بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sufi AssoRam Sahib صوفي آسورام صاحب

صوفي آسورام


ماستر آسومل عرف صوفي آسورام ساڪن هالا پراڻا هڪڙو درويشن جو نوازيل ۽ علم وارو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.
ولادت ۽ ننڍپڻ؛
ماستر آسومل تاريخ 21 مهيني اسو سنبت 1910 (1824ع) ۾ ڄائو هو. اصل نالو آسومل هوس، پر پينشن وٺڻ ۽ فقيراڻي ويس ڍڪڻ کان پوءِ صوفي آسورام يا ساڌو آسورام سڏيندا هئس.
ساڌو آسورام جي پاڙي ۾ هڪڙو خدا پرست معذور درويش سيد فقير علي شاهه نالي رهندو هو، جو معذور هوندي به اعلى درجي جو نبض شناس ۽ حاذق حڪيم هوندو هو. وٽس بيمارن جا سدائين ميڙ لڳا پيا هئا ۽ ڪيترائي نوجوان خواه ڇوڪر وٽس دوائن سٽڻ ڪٽڻ جو ڪم پيا ڪندا هئا ۽ طبابت جي تعليم پيا حاصل ڪندا هئا. ساڌو آسورام اسڪول جي تعليم وٺڻ واري زماني ۾ ان سيد جي حاضري به پيو ڀريندو هو ۽ دوائن جي سڃاڻپ ۽ نبض شناسي جي تعليم به پيو وٺندو هو. ساڌو آسورام کي تصوف جو شروعاتي اثر به اتان حاصل ٿيو. هڪڙي پاسي ڌرم شاسترن جو مطالعو، ٻئي پاسي آخونداڻي تعليم جو اثر. ٽئين پاسي تصوف جي مضمون وارن پارسي ڪتابن جو مطالعو ۽ چوٿين پاسي سيد فقر علي شاه جهڙي خدا آگاه درويش جي صحبت جو اثر انهن ڳالهين ساڌو آسورام جي دل کي سچي مذهب جي واٽ هٿ ڪرڻ لاءِ بي قرار ڪيو. اڃا ڳرٽ جوان هو، ته مجازي عشق جي لپيٽ به لڳي ويس، پر ما.ئٽ سکيا آسودا هئس، تن ترت شادي ڪرايس، جنهنڪري مجازي عشق ۾ گمراه ٿيڻ جي بدران وري سنئين رستي تي اچي ويو.
ويهن ورهين جي عمر اندر ساڌو آسورام سڄو قرآن شريف به پڙهيو ۽ انجيل به مطالع ڪيائين مگر ڪو ڪامل رهنماءِ ڪونه ٿي هٿ آيس، جو هن جي حق ڳوليندڙ روح کي هڪ ٺڪاڻي ڪري. انهيءَ وهيءَ ۾ هو حيدرآباد جي نارمل اسڪول ۾ ماستريءَ جي تعليم وٺڻ ويو ۽ اتان ڪاميابيءَ سان پاس ٿي نصرپور جي اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿي ويو.  اتي سيد مصري شاه جي صحبت مان هن کي چڱو فيض ۽ قرار حاصل ٿيو، جنهن جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو اٿس. اتان وري جهوڪ شريف جي واقفيت مليس. پوءِ جئن جهوڪ شريف وارن صوفي درويشن سان وڃي صحبتي ٿيو. تئن سڀ اندر جا مونجهارا لهي ويس ۽ جهڙو سالڪ صوفي چئجي، تهڙو بڻجي پيو توڙ تائين انهيءَ قدم تي قائم رهيو.

صوفي آسورام جو ڪلام
سنڌ جي شاعرن ۽ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شاعر جو ايترو گهڻو ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود نه آهي، جيترو صوفي آسورام جو آهي. صوفي آسورام جي ڪلام جا ٽي وڏا ڪتاب موجود آهن:

1- ديوان آسو، 2 – رساله آسو، 3- پريم غنچه

انهن مان ”ديوان آسو“ 1897ع ۾ لکي تيار ڪيو هئائين ۽ سندس ئي حياتيءَ ۾ ڇاپجي چڪو آهي، جو مسٽر ويڙهي مل کٽڻ مل پبلشر بڪسيلر لاڙڪاڻه واري ڇاپي پڌرو ڪيو آهي ۽ باقي ٻه ڪتاب اڃا صوفي آسورام جا هٿ لکيل سندس وارثن وٽ موجود آهن.

صوفي آسورام جي ڪلام جي عبارت ۽ مضمون
1- ٻولي

ٻوليءَ جي لحاظ سان صوفي آسورام جي سموري ڪلام کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙو اهو ڪلام اٿس جنهن ۾ يوگ وديا ۽ ويدانت سان خاص تعلق رکندڙ اهڙآ ڏکيا سنسڪرت لفظ ڪم آندا اٿس جن جي معنى ڪو به مسلمان ته سمجهي نه سگهندو، پر سڀڪو هندو به ڪنهن “ڪوش“  يا ”ڊڪشنري“ کولڻ ڌاران معلوم ڪري نه سگهندو، پڻ تصوف سان خاص تعلق رکندڙ ۽ ٻيا اهڙا ڏکيا عربي لفظ ڪم آندا اٿس جن جي معنى ڪو به هندو ته سمجهي ڪونه سگهندو، پر سڀڪو مسلمان به ڪنهن ”لغت“ اٿلائڻ ڌاران پروڙي نه سگهندو.

(1) مثال

جي ڀائين ملان محب کي ته من ۾ رک محبت
من، ٻڌ، چت، اهنڪار ڇڏي ناداني نخوت

خناس، نفس، شيطان جي لڳي قلب ۾ ڪلفت
نفس آماره جي من مان وڃائج وسعت

چار ساڌن گيان سين سچي رک صحبت.“

مضمون:

صوفي آسورام جي سموري ڪلام جو مضمون اهڙو اعلى ۽ دلچسپ آهي، جنهن جي تعريف جيتري ڪجي اوتري ٿوري آهي.
رساله آسو“ ڀاڱي پهرئين جي هر هڪ سٽ جو مضمون شاه جي رسالي جي ساڳئي نالي وارن سرن جي مضمون سان لڳ ڀڳ رکيو اٿس. فقط ”سر ڌناسري“ ۽ ”سربسنت“ جي مضمونن ۾ هي تفاوت رکيو اٿس، جو شاه صاحب سر ڌناسري ۾ حضرت مديني جي مير عليہ الصلاة والسلام کي صدائون هنيون آهن ۽ صوفي آسورام حضرت مديني جي مير کي صدائن سان گڏ حضرت جيلاني بادشاه ۽ پنهنجن بزرگ مرشدن کي به صدائون هنيون آهن.
سربسنت“۾ شاه صاحب ديس جي حالتن موافق بهار جي موسم جا قدرتي نظارا بيان ڪيا آهن ۽ صوفي آسورام صاحب بهاري موسم جي قدرتي نظارن جي بيان سان گڏ هوري کيلڻ، گلال ڇٽڪارڻ کي به روحاني رنگ ۾ ڳايو آهي.
رساله آسو“ جي پهرئين ڀاڱي کان سواءِ ٻيو جيڪو به صوفي آسورام جو ڪلام آهي، تنهن ۾ هيٺين مضمونن کي جدا جدا لفظن، طرزن ۽ جدا جدا رنگن ۾ وري وري پي ڳايو اٿس:

(1) خدا تعالى جي هيڪڙائيءَ ۾ ويساه ۽ بت پرستي خواه مخلوق پرستيءَ تي ڌڪار.
(2) خدا تعالى سان سچو عشق رکڻ ۽ دنيا جا فرض ٻاهرين اکرين پورا ڪرڻ.
(3) مرشد ضرور وٺڻ ۽ مرشد جي هدايتن موجب هلڻ.
(4) دنيا جي فنائي ۽ روح ۽ رب جي تعلق جو دائمي بقاءُ.
(5) يوگ وديا، ويدانت ۽ تصوف جي ڀيٽ ۽ سڀني مذهبن جو مقصد ساڳيو سمجهڻ.“
(6) فقيريءَ سان تعلق رکندڙ هدايتون ۽ نصيحتون.

هت فقط نموني خاطر صوفي آسورام جي ڪلامن مان ٿورڙا چٽڪا ڏيون ٿا.

(1) خدا تعالى جي هيڪڙائي

ڀڄن (سر شام ڪلياڻ)

دين ڪفر سڀ ڇوڙ سياڻا
صاحب سڀ تي نيارا

1-      الڳ الله هڪڙو ئي آهي سو قادر ڪلتارا،
پاڻ ۾ پاڻ کي ڏس پيهي کولي اندر جا تارا.

2-     هر جا حاضر آهي ڏس تون ”ونحن اقرب“ اشارا،
باقي بقا تنهن پاڻ  ڌڻي کي ٻيا فاني جگ سار.ا

3-     لا ابالي سرڪار تنهين جي ڪنبندو رهج هوشيارا،
ڪنهنکي ڪهائي ڪنهنکي نوازي عجب سندس اسرار.

4-     آسو“ قلب اجارج سچ سان ٻيا ڪر دور خسارا،
لا“ جو ترهو کڻ تون سنگي ٻيا ناهن ڪي چارا.

(پريم غنچو)
پٿر نه پوڄ
ڀڄن (سر جوڳ)

مول ڇڏي جو پڪڙي ڏاري
تنهن جي سڌ گم ٿئي ساري.

1-      ڌڻي نه سوجهي پٿر کي پوڄي
اندر تنهنجي انڌ انڌاري........

2-     الف“ بنان ٻيا اکر اجايا
آسو“ سٽ سا آهي ساري......

رساله آسو ڀاڱي پهرين مان ٻه ٽي ڏوهيڙا

1-      سو ٿيو اثبات- جڏهن هيءُ ٿيو گم هن ۾،
نڪا دوزخ بهشت جي حورن سندي تات،
ويئي ذات ۽ بات – آسو انهن جسن مان.

(يمن ڪلياڻ)

2-     ٻل ٻيڙيءَ ڇڏيو ڏنو پيس ڏنگو،
آلات الڙي آسو چوي ڍيري ٿيو ڍنگو،
شال م ٿئي ونگو – ڦرهو هن ڦٽل جو،

(سر راڳ)

3-     رکيو شاه عنايت الله هادي سنڌ تي هٿ،
اڏاڻو آڪاس ۾ جنهنجو روحي رٿ،
ملي وڏي وٿ – آسوءَ کي احسان سان.

4-     غوث اعظم اوليا آهي عبدالقادر،
دادلو درگاه جو مانجهي منور،
جنهن کان طريقو قادري سربستو صادر،
واهر ڪندو ور – اوکيءَ ۾ آسو چوي.

5-      اهل الله اوليا آهي عبدالملڪ،
جنهن جو ٻنهي جهانن ۾ جهومر جهلي جهلڪ،
تنهن کي نمي فلڪ – سوڀيا رسايئين سنڌ کي.

(سر ڌناسري)

ديوان آسو“ مان ڪي نظم

مٺو ٻول

ٻول جو ٻولين مڪان سو ٻول سڀ،
ڪينڪي آکج ڪڏهن منهن سان ڪڀ.
ملڪ گيري ٿا چون شيرين زبان،
ٻاٻري ڪانڊي ڪنڊي جئن ڪيم چڀ،
ٺاهه ڪو ويري جي من سيتل هجي،
پوءِ ويريءَ جي فڪر ۾ ڪيم ڌڀ،
پاڻ جي آهي ڀلو تان جڳ ڀلو؛
دل و جان سان منجهه پر اپڪار رڀ.
ري فضل آگي جي آسو ناه نيت؛
ڪئن پوي اڳڙي جي ڦاٽي پيوءِ اُڀ.

(غزل 14)
صلاح وٺ

پاڻ ڏاهو جي هجين ته به نيڪ وٺ ٻئي کان صلاح،
ڇو ته ڪم پورو ٿيئڻ ڏاڍو ڏکيو ڌاران صلاح.
پارا ڪرڻ جو پيو بس پرجهه آهي پنڌ تو،
پاتڻي کي سڏ ڪرڻ سيڻهه نه ڇڏ هٿ مان صلاح.
هڪ ڪپر ٻيو ڪن جا ڪڙڪا ٽيو ڪچايون ڪيتريون،
سير سالم تان لنگهڻ کڻ سنڍ سچ جو تان صلاح.
لهر ليٽايا لکين ٻيڙا اڃا پيو اوجهرين،
سمهه نه سک ٿي هت پون ٿا هل ۽ هنگامان صلاح.
جوپ رک ڳن ونجهه اولا سڙه رسا کوها سکان،
سڙ رساڻي سو سونهرن کڻ تار اونهي تان صلاح.
ڀؤ نه ڀولو آه آسو جن ڀڄن ڀڳوان ڪيو،
ڪين ٻڏنديون هڏ ڪڏهن جن جي ٿي ساهڙ سان صلاح


1 comment:

  1. ان سلسلي م هي پوسٽ به نظر مان ڪڊندا۔

    http://sindhipeoples.blogspot.com/2011/11/blog-post_5028.html

    ReplyDelete

پنهنجا رايا ڏيو