بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Mirza Qaleech Baig مرزا قليچ بيگ

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ

سنڌي ادب ۾ نثر جي شروعات ترجمن سان ٿي ۽ اڳتي هلي طبعزاد نثر به تخليق ٿيڻ لڳو. انهيءَ ۾ سڀ کان نمايان ڪردار ادا ڪرڻ واري شخصيت، مرزا قليچ بيگ جي هئي. جنهن تقريبًا ٽي سؤ ڪتاب لکيا. انھن منجھان ۶۲ ڪتاب هن انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا، جن ۾ تاريخ، مذهب، ناول ڪهاڻين وغيره جي موضوعن تي ڪتاب شامل هئا، ۴۲ ڪتاب هن سنڌي نثر ۾ مذهب فلسفي ۽ اخلاق تي لکيا. هن تقريبن ڏهه ناٽڪ لکيا، ٻارنهن ناول لکيا. ان کان علاوه علمي، تعليمي ڪتاب ۽ شاهه لطيف جي سوانح به لکيائين.

هر ادب ۾ ليکڪ جي ذاتي طبيعت جا لاڙا سندس مزاج ۽ نظرين جو عڪس ضرور موجود هوندو آهي. مرزا صاحب جي نثر ۾ فڪري لاڙن کي جانچڻ لاءِ سندس شخصيت کي ڏسنداسين.
ڪتاب ”ديوان قليچ“ ۾ اجمل بيگ مرزا ڪتاب جو مقدمو لکندي چوي ٿو: مرزا صاحب جي زندگي جي طرز ۽ بود و باش انتهائي سادي ۽ بي تڪلف هئي/ طبيعت ۾ انڪساري سان گڏ خلوص ۽ صداقت نيڪي سان گڏ شرافت ۽ ظرافت موجود هئي/ پاڻ پراڻي تهذيب ۽ اخلاق جو صحيح نمونو هو/ عاجزي ۽ انڪساري به منجهس بدرجه اتم موجود هئي/ پاڻ هڪ حقيقت شناس انسان هو/ غرور ۽ تڪبر کان پري ڀڄندڙ هو/ طبيعت ۾ صبر، قناعت، بي طمعي ۽ توڪل جون خاصيتون قدرت جي طرف کان وديعت ٿيل هيس.
مرزا صاحب بنيادي طرح پنهنجي ذات ۽ رويي ۾ صوفي هو. هو پنهنجي سوانح حيات ۾ هڪ هنڌ چوي ٿوي ته ”تصوف وارو مذهب صلح ڪل جو سڀ کان بهتر آهي جو نج اسلام آهي ۽ جنهن ۾ سڀ اصلوڪا مذهب اچي وڃن ٿا، جنهن موجب سڀ انسان فرق کانسواءِ هم مذهب ۽ ڀائر ٿي سگهن ٿا.“
اهڙن خيالن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ واضح طور موجود آهي. مرزا صاحب جا لکيل طبع زاد ناول هڪ ”دلارام“ ٻيو زينت هئا. اهي ناول سماجي وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪيءَ بديءَ جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا.
مرزا صاحب جو دلارام ناول لاءِ چوڻ هو ته هن ناول ۾ اڳوڻي زماني جي قصن وانگر جن ڀوت يا پري ديو يا جادوءَ جو نالو به ڪونهي، هن ۾ اهڙا واقعا ڏنل آهن جي ٿيڻ جهڙا آهن ۽ جي سڀ ڪنهن انسان جي سر تي اچي سگهن ٿا.
هنن ناولن ۾ بنيادي طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو موجود آهي، اهڙي ئي قسم جو فلسفو شيڪسپيئر جي رومانوي ناٽڪ (Merchant of Venice) ۾ موجود آهي، جنهن کي مرزا صاحب ”حسنا دلدار“ (۱۸۹۷ع) جي نالي سان ترجمو ڪيو. هن ناول ۾ سيرت نگاري جو فڪر هن طرح سمايل آهي ته سچي عاشق جي دل ۾ جي لالچ نه آهي ته هو سوني ۽ روپي صندوق ڇڏي شيهي جي صندوق پسند ڪري ٿو، جنهن جي ئي اجوري ۾ کيس دل گهري محبوبا ٿي ملي.
مرزا صاحب ترجمي وقت هميشه ناولن ۾ سنڌي ماحول ۽ سنڌ جي فڪر جون ضروري ڳالهيون شامل ڪندو هو جهڙوڪ هن ناول مان مرزا صاحب يهودي ۽ عيسائي نفاق وارو اصلوڪو مطلب ڪڍي، هندو مسلم ميلاپ جو ترقي پسند مطلب وڌو آهي، اهڙي طرح شيڪسپيئر جا ناول (king Lear) ”شاهه ايليا“ ۽ ”فيروز دل افروز“ ۱۹۰۵ ۾ ترجمو ڪيا جن ۾ پڻ تقدير سيرت نگاري جو فلسفو موجود آهي، جهڙوڪ شاهه ايليا ۾ هڪ ڪردار بادشاهه روبيل کي چوي ٿو:
”تو کي صبر ڪري سڀ سور سهڻ گهرجن، اسين هن جهان ۾ روئيندي پيدا ٿيا آهيون سا تو کي خبر آهي اڃا پهرين هن دنيا جي هوا لڳي ٿي ته اسين روئون ۽ رڙون ٿا.
مجموعي طور مرزا قليچ بيگ جي نثر ۾ اصلاح پسندي سيرت نگاري، اخلاق ۽ تقدير جو فڪر موجود آهي، ساڳئي وقت مرزا صاحب جي شخصيت همه گير آهي، پاڻ جديد ۽ قديم جي سرحد تي بيهي ادب جي ٻنهي رجحانن جو ميلاپ اسان اڳيان آندائين، جيتوڻيڪ مرزا صاحب انگريزي ادب به سنڌ ۾ متعارف ڪرايو جيڪو جديد سماجي مسئلن ۽ اصلاح پسنديءَ تي مبني هو  تنهن هوندي به سندس طبع زاد لکڻين ۽ مجموعي رويي مان اسان کي صوفيت جا لاڙا ملن ٿا.


 

Hafiz Mohd Aslam Muhisar حافظ محمد اسلم مهيسر


حافظ محمد اسلم مهيسر

حافظ محمد اسلم ولد حافظ جان محمد مهيسر ويٺل ڳوٺ رفيق مهيسر تعلقه خيرپور انداز 1887ع ۾ تولد ٿيو . مدرسه دارلهدي ٺيڙهي ۾ فارسي جي تعليم ورتائين . مولود ، غزل ، بيت ۽ ڪافيو چيائين . پاڻ وقت جو سٺو شاعر هو . 1940 ع ۾ انتقال ڪيائين.

ڪلام

حسن حضرات بابرڪلت ظاهر ذاتي يزداني ،
صاف صفاف آ درجات منجھ محلات انساني .

ڪاريون ڪجليون تنهن ۾ تجليون ٻرن بجليون سدائي سي ،
نظارا نين آهو عين هجن دن رين لاثاني .


عجب رخسار واھ انار ٿيا قندار کان ٿيا ڪرڙا ،
ڏسي دندان لب لالان ٿئي مرجان قرباني .

اچي عشاق ٿيا مشاق منجھ ميثاق محبت ۾ ،
ٻڌي آواز ڪيائو نياز بي انداز سبحاني .

سدا صحبت مدعا محبت اها الفت آهي ”اسلم
اول فاذڪر بعد اذڪر لفظ اظهر آ قرآني .



 

پنهنجا رايا ڏيو