نواب جان محمد لغاري
طالب المولى
جان محمد عرف جانعلي تخلص جانعلي ولد غلام الله لغاري ويٺل خانپور لڳ تاجپور
تعلقه هالا ضلع حيدرآباد 8 اپريل 1881 ۾ ڄائو. مرحوم کي فقيري خانداني ورثي ۾ ولي
۽ شاعري به اهڙي طرح ملي، سندس شاعري پراڻي طرز
جي آهي. پاڻ نفيس مزاج ۽ خوش خلق هو. اگرچه پنهنجو فوٽو ۽ ڪلام شايع ڪرڻ جي
خلاف هو مگر اهڙي مرد کي ڪيئن رهائي ڇڏجي. مرحوم جي روح کان اجازت وڃي ٿي. پاڻ 29
جولاءِ 1948 ۾ وصال ڪيو.
ڪلام
ڏاڍو عشق سڄڻ تنهنجو آهي،
1- صورت تنهنجي
سرس سوائي، سورج چنڊ جو چمڪو ڇاهي.
2- حال اسان جو
معلوم توکي، توبنا ٻيو ڪو نه آهي.
3- راض رانجهن
اڳي ڇو ئي ڏيکارئي، هاڻي ڇڏيئي شايد الاهي.
4- موڙيئي منهڙو
مٺا ڇو مان کئون، ڪا ته اسان ڏانهن آهي.
“جانعلي” کي جي
جيارا.
قربئون ڏسو اچي
ڪاهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو