئي ويندا هئا، ڪڏهن پاڻي ڀريندا هئا وغيره وغيره.
هن دفعي ميلي جي وقت ڀڄن ڀاءُ ڪندي جوت جاڳندي ﭼﺆکنڊي ۾ نظر آئي جا سڀني ياترين ڏٺي جنه لاءِ عجب ۾ به پئجي ويا ۽ وشواس به وڌين.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سخت طوفان لڳو ۽ مينهن اچي پيو جو جهر جهنگ پاڻي ٿي ويو. ان ڪري ان سال ميلي ڪو به ياتري ڪونه آيو ۽ نه ڪوئي ميلو بڊي جي چنڊ تي لڳايو ويو، پر هڪ جوان سگهرو پنهنجي زال سميت گهوڙي تي چري جهر جهنگ جهاڳي ميلي واري ڏينهن اچي اتي پهتو جو سندس جا سکا سکيل هئي سا پوري وئي. اچي ڏسي ته ڪير به ڪونهي ۽ سج لٿي جو ٽائيم هو، سو هاڻي ڪڏهان وڃي؟ پوءِ هن گهوڙي جي ٻاهران ٻڌي پاڻ گهوڙي جوپ ڪاشو لاهي ان کي ﭼﺆکنڊيءَ ۾ ويٺا ۽ آخر سمهي پيا. جڏهن ننڊ آين ته آواز آيو ته اٿو اٿي روٽي کائو جڏهن اٿيا ته ڏسن ته ٻن ٿالهين ۾ گرم طعام رکيا آهن جي هو ٻئي کائي ۽ سمهي پيا ۽ باسڻ اتي ئي کڻي رکيائون. صبح جو اٿي ڏسن ته باسڻ هئا ئي ڪين. پوءِ هو سلام ڀري پرساد رکي واپس روانا ٿيا.
اُهي سنڌ ۾ ڪوبه کتري ڇپائي جي ڪم لاءِ پٽئي تي وهندو هو ته پهرين ائين چوندو هو ته ٻاٻا نارگ نوري ڪجان ڪم حضوري. ائين ڪرڻ سان هننجي ڇر ۽ رنگ ٻئي سٺا ٿيندا هئا.
سنڌ مان لڏڻ بعد ماڻهن ڪيترن ئي هنڌن ميلا لڳائيندا هئا ۽ ڀڄن ڀاءُ ڪرڻ پرساد يا ڪڻڪون ورهائيندا هئا جهڙوڪ اجمير، بياور، جئپور، ڪوٽا، راجڪوٽ، جيتپور، آگرو وغيره. اجمير ۽ بياور ۾ ٻاٻي نارگ جا آستان ٺهيل آهن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو