سيد گوهر شاه (ثاني) “محافي ڌڻي”
منڱڻيجو
ڊاٽ ڪام
سندن ولادت سنه
1275هجري مطابق 1856ع ۾ ٿي. پاڻ پنهنجي والد بزرگوار جي شهادت کان پوءِ درگاه شريف
جا چوٿون نمبر پيرپاڳارھ ٿيا.
جماعت سندن لاءِ
”محافو“ ٺهرايو هو، جنهن ۾ پاڻ سوار ٿيندا هئا ان ڪري ”محافي ڌڻي“ جي لقب سان
مشهور آهن. پاڻ قدس سرھٗ مسند نشين ٿيڻ سان سڀ کان اول پنهنجي مريدن ڏانهن توجه
ڏنو، انهن جي اصلاح ۽ تربيت لاءِ سفر شروع ڪيا، جنهن سان جماعت ۾ هڪ نئون روح پيدا
ٿيو. جيتوڻيڪ سندن مقصد هڪ روحاني رهبر جي حيثيت سان جماعت جي اصلاح ۽ تربيت هو پر
انگريز بزدل ان ۾ پنهنجو خوف ٿي سمجھيو. هن پنهنجن ڇاڙتن ۽ خمير فروشن جي هٿان هڪ
منصوبو جوڙيو، ته جماعت جي مک سرڪردھ ماڻهن کان دوکي ۾ ڪي ڪم ڪرائي پهريان انعام
ڏئي ۽ پوءِ اهي ڪيس بيهاري ڏوهاري قرار ڏيئي بعد ۾ پيرصاحب تي رياستي زور ۽ جبر
وجھي ڪن شرطن سان حاضر ڪري انهن کي قيد ڪيو وڃي. تاريخ گواه آهي، ته ڪيئن سانگھڙ
جي هندو مکيءَ پاڻ پنهنجون مينهون ڪڍيون ۽ پوءِ پوليس بهادر فقيرن کان مدد وٺي
خيرپور جي ڇٽل کان ڀرڳڙي تي ڪاه ڪرائي. پوءِ اهو ئي ڪيس ٺاهي فقيرن تي هنيو ۽
هيڏانهن پيرسائين جن کي حيدرآباد ۾ نظربند ڪري انهن ناليوارن جوڌن جون فهرستون کين
ڏنيون جنهن تي معافي نامن جا معاهدا ڪري پيرسائين جي هٿان حاضر ٿيڻ جو پيغام ڏياري
انهن کي ٺڳيءَ دغا سان سرِ عام ڦاهيون ڏنيون. پاڻ پنهنجي فقيرن کي اهڙي دوکي سان
شهيد ڪرڻ تي رنجيدھ ٿيا ۽ پوءِ مسلسل انگريز سرڪار جي ظلم ۽ تشدد جا هيانو ڏاريندڙ
واقعات ڏسي نه سگھيا ۽ پوءِ 39 سالن جي عمر ۾ 4 جمادي الثاني 1314هجري 11 نومبر
مطابق 1896ع تي وصال فرمايائون.
سندن دؤر جا اهم
واقعا:
بچو بادشاه ۽ پيرو
وزير سانگھڙ ۽ ان جي آس پاس علائقن تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ انگريز ۽ ان جي
ڇاڙتن کي خوب ذليل ڪيو. ڪيترائي اهم ماڻهو چونڊي جهنم رسيد ڪيائون. نائڪ جوال
سنگهه کي بهرام بري جي ميڙي ۾ حرن ماري ڇڏيو. 1895ع ۾ لوڙها لڳا ۽ پهريون لوڙهو
جانب جي دؤر ۾ لڳو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو