بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Sain Mansharam Sahib سائين منشارام صاحب

 سائين منشارام صاحب


سائين منشارام صاحب جو جنم ڳوٺ لعلو رائنڪ تعلقي وارھ ضلعي لاڙڪاڻي (ھاڻي قمبر شھداد ڪوٽ) ۾ انگريزن جي شروعات واري وقت ۾ ٿيو. نرالا سَنت، صوفي درويش ۽ شاعر ھئا. سنڌي، ھندي توڙي سرائڪي ۾ شاعري ڪيائون. سائين منشارام، سائين نوَلرام جا طالب/چيلا هُئا۔ سائين نوَلرام صاحب جن جو آستان سنڌ ۾ گانڌا خان جي ڳوٺ ۾ هو۔ منشارام صاحب مشھوريءَ کان پري، بيپرواه بزرگ هُئا، نہ کاڌي خوارڪ جي پرواھ نہ ڪا جسم جي سُڌ، ڀلي 6 مھينا نہ ونھنجن بہ سندن جسم مان خوشبوءَ پئي ايندي ھئي. ڪيترائي ماڻهو اھو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندا هُئا. ھي مست فقير ڏينھن رات رب جي خيال ۾ گم ھوندا هئا. سندن آستان کي ڳوٺ ۾ منشارام جي مڙھي ڪري ڪوٺيندا ھئا، جيڪا ھر عام خاص لاءِ کليل رھندي ھئي ۽ وٽن ڪيترائي سَنت، درويش رھاڻ لاءِ ايندا رھندا ھئا. يڪتاري تي ڪلام ڳائيندا ھئا ۽ آواز بہ ڏاڍو سريلو ھوندو ھئن. پاڻ شادي نہ ڪيائون. سادو کائيندا ۽ پائيندا ھئا. وٽن ٻہ گانيون ھونديون ھيون، جن جي پنھنجي سر سار سنڀال لھندا ھئا ۽ ڪٿي سير سفر تي نڪرندا ھئا تہ پاڻ سان گڏ وٺي نڪرندا ھئا. سائين ساڌورام صاحب سندن چيلا ھئا. سندن خدمت ۾ شري ھرچارام، گرمکداس، دريانومل، سترامداس ۽ پٽلڌومل سدائين رھندا ھئا. 
ھڪ ڀيري سيٺ درياني مل جي وڏي ڀاءَ سيٺ نامي مل، سائين منشارام کي عرض ڪيو تہ سائين درياني کي ڪافي سال شادي ڪئي ٿيا آھن، پر اولاد ڪو نہ ٿو ٿئيس. ديا ڪري پنھنجي گنج مان ھڪ دمڙي درياني کي جهوليءَ ۾ ڏيو. سائين منشارام صاحب کلي ڪري چيو تہ: تو دمڙي گهري آھي اِنڪري درياني کي پھرين ڇوڪري ڄمندي ۽ پوءِ ڇوڪرو بہ ٿيندس. بلڪل درويش جي چوڻ موجب پھريائين کيس ڇوڪري ڄائي جنھن جو نالو دمڙي ٻائي رکيائون ۽ ان کان پوءِ ھڪ پٽ ٿيو، جنھن جو نالو دمڙو رکيو ويو. ان خوشي ۾ سيٺ درياني مل پنھنجي اوطاق واري جڳھہ سائين منشارام جي نالي سان ٺھرائي، ۽ ان جا دستاويز کين ڏنا، جيڪو پاڻ قبول نہ ڪيائون. درياني مل جو پٽ دمڙو، ورھاڱي کان پوءِ عيال سميت ھندستان جي شھر بڙودي ۾ وارشا ڪالونيءَ ۾ رھيو. 
 آخري وقت ۾ سائين منشارام صاحب سڀني پريمين کي گهرائي ٻڌايو تہ، اسان جو ھاڻ شرير ڇڏڻ جو وقت اچي ويو آھي، اسان ھاڻ پنھنجي ذڪر ۾ مشغول ٿي وينداسين ۽ ھن جسم کي ڇڏي ھليا وينداسين. مگر اسان جي جسم سان ھٿ چراند نہ ڪجو، متان اسان کي مئل سمجهي اگني سنسڪار ڪريو. ھن جسم کي نہ ڪو جيت لڳندو ۽ نہ ئي ان ۾ بدبوءِ ٿيندي. ڪو پھتل درويش ايندو تہ ان سان رھاڻ بہ ٿيندي. ھرداس مل کي حڪم ٿا ڪريون تہ ھو پٽ سميت آستان تي رھندو. اُھو ئي فقط روزانو انگوڇو آلو ڪري اسان جي بدن کي صاف ڪري ۽ وري سڪل ٽوال مٿان گهمائي تہ اسان جو سرير تازو رھندو. اسان جي کٽ جي چوڌاري ڇھن فوٽن جي ديوار کڙي ڪجو ۽ ان کي ھڪ دروازو ۽ ھڪ دري شيشي جي لڳرائجو. ڪجهہ وقت کان پوءِ سائين منشارام گيڙو رنگ جي لوئي پائي کٽ تي آرامي ٿيا ۽ ڪجهہ وقت ۾ وڃي مالڪ حقيقي سان مليا. اھا تاريخ 16 جنوري 1938ع برابر 15 پوھ وڪرمي سنبت 1993، ڏينھن آچر جو ھو. ڪجهہ وقت کان پوءِ سائين جن جي حڪم موجب سندن کٽ واري جاءِ جي چوڌاري ديوار کڻائي، شيشي جي دري ڏنائون. جنھن مان ماڻهو سندن درشن ڪندا ھئا. ھڪ دفعي سائين ڪنور رام صاحب شھدادڪوٽ ۾ ڀڳت وجهڻ آيا تہ اتي خبر ٻڌائون تہ ڀرسان لعلو رائنڪ جي ڳوٺ ۾ سائين منشارام جن پنھنجو جسم رکائي ڇڏيو آھي. اھا ھاڪ ٻڌي سندن آستان تي ڪھي آيا ۽ چيائون درويش جو درشن ڪنداسين. ائين چئي دروازو کولي اندر کٽ جي ڀرسان ھيٺ ويھي رھيا ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيو. برابر 20 منٽ کن ڪنور رام، سائين جن سان ڳالهائيندا رھيا جو آواز ٻاھر ويٺلن سڀني پئي ٻڌو مگر سمجهہ ۾ ڪنھن کي بہ نہ پيو اچي تہ ڇا ٿا ڳالهائين. فقط آواز سائين ڪنور رام ۽ سائين منشارام جو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. بعد ۾ سائين ڪنور رام اتي ويٺل سنگت کي ٻہ ٽي ڪلام ٻڌائي، لنگر کائي روانا ٿيا.
ھن وقت سائين منشارام جو آستان اُلهاس نگر 3، بمبئي، انڊيا ۾ آھي. ڪلام جو نمونو:

ڪلام 1
غئب ۾ گوتا مارو غازي، وٺ لال اَندر مان لھي لھي
1. ڏس انھيءَ کي جو ٻڌي ٻولي، ڪر شاھن شاھ سھي سھي
2. ھر جاءِ ھوت ھڪوئي وسندا، آڪاس پاتال مھي مھي
3. آپ گنوائي تان شاھ پائي، ويو نانڪ شاھ چئي چئي
4. ظاھر باطن توھين تون، ڪر دل مان دور دئي دئي
5. مام مرشد جي من ۾ راکو، پس پاڻ ۾ پاڻ پھي پھي
6. نعرا منصوري مارو ’منشا‘، پوندو ڀرم جو ڪوٽ ڊھي ڊھي

ڪلام 2
جي پچن برھ باھ کان، سچا سورھ سڏبا سي
1. اٺئي پھر اندر ۾، جپن جاني کي
تري ويا تک تار مان، سچا سورھ سڏبا سي.
2. اُھي سير سڏائين ڪين ڪي، چون اَڌ سير نا آھيون اسين،
پري آھن سي پاءَ کان، سچا سورھ سڏبا سي.
3. لوڪ ڪل جي لڄ نواريائون، ڇا ڪندو شاستر تن کي،
جي بالا آھن برھم ڀاءُ ۾، سچا سورھ سڏبا سي.
4. آشا ترشنا ناھي تن کي، چت ۾ رکن نہ چنتا کي،
اُھي ڊڄن نہ ٻئي ڪنھن ڊاءَ کان، سچا سورھ سڏبا سي.
5. من، ٻڌ، ڪام آد تياڳيائون، ڇڏيائون ديھ اھنڪار دسي،
جي دور آھن دنيا جي داءَ کان، سچا سورھ سڏبا سي.
7. ’منشا‘ موج پنھنجي ۾ آھن، سوھم آھن سي،
جيڪي نيارا آھن روپ نانءَ کان، سچا سورھ سڏبا سي.

ڪلام 3
اديون اصل کان آھيان، سچي ستگر جي گولي
ڳالهہ تنهين جي گڻن جي، ڪيان خاصي چڱي ڍولي
1. سنگت سنت سچارن جي، مون کي واھ وڻي ٽولي،
ڪري پيس ڪامل اڳيان مان، جھد ڪري جهولي
2. حجت ڇڏي ھوتن سان، ڪيم ٻانهپ جي ٻولي،
نوَلرام نگاھ سان منھنجي، اندرين اک کولي
3. لائي ڇڏيائين لک ۾، سوھم شبد سلي،
ديا ڪري دلبر ڏني، مونکي لاکيڻي لولي
4. ماري ڇڏيائين من کي، ٻولي ٻاجهہ ڀري ٻولي،
پٽيائين پاڙ ڀرم جي، ڏئي ڇوھ منجهان ڇولي
5. عشق بھار عجيب جي، منھنجي رنگ رتي چولي،
سڪ منجهان سنتن سان، کيڏان ھميشہ ھولي
6. جاني لکايائون جان ۾، ھيس ۾ ڳوٺن ۾ ڳولي،
مھر ڪري منشارام تي، ڪئي ستگر آ سولي.

ڪلام 4
مٺو محرم منھنجو جاني، ٻڌان ٿي ھوت ھت ايندو
ڀڄي سڀ ڀير پري ويندي، درد دک دور سو ٿيندو
1. سڄڻ پنھنجي يار کي ساريون، ڪيان پل پل ٿي پڪارون،
موڙي محبوب مھارون، پاڻي ھن پار جو پيئندو
2. ڪريان ويٺي درد مان دانھون، ٻڌندا سي عرش ۾ آھون،
ڏيندو عجيب اوراھون، وصل جو واءُ ڪو ورندو
3. ڪانگي ڪاغذ کڻي آندو، ڏاڍو منھنجو من ھو ماندو
پڙھيم خطڙو لٿو سياندو، دلاسو داد ڪو ٿيندو.
4. مٺو مرشد جڏھن ايندو، چوان مان ڳالهہ ڇا ٿيندو،
’منشي‘ جو سڀ مرض ويندو، مئل ساھ اچي پوندو.

ڪلام 5
ساڌ سنگت نا ڇوڙ، مٺڙا خاصي ٻولي ٻول،
مات پتا ست سھرد دارا، توسان نہ ھلندا توڙ،
ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موھ، ٽنگان ترشنا جون ٽوڙ،
ساڌ سنگت ۾ رھ ھميشہ، منھن ڪبھون نہ موڙ،
پُورن برھم پرماتما، لھ لالڻ تون لوڙ،
اڀياس ستگر شبد ڪا ڪريئي، جيتو نج من دوڙ،
’منشا‘ موج اپني ۾ رھيئي، چاھ اچاھ نون ڇوڙ.

ڪلام 6
نہ گهُريوسي مال متاع، رڳو عشق ٿا گهرون
1. رحيم رحم ڪر تون پنھنجو، عرض اگهائج اِھو منھنجو
توکي ڪيوسي اطلاع، نہ گهُريوسي مال متاع.
2. بھشت دوزخ جي بات نہ ڪئيسي، جنت کان سر جي تات ڇڏيسي،
رڳو اختياريوسي الله، نہ گهُريوسي مال متاع.
3. دين مذھب جو جهيڙو ڇڏيوسي، عشق بھار سان خيال اڏيوسي،
سانگو نہ رکيوسي ساھ، نہ گهُريوسي مال متاع.
4. محب مونکي تون يار ملائج، خيال ’منشي‘ جي کي خوب کلائج،
رھبر رک تون راءُ، نہ گهُريوسي مال متاع.

ڪلام 7 – قواليءَ ۾
خدا ھئہ، خدا ھئہ، خدا ھئہ خدا
ھئہ سڀ سي نيارا، نہ ڪس سي جدا
خدا ھئہ، خدا ھئہ، خدا ھئہ خدا
1. اگيان سي الپت ھئہ وو، گيان سي گلزار ھئہ،
ھئہ سروَ ۾ سدا، ھئہ سرو ۾ سدا.
خدا ھئہ، خدا ھئہ، خدا ھئہ خدا
2. نام روپ اس ۾ تو بنتا ھي نھين، ھئہ سڀ ڪا وو محرم پرور بندا
خدا ھئہ، خدا ھئہ، خدا ھئہ خدا
3. دئيت نہ ھئا ھئہ، نہ ڪڀي ھوويگا، ھئہ پريم بغيچي ۾ ميرا رانول رُدا
خدا ھئہ، خدا ھئہ، خدا ھئہ خدا
4. ’منشا‘ اپني موج ۾ رھتا ھئہ ھر دم، اسٿاور، جهنگم، ڪيٽ، پتنگم، آڪاش چدا
خدا ھئہ، خدا ھئہ، خدا ھئہ خدا


سائين اِندر لال عرف رام شرڻ اُداسي جن جي ٿورن سان
ورتل: 
ڪتاب: اُداسي سائين ساڌورام صاحب ۽ سندن گرو سائين منشارام صاحب جو جيون چريتر
ليکڪ: ڀائي ماڌوداس ايس. اُداسي (درٻار ناندو وارا، ضلع بلڍانا، مھاراشٽر)
۽
سائين دولترام ايس. اُداسي (درٻار اُلهاسنگر 3، ضلع ٿاڻ، بمبئي)






Bhai Dilpat Ram Sufi ڀائي دلپترام صوفي

 

ليکڪ: مستر ڀيرومل مھرچند آڏواڻي.

[ماھوار سنڌُو رسالي جي پرچي جنوري 1946ع ۾ ڇپيل]

 

سنڌ ۾ جيڪي ناميارا صوفي درويش ٿي گذريا آھن، تن مان ھڪڙو ڀائي دلپترام صوفي ھو، جو سيوھڻ جو ويٺل ھو. سندس جنم سن 1769ع ڌاري ٿيو ھو. اڳي سڄي ھندستان جا ھندو پنھنجن ٻارن کي ننڍڙي ئي مڱائيندا پرڻائيندا ھئا. انھئ قديم رسم پٽاندر ڀائي دلپترام کي به سندس مائٽن ننڍڙيئي مڱايو؛ پر ست ورھيه مڱيو ويٺو ھو تنھن کانپوءِ پرڻيو. کيس ھڪ نياڻي ۽ چار پٽ ڄاوا. سندس اولاد اڄ تائين سيوھڻ ۾ رھي ٿو.

ڀائي دلپترام سنڌي، ھندي، سرائڪي ۾ پارسيءَ جو ڄاڻو ھو. ڪلھوڙن ۽ ميرن‏  جي صاحبين ۾ سرڪاري نوڪريون انھنکي ملنديون ھيون، جي پارسئ ۾ ڀڙ ھوندا ھئا. انھئ سبب ھيءَ چوڻي عام ھئي، ته پارسي گھوڙي چاڙھي. ڀائي دلپترام پارسيءَ ۾ گوھر ھو، تنھنڪري سرڪاري نوڪري مليس، ۽ وڌي وڃي ڪاردار ٿيو.

ھڪ لڱا سيوھڻ تعلقي ۾ گشت ڪندي، معلوم ٿيس، ته ڀائي آسرداس نالي ھڪ سنت بوبڪ ۾ آيو آھي. اھا خبر ٻڌي، اُمالڪ سندس درشن ڪرڻ لاءِ ويو، جنھن مان ظاھر آھي، ته ساڌن سنتن جو سنگ اڳيئي وڻندو ھوس؛ پر ھينئر ھڪ ڪرامت جھڙو ڪم ٿي چڪو.

ڀائي آسرداس جو درشن ڪيائين، ته گھڻو نھال ٿيو. ”چارئي عين چُڀي ويا، ڳجھيءَ رمز ڳُتا.“ ھن چار چشميءَ وقت پنھنجون اکيون کڻي، ڀائي آسرداس ۾ کپايائين، ويتر سندس واتان ٻه ٽي امولڪ وچن ٻڌائين، ته اوڏي مھل ئي استيفا لکي، ميرن کي موڪليائين! ميرن جي نوڪري چاڪريءَ ڪرڻ بدران سچي سائينءَ جي چاڪري ڪرڻ لاءَ، ڀائي آسرداس کي پنھنجو گرو ڪيائين، ۾ کانئس گُر منتر وٺي، ڀڳتي، پراڻ ايام ۽ يوگ اڀياس ۾ گذارڻ لڳو.

ڀائي آسرداس اصل خيرپور جو ويٺل ھو، ۽ پوءِ ڪراچي ضلعي جي ميرپور بٺوري تعلقي ۾ ميران پور ۾ وڃي رھيو ھو. ميران پور ۾ ٻيو ھڪ ناميارو درويش شاھ عنايت صوفي ٿي گذريو آھي، جو” سنڌ جي صوفين  جو سرتاج“ سڏجي ٿو. آئي وئي جي جھوڪ سندس درگاھ وٽ ھوندي ھئي، تنھنڪري ميرانپور تي نالو ئي ”جھوڪ“ پئجي ويو. ڀائي آسر داس صوفي ھو، ۽ جھوڪ شريف وارن صوفين سان گھڻي رلمل ڪندو ھو. پاڻ به شاعر ھو؛ پوءِ سندس ڪلام ڪنھن ڪٺو ڪيو ڪو نه ٿو ڏسجي. ديوان ڪوڙيمل جيڪي ”ساميءَ جا سلوڪ“ ڇپايا ھئا، تن ۾ ٿورا بيت ڀائي آسرداس جا پيل آھن. سندس تخلص ” آسو “ ۽ ” آسر“ آھي. اڳي سنڌي چوٿين ڪتاب ۾ ” مايا “ بابت ڪي بيت ھوندا ھئا، جن جي منڊ وارو بيت ھئ ھو؛

مايا اچڻي وڃڻي، ڪھڙي ڪھڙي ڀاءِ،

ڪن جي دٻي رھي ڌوڙ ۾، ڪن جي راجا کاءِ،

ڪن جي چور کڻي وڃن، ڪن جي ساڙي باھ،

سقلي ٿيندي ساءِ، جا خرچي سائينءَ نانءَ تي.

 

پڇاڙئ وارو بيت ھيءُ ھو:

تو جا ڀائين توڙ جي، سا وڃي وھاڻي

ڪنھن سان نيبھه نه ٿئي ڌن جوڀن، جواڻي

’آسوُ‘ آکاڻي، جڳ مڙيوئي سپنو.

 

ڀائي دلپترام صوفيءَ جو ڪلام اڃا تائين ڇپيو ڪونھي، پر دستخط موجود آھي. ان ۾ ھڪ غزل پارسي بحر ۽ وزن تي جڙيل ڏٺو ھوم، جو پنھنجي ڪتاب ”چونڊ ڪلام“ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھوم. ان جون پھريون سٽون ھيءُ آھن:

لاغرض ساڻ لاغم، لاشڪ مون نيھن لاتو،
جيڏيون، دعا ڪجو،ته نبھي اچيم ناتو
.
ھن بحر بيحديءَ ۾، ڪانھي ڪنڌي پڄڻ جي،
وئي پروڙ ڀلجي، جنھن وير پير پاتو.

 ھن غزل ۾ ھڪ وڏي خوبي ھيءَ آھي، جو پوين تڪن ۾ سوال جواب آھي. مثلا تون ٿو ڪرين ڪرائين، بيوس جو ڏوھ ڪھڙو؟ چي بيرنگ جي بيان ۾ رھه بي زبان ٻاتو. آھه آزمودو، وھه عشق ۾ بلاتو.

[نوٽ: مٿيون غزل صوفي آسرداس جو نہ پر صوفي آسُورام ھالا پراڻا واري جو آھي. سندس ڪتاب ۾ ’ديوانِ آسُو‘ ۾ آيل آھي. [آڪاش آسواڻي] ]

ڀائي دلپترام ست ورھيه ساندھ پنھنجي ھن گروءَ جي سنگ ۾ گذاريو. سندس وقت ۾ ديوان فتح سنگ سيوھاڻي ۽ ٻيا حيدرآباد جي ميرن وٽ نوڪرين ۾ ھئا، ۽ حيدرآباد قلعي جي ويجھو پنھنجو پاڙو ٻڌي اچي رھيا ھئا جنھنڪري اھو اڄتائين ”سيوھاڻي پاڙو“ سڏجي ٿو. ڀائي دلپترام پنھنجو ماڳ حيدرآباد جي سپاھيملاڻي گھٽيءَ ۾ ڪيو؛ پر ڪجھ وقت جھوڪ شريف يا ٻين ھنڌ صوفي درويشن  جي سنگه ۾ گذاريندو ھو . سندس پھَس يا ھمعصر شڪارپور جو ٻائو شنڪر ڀارتي ھو، ۽ ٻئي گڏجي صوفين جي درگاھن تي ويندا ھئا.

ڀائي دلپترام قداور مڙس ھو، ۽ اکيون وڏيون ھونديون ھيس، جي سدائين لعل ھونديون ھيون. شڪل شاندار ھيس، ۽ حشمت به ايتري ھوندي ھيس، جو سندس اڳيان ڪنھنکي اجائي سجائي گفتگو ڪرڻ جي ھمت نه ٿيندي ھئي. ھو اڪثر کٽ تي وھندو ھو، ۽ پاسي کان ترار رکي ھوندي ھيس. ھيءُ مڙس توڪلي به ھڪڙوئي ھوندو ھو. ڏھاڙي سج لٿي کانپوءِ سيڌي پاڌي رکڻ جا ٿانءَ، بلڪہ دلا ماٽا بہ اونڌا ڪرائي ڇڏيندو ھو. چرندو ھو، ته ”سڀاڻي جا ڀاڳه سڀاڻي سان “! حيدآباد جي ميرن کي سُڌ ھئي، ته ھيءُ مڙس مڻيا وارو آھي، سي ججھي عزت ڏيندا ھئس ميرن کان ڪي ڇڏائڻ تي اچي ھا، ته گھڻوئي ڇڏائي سگھي ھا؛ پر ھيءُ لاطمع ھو. لاغرض به اھڙو ھو، جو ھڪ لڱا ميرن جو ماڻھو ڪوٺڻ آيس، تنھنکي چيائين، ته ”تون وڃ آءٌ نه ھلندس. مير صاحبن کي غرض ھوندو، ته پاڻيھي ھتي ايندا.“ منجھس جھجھي ڪلا ڏسي، چار معزز سندس شش ٿيا:

(1) سائين ڪيسورام ھوتجند سپاھيملاڻي (2) ڀائي کيمچند ڪرپلاڻي (3) ڀائي گنگارام جھانگارن وارو (4) ڀائي ڀوڄن داس جتوين وارو.

ڀائي دلپترام جو ڀائي ڪيسورام تي ھٿ ھو، ۽ کيس پنھنجي گادي ۽ گور واري جاءَ ٽڪاڻِ سميت ڏنائين. سندس ديھانت اسي ورھين جي ڄمار ۾ سنه 1849ع ڌاري پنھنجي وطن سيوھڻ ۾ ٿيو. سندس گدي ۽ چاکڙيون سپاھيملاڻي گھٽئ ۾ ڀائي ڪيسورام جي ٽڪاڻي ۾ رکيل آھن. سندس چيل واڻي به اتي رکي آھي، جنھن مان سندس ٿورو ڪلام پنھنجي ڪتاب ”چونڊ ڪلام“ ۾ ڏنو اٿم.

سائين ڪيسورام ننڍڙي ھوندي کانئي وٺي ويراڳ ورتي ڌاري ھئي. سندس پتا ميرن جي کرن تي تحصيلداري وٺي ڏنيس، ۾ مڱايائينس پرڻا يائينس؛ مگر سندس وئراڳ ورتي پوءِ به ھلندي آئي. ڀائي دلپتراءِ جي ديھانت کانپوءِ سندس گادئ تي پاڻ ويٺو. حقو اڳيان ٺاھي رکندو ھو، ۽ ٻه چار ڦوڪون ڀري مونن ۾ منھن وجھي وھندو ھو. سندس ھيءُ دستور ھوندو ھو، جو صبح جو ڍوڍا ۽ ڀاڄي تيار ڪرائيندو ھو. جيڪو سندس ٽڪاڻي ۾ ويندو ھو، تنھنکي ڍوڍي ٽڪر ۽ ڀاڄي، ھٿ پرسادي ڪري ، ڏيندو ھو. پاڻ نماڻي مورت ھو، ۽ سنديس ٻاڻي به نھايت نماڻي آھي. ڪٿان ڪٿان جا ھندو توڙي مسلمان درويش وٽس ايندا ھئا، ۽ ڪي ته ڪيترا ڏينھن سندس ٽڪاڻي ۾ ٽڪيا پيا ھوندا ھئا. سندس گھٽي جو ھڪ گيانچند گنگو ھو، جو عام طرح ”گيان گنگو“ سڏبو ھو. اھو لولو ۽ پنگلو بہ ھو. سٿڻ ۾ پيٽ اچي ويندو ھوس، ته پتو ڪونه پوندو ھوس. سائين ڪيسورام انھي حالت ۾ ڏسندو ھوس، ته ڌوئي صاف ڪندو ھوس، ۽ پنھنجن ھٿن سان سٿڻ به ڌوئي ڏيندو ھوس، ۽ پوءِ ڍوڍو ۽ ڀاڄي کارائي روانو ڪندو ھوس.

منھنجن اکين ڏٺي ڳالھ آھي، ته ھڪ لڱا ڪنھن ڀائيبند مائئ جي من جي ڪا مراد پوري ٿي، ته دل ڪري ائين ڄاتائين، ته ھن ٽڪاڻي وارن (سائين ڪيسورام ۽ سندس پٽ سائين ھريرام) جي ڪريا سان منھنجا ڪارج سڌ ٿيا آھن. ان وقت سوني يارھن پٽي يا پندرھن پٽي پيل ھيس، سا  ڳچيءَ مان لاھي، ٽڪاڻي ۾ ارداس رکيائين. ڀائي مولچند عاج وارو ھن ٽڪاڻي ۾ گھڻو ايندو ھو، ۽ پاڻ به سنت جن ھو. ڀائي ھريرام اھو زيور کيس ڏنو. ڀائي مولچند اھو وڪڻي پئسا آندا، ته اھي پئسا غريب غربن جي کاڌي بلي خرچ ٿيا. مطلب ته ھي ٻئي پيءُ پٽ لاطمع ھوندا ھئا، ۽ پنھنجي گھرج کان وڌيڪ پئسو پاڻ وٽ نه رکندا ھئا.

سائين ڪيسورام جي ٻي به ھڪ ڳالھ اکين سان ڏٺي ھيم، جا اڄتائين نٿي وسريم. سائين ھريرام کي پھريائين فقط نياڻيون ھيون؛ پر پوءِ ھڪ پٽ ڄائس. ڀڳونت جي اھڙي جوڙ جو انھيءَ ٻار کي پٿري ھئي. ڊاڪٽر جڏھن ”ڪئٿيٽر“ وجھندو ھوس، تڏھن پيشاب ايندو ھوس. سگھوئي پوءِ ٻار جي حالت ويئي سخت ٿيندي. ان وقت ديوان نولراءِ ۽ ساڌو ھيرانند جي وچين ڀيڻ شرافتي ڌمي ٻائي ھن ٽڪاڻي ۾ گھڻو ايندي ھئي. پڻس ديوان شوقيرام ننڍڙيئي پرڻايو ھوس؛ پر اڃا تيرھن ورھين جي مس ھئي، ته وڌوا ٿي! ڪي ورھيه گھر کان ٻاھر ڪانه نڪرندي ھئي؛ پر پوءَ ھن ٽڪاڻي ۾ اچڻ جو نيم ٻڌائين، جو سائين ڪيسورام ۾ گھڻو صدق ھوس. ھڪڙي ڏينھن شريمتي ڌمي ٻائيءَ ڏٺو ته سائين ھريرام جو پٽ گھڻو ھلاڪ آھي، سو امالڪ کڻي، ڪيسورام جي ھنج ۾ ڏنائين، ۽ چيائينسن، ته ”آسيس ڪريوس، ته ٻار وڌيڪ ڪشت نه ڏسي .“ سائين ڪيسورام پنھنجو اھو پوٽو ھنج ۾ کڻي، پوءِ ڌيان ڌاري ويٺو. لوري وقت کانپوءِ اھو ڪڪو موٽائي شرمتي ڌمي ٻائي کي ڏنائين، ۽ چيائينس ته ”پوئي ۾ وجھينس، ۽ شريمد ڀاڳوت گيتا جو ارڙھون اڌياءُ ويھي پڙھ.“ شريمتي ڌمي ٻائيءَ جي ھٿن مان ڪي ڪري پيو. سائين ڪيسورام کي چيائين، ته ”مون توھانکي ڪڪو ڏنو، ته ڪشٽ ڪٽيوس، ۽ توھين ٿا چئو ته پوئي ۾ وجھوس“ ! سائين ڪيسورام چيوس، ”ته ائين ڳالھيون ڪري وقت نه وڃاءِ. سگھو لاھي پوئي ۾ وجھينس“. شريمتي ڌمي ٻائي سندس چوڻ موجب ٻار کي پوئي ۾ وڌو ۽ شريمد ڀاڳوت گيتا جو ارڙھون اڌياءُ اڃا پورو ڪيائين، ته ٻار پراڻ تياڳيا“! اوڏي مھل ڀائي ھريرام ٽڪاڻي ۾ ھو. گھر ۾ رودن متو، ته وڌي وڃي، گھر جي دروازي وٽ بيٺو، ۽ پنھنجي استريءَ کي چيائين، ته ”جنھنجي شيءِ ھئي، تنھن ورتي، پوءِ تون ڇو ٿي روئين“؟ پنھنجي پٽ جي چالاڻي ڪري پاڻ ڪو به شوڪ ڪو نه ڪيائين. ”تيرا ڀاڻا ميٺا لاگي“! اھو ھو سندس متو. سائين ڪيسورام 85 ورھين جي ڄمار ۾، سنه 1889ع ۾، ديولوڪ پڌاريو. سندس گاديءَ تي سندس وڏو پٽ سائين ھريرام ويٺو. سائين ھريرام منھنجو ماسڙ ھو، تنھن ڪري ننڍڙي ھوندي کان وٺي، مان سندس ٽڪاڻي ۽ گھر ۾ ويندو ھوس، ۽ سندس ڪيترن ڳالھين جي سڌ اٿم. ھي پيءُ ۽ پٽ جھڙا ڪامل سنت چئجن تھڙا ھئا. سندين شڪليون مونکي اڄتائين اکين اڳيان پيون ڦرن. ڀائي ھريرام 1896ع ۾ چالاڻو ڪيو. کانئن پوءِ ڀاڻس ڀائي آتمارام گاديءَ تي ويٺو. ھڪ لڱا ”سنڌو“ مخرن ۾ شاھ عنايت صوفيءَ جو احوال لکيو ھوم، سو مونکي سائين آتمارام ٻڌايو ھو. حيدرآباد جي گدواڻي گھٽيءَ جو ڀائي ڪلاچند ھڪ چڱو سنت ئي گذريو آھي، ڀائي ڪلاچند جيڪي به پرايو، سو ڀائي ڪيسورام ۽ پٽس ڀائي ھريرام وٽان. پڇاڙيءَ ۾ گردي جي سور وياڪل ڪيس. ڀائي آتمارام کيس پڇڻ لاءِ ويو. ان وقت ڀائي ڪلاچند ويھي نٿي سگھيو، سو اُٿي بيھي، دريءَ جي شيخن ۾ ھٿ  وجھي، پئي ڦٿڪيو. ڀائي آتمارام کي چيائين ته ”آرام کپيم“ ڀائي آتما رام ٻانھن کان جھلي، کٽ تي سمھاريس، ته ھميشه لاءِ پرلوڪ ۾ وڃي آرامي ٿيو!

Dalpat Sufi دلپت صوفي

]ماهوار سنڌو رسالي جي مئي 1934ع جي پرچي تان ورتل[

ليکڪ: ڪلياڻ بي‑آڏوڻي بي‑اي

دلپت صاحب، صوفي سونھارو، مرشد موچارو؛ درويش ڪامل، توحيد جو طالب قناعت جو ڌڻي، توڪل جو مالڪ؛ تنھن مڪمل شاعر جو نالو سڳورو سنڌ ڏيھ ۾ ڪنھن نه سڻيو ھوندو! تنھن ھوندي به آءٌ نه سنڀران نه ڪو ڪنھن عالم ويھي سندن ڪلام تي ترتيب وار محنت ورتي ھجي جيتوڻيڪ وقت به وقت سنڌ جي صوفي سڳورن تي اسان جي سنڌي عالمن پئي پلٽون پلٽيون آھن. تنھن جا سبب فقط ٻه سمجھي سگھن ٿا. عام رايو ته صوفي صاحب پنھنجي ڪلام جي نورنمائئ کان پڪي پرھيز ڪري ويا ھوا تنھن ۾ گمان آڻڻ جي جريت ڪنھن کي ٿيندي؟ ٻيو ته ٻاڻئ جا نسخا ڪو ھر ڪنھن عالم وٽ ھڪيا ڪو نه رکيا آھن جو ان مان او فيض وٺي ۽ وٺائي سگھن.

نصيبن سان ورھين کان والد شريف وٽ صوفي صاحبن جي ٻاڻئ جو ھڪ نسخھو سندس (والد شريف جي) دست مبارڪ سان لکيل موجود پيو ھو جنھن جي واس مسڪين جي دستخط کي مطالع ڪرڻ سان منھنجي من ۾ آس اٿي ته جي صوفي صاحب جا وچن’ولات سڀ واسين‘ ته ھوند سنڌ ۾ نئون سوجھرو نمانان ٿي پوي. سندن فرمائش ته انھن کي اندر ئي رکجي سا شايد انھئ سبب ڏنائون ته متان بي تميز خلق انھن کي پورئ طرح نه پروڙي سگھي. ڪامل درويشن جو سندن ڪلام تي رايو اڪثر ائين ئي ٻڌبو آھي. دنيا جي مڙيني زبانن جي شاعر فقيرن اھوئي فرمودو پئي ڏنو آھي سو شايد انھئ ڪري ته متان سندن جولان جو جوش جھان کي جلائي نه وجھي. رومئ جو پنھنجي مرشد تبريز بابت رايو دل تي تري ٿو اچيم.

فتنه و آشوب وخونريزي مجو
بيش ازين ازشمس تبريزي مگو

 مستئ ۾ اچيو الاھي راز کوليو ڇڏين جيتوڻيڪ حق جي واٽ ۾ صبر ۽ خاموشي لازم ٿا ڄاڻن. پوء خلق کي اُنھنجو الاھي اسرار لڪائڻ ٿا گھرن. پر جئن جھان افروز شمح يعني سج کي ڪا به اوٽ لڪل نه ٿي رکي سگھي تئن ڪامل درويش جي قولن کي ڪابه تجويز قابو نه ٿي ڪري سگھي. ڇو ته ڪلام ٿيو حق جي شاھدي جو آئينو سو ڪئن نه عالم ۾ پنھنجو عڪس اڇليندو؟

پر ھيءَ ڪميڻي ڪير جا امر کي اوڏو اچي؛؟ ھڪ عام ۽ خسيس شخص جي آرزو ڇا ھي جو ھڪ صاحب ڪماليت جي فرمان جي آڏو ڦري سگھي؟ پر’جيڏو سندس نالو ٻاجھ به اوڏويائي مڱان.‘ خاطري اٿم ته جي توبه ثابت ٿي سندن ڪلام جي ڪيميائي ھرکجي ھوش ھاريم ته پنھنجي عالم پناه لطف ۽ ڪرم سان اجھو ڏيئي رکي وٺندم. سچ پچ ته سندن ڪلام ٿيو باغ ارم ۽ منھنجي آرزو خس و خاشاکه‑ پرخس و خاشاله يعني ڪکه پن به ته اجھو بوستان ۾ئي ٿا وٺن. سندن ساري ڪلام کي پڌري ڪرڻ جو نه امر آھي نه مون مسڪين کي توفيق آھي. منھنجي فقط اھا مراد آھي ته توحيد جي طالبن کي صوفي صاحب جا ڪي سخن سڻايان جن ۾ سنڌ جي مڙيني شاعر فقيرن جو الھامي آواز اچي ٿو وڃي. شاه جو ناز، سچل جو نياز، بيدل بيڪس جو سوزو گداز؛ سامئ جو ويدانت ۽ روحل جون ڪرشن ڪنئي لاء پڪارين سي سڀ صوفي صاحب جي ڪلام ۾ سماڻل آھن. ٻاڻي شروع ٿئي ٿي راڳه تلنگه آرتئ سان جنھن جو پھريون سلوڪ ڪرشن جي استتي ۾ اچاريل آھي.

آرتي ڪان ڪرشن تھاري، 
سنت جنان مل اُرھنه اُچاري
سڪل جيو جيتي ديھ ڌاري،
 گھٽ گھٽ جاڳي تيري جوت اُجاري

تنھن کان پوء’سي حرفي‘ يعني’ٽيھ حرف‘ جن مان ھر ھڪ سان ھڪ ھڪ سلوڪ شروع ڪيل آھي. الف کان وٺي ٿا شروع ٿين ۽ ي تائين ٿا پورا ٿين. مثلا

الف‑ ايڪو آتما آھين، پورن پريتم سڀ گھٽ مانھين

...         ...         ...         ...         ...

ش‑ شوق ڪون راک رفيق‑ تان آپي معلوم ھوء عميق

...         ...         ...         ...         ...

غ‑ غير ڇاڏري اپنا ‑جڳه جوٺا جانو سڀ سپنا

...         ...         ...         ...         ...

م‑ محبت محب ملاوي‑جيوت ماري ڦر جيوائي

...         ...         ...         ...         ...

ھ‑ ھم جو ھئي ھين ھمدم دوست‑ جو ڪڇه ديکي سو ھم اوست

...         ...         ...         ...         ...

’سي حرفئ‘ جي مثالن مان معلوم ٿيندو ته ڪلام ۾ ڪيڏي نه خيالات جي خوبي آھي ۽ شاعرانه حقيقين نڪتن کي ڪئن نه زبانن جي نون رنگن ۽ روپن ۾ ڍڪايو ويو آھي‑ ھه واري تڪ ۾ پارسي شاعرن جو ’ھمه اوست‘ وارو حقيقي اعتبار آندل آھي ته وري’ايڪو آتما آھين ‘ ۾ ويدانت جو مول متو ۽ منتر اچاريل آھي. انھئ بعد’سلوڪ گر اُستت ڪي‘ يعني گروجن جي اُستتئ  (ساراھه) ۾ سلوڪ آيل آھي جئن پارسي شاعر پنھنجو ڪلام خدا ۽ اُنھي رسول جي حمد اثنا سان شروع ڪندا آھن. سعدئ جو ته عقيدو آھي.

مپندار سعدي که راه صفا

توان رفت جز در پئي مصطفيٰ

 اسانجي شاه پڻ خدا ۽ اُنجي پياري پيغمبير جي ساراه ۾ گفتار جا بي گوھر گڏي پوتا آھن. جيتوڻيڪ طريقت جي واٽ ۾ اسلام ۽ ڪفر جو ڪم ڪونھي تڏھين به ھر ڪو شاعر شعر ۾ ڌوڙي زندگئ ۾ شريعت جي پابندي لازمئ طور ڄاڻي ڪريٿو. تئن دلپت صاحب جن پڻ پنھنجي ستگروءَ اڳيان بلند آواز ۾ سيس نوائين ٿا.

نمو نمو سري ستگورو اچل روپ اکنڊ.

گرو جن جي اُستت ۾ ڪيترو ڪلام چيو اٿن. پر انھئ ۾ آءٌ نه ٿو وڃان ڇاڪاڻ ته منھنجي مراد آھي ته صوفي صاحبن جي ڪلام مان تصوف جي ڪيميا ڪڍي ظاھر ڪريان نه ڪنھن خاص پنٿ جي پاٺنا جو ويھي ورنن ڪريان. ايترو چوڻ ڪافي آھي ته دلپت صاحب جن گروجن ۽ ڪرشن جا پڪا پوڄاري ھوا ڇو ته پاڻ خود راڳه شام ڪلياڻ ۾ فرمائين ٿا ته

دل لٽ گئيا ڌر بنسي ڌر ھئي ڪوئي جادوگر

 صوفي جن جڏھن بيھد بره جو بيان ٿا ڪن ته بي خوديءَ ۾ اچيو خود بحر جون ڇوليون ٿا ھڻن. منصور جي مقابل ٿيو وڃن. فرمائين ٿا.

(شام ڪلياڻ)

 بره جي اُلٽيان باتيان، ڪوئي اُلٽ ويراڳي ٻوجھي.
راز رانول دا برھي ڄاڻن، مغز حقيقت مر ڪر ماڻن.

جي پاڻي ويکن اُجھاتيان، بره جي اُلٽيان باتيان.

بره دي منزل برھي رسندي، ھاٿ حبيب دي ھردم ڪسندي

سي رنگ محل چره جاتيان برھ، بره دي خبر پڙھيان نه ڪائي

پڙه پڙه ڪرندي واءُ وڏائي، جاءِ پڇو خرا باتيان، بره ...

بره باب اُٺ عاشق پڙھندي، درسن ڪارڻ دل وچ ڳرندي

ڪل نه ڪم ذاتيان، بره، مکه محبوب دا نرکن نيھي

جن آپ پڇاڻيا وڙڪر ديھي ، جي ڪٺڙي بره ڪاتيان، بره ...

بره ميدان ۾ عاشق گھڙندي، نال نفس دي نس دن لڙندي

بره بئيرڪ جن چاٽيان، برھ، دلپت اکيان بره جڳائيان

نال نئئان دي نيڻن لسگائيان، رنگه رانول دي راتيان، بره ...

 

وري به بره جو بيان ڪندي شاه وانگر آگ ۽ بٺيءَ جو ذڪر ٿا ڪن ۽ عاشقن کي مٿو ماٽئ وٽ ڪپائڻ جو امر ٿا ڪن.

(شام ڪلياڻ)

بره بيان برھي ڄاڻن
محل محبوب دا مرڪر ماڻن
ڪيا ڄاڻن جا ھل ڄاٽيان
بره بازار ۾ ڦرن بيگانا
دلپت دلبر دست وڪاڻا
جن مي اوپر سر ماٽيان.

عشق جي راه ۾ پاڻ کي فنا ڪرڻ اول شرط ڪيو اٿن. مي يعني شراب آھي محبت جي مستي ۽ ساقي آھي محبوب جنھن کي شاعر نون نون رنگن ۽ ڌنگن ۾ ٿا چٽين. ڪنھن پارسي شاعر ساغر سڏيو آھي معشوق جو منھن کي. صوفي صاحب جن به انھئ ساقئ اڳيان جان نثارئ ڪاتر مشتاق ۽ ماندا آھن.

(شام ڪلياڻ)

بره بوندان ڪي برھي پيون
دستون دلبر مرڪر جيون
سر ساقي در سائيان.

دلبر جي ھٿان مري جيئڻ ٿا چاھين. رومي پڻ شاھدي ٿو ڏئي ته دلبر پھرين جسم کي ويران ٿو ڪري ۽ ويرانئ کان پوءَ آباد.

شاه جان جسم را ويران کند
بعد ويرانيش آبادان کند

ڇوته ھن دنيا جي صحت حاصل ٿئي ٿي بدن جي معموريءَ سان ۽ ھن دنيا جي تن جي تخريب سان. رومي چوي ٿو ته ھتي جي صحت ڳوليو طبيب کان ۽ ھتي جي صحت حبيب کان. دلپت سائين جو سخن آھي

(ڪلياڻ)

حاذق حڪيم سياڻا

ديکه درد ھوئي حئيرنا

سڀني شاعرن، ساڳي ريت شاه کان امير خسروءَ تائين دنيوي طبيب ۽ دل جي درد جي اصلي عداوت کي ورور ڏيئي ٻئي ورقن ۾ ورايو آھي.

سرائڪي، ھندي ۽ اردوءَ کي ڇڏي آءٌ ھاڻي صوفي صاحب جو نج سنڌي ڪلام کڻان ٿو جنھن کي پڙھڻ سان شاه جو نياز، سڪ ۽ اڪير اچيو ٿا اندر ۾ اڇلون ڏين.

(ڪلياڻ)

 شال ھير اڱڻ ايندا‑رانول روح رچندا

 ويڙيچل وطن ڏھون شال واڳون واريندا

واعدا وصل جا پرين پنھنجا پاڙيندا

پکي پيھي پريت سان پرين پاٻوھيون پڇندا

رکي ھينئين ھٿڙا منھنجي سورن سڌ لھندا

عجيب اچي  اڪير سان مونسان اورون اوريندا

 ڪسون ڪٽ فراق جا منھنجي قلبون ڪوريندا

آرايون عاشقن جون سي سٻاجھا سھندا

ويھي مڪتب عشق جي منھنجا سبق سڪ سڻندا

ڏک وڇوڙا سور سڀئي اھو لشڪر لڏيندا

جانب منھنجي جئ ۾ اچي اوطاق اڏيندا

 ڳجھون ڳالھيون اندر سنديون صحيح سي سکندا

 دلپت اچي دليون جانيون محب مونکي ملندا

 

بيڪس ۽ بيدل جو سسئئَ تي ڪلام به ساڳيوئي سڪ ۽ سوز سان چيل آھي. جانب اڳيان مڙيني شاعرن ڪسڻ قبوليو آھي. نيڻن جا نيزا ۽ ڀرن جا ڀالا ۽ عشق جي آگ سي عاشقاني شعر ۾ عام طرح آندا ٿا وڃن تنھنڪري اسان عام خلق کي اُھي بي اثرائتا ۽ دستوري پيا لڳن. پر جن عارفن کي حقيقي نين ‏‏‏ نھوڙيو آھي تن جو تن ئي تنوز آھي ته پوءِ ڇو نه آگ جي اُلن سان اُلفت رکندا. دلپت صاحب پڻ گھڻو ڪلام پرينءَ جي پسڻ کان اڳ سندس پرت ۾ پچڻ تي چيو آھي. چون ٿا

(ڪلياڻ )

ڪيئن نہ عاشق پرين پسن جي عشق جي آڙه پيا
لِئ عجيبن آگ ۾ ڪيئن پؤ رکون کلندي پيا
ساجن سندي نين جا ڪاري لڳا تن ۾ ڌڪا
ڪيئن نہ ڪسندا محبتي خوني خنجر جن تي جھڪيا
ڌرتئ پيا تن ڌڙ ڌٻن جي چاڪ چشمن جي ڦٽيا
ڪيئن جيئَن جن مرڻ من ۾ ڪيا قريبن اڌ ڪنا
سر ڏئي سرھا ٿيا وڃي شوق سوريءَ تي چڙھيا
دلپت جدا ٿي جئ کون مشتاق جانب سان جڙيا

ھتي عارفانه اسرارن جو کلئ طرح اظھار ٿيل آھي. مرڻ آھي من مارڻ ۽ سوري آھي شوق الاھي. جئ کون جدا ٿيڻ يعني خودئ کي ميٽڻ آھي محبوب سان ملڻ.عارفانه نظر ڇڏي جي عاشقانه سان ڏسجي ته ”ڌرتئ پيا تن ڌڙ ڌٻن جي چاڪ چشمن جي ڦٽيا“ واري تڪ ۾ قرب ۾ ڪٺلن جي مڪمل تصوير چٽي اٿن. جن ڪسڻ قبوليو سي

(ڪلياڻ)

ڇو نه پسندا سي پرين جي عشق جي کوري کتا
عاشقن جي جان تي خوني خنجر چشمن کتا
مشھدي لئي محب جي ٻاري ڏنا مچ ۾ مٿا
کڻي نسنگه نيزانينه جا جانب اچي جيءَ۾جتا
سر ڏنو جن سرڪ تي ساقي ڪري مي ان عطا
پي خمر مخمور ٿيا دلپت دلبر جي ھٿان
پاڻ وڃائي پاڻ ۾وڃي رمزرانول جي رتا

انسان پنھنجو اصل وساري ويندو آھي. پر عارف انکي ساري رت ٿا روئن. سانگئ پورو خيال آندو آھي ته


فصل جي خواھش ۾ وسري اصل ويو
سُنگه چونڊيندي نه ڪا نا ياد پيا
جن جو پرين پ ڏيھ سي ڇونه رت روئن

(ڪلياڻ)

 سرتيون ڙي آئون سڪان ساريان
جن کي اڱڻ شال اچن
سي پرين پيھي مان پڇن
جن جا پرين پر ڏيه ۾ ٽن اکيون رت روون
جن چڪن چاڪ فراق جا ٻر سي ڪينئن ننڊون ڪن
مشتاقن جي من ۾ ٿا دونھان درد دکن
وره سندي جرکون تن جيرا منجھ جلن
سنڌ منھنجي سورن جي معلوم آھي تن
لائي لڱن جٿڙا منھنجي دردن دواڪن
دلپت جيو جھان ۾ منھنجو جوڳي ڪيو جن
تنھن کان پوءِ ورلاپ ٿا ڪن ته.

(ڪلياڻ)

سرتيون سپيرين سان سنڱه مون ڪا ڏھون ڪيا وون

جو درد جو داستان اڳي ئي سنڌي عالمن جي سعيي سان شايع ٿي چڪو آھي.

مسڪين وٽ جو نسخو موجود  آھي سوٽن سون ِصفحن جو آھي جنھن مان ڌڻئ جي فضل ۽ دلپت سائين جي دعا سان ٽيھن جو سار ھنن صفحن ۾ ڏيئي سگھيو آھيان. منھنجي رٿ آھي ته ماھوار ڪلام جو خزالو به ھڪ مڪمل شاعر جي زخيرن سان مالا مال ۽ رولق افروز ٿئي. خاطري اٿم سنڌوءَ جو جناب ايڊيٽر صاحب انھئ لاءِ مونکي مھيني سر مھيني پنھنجي مخزن مبارڪ ۾ جگھ ڏين جي مدد امداد ڪندو جئين آءٌ ھن سڳوري ڪم ۾ سوڀاروٿي سگھان ۽ سنڌي عالمن جي قدمن ۾ قدر آھر خدمت ڪرڻ جو لايق ٿي سگھان.

 

]ماھوار سنڌو رسالي جي مئي 1934ع جي پرچي تان ورتل[

آڪاش آسواڻي

پنهنجا رايا ڏيو