بلاگ اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي** محترم وزٽرس، مهرباني ڪري پنهنجا رايا ضرور ڏيندا، رايا ڏيڻ لاءِ هن بلاگ جي آخر ۾ هڪ ڪمينٽ باڪس ڏنل آهي. * هي بلاگ اڃا بهترين نمُوني ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي فونٽس انسٽال ڪريو**                

بزرگ جي نالي سان ڳولا ڪريو

Pir Naasir ul din Shah پير ناصر الدين شاه

پير ناصر الدين شاه رح [1878ع – 1913ع]
صاحب- ڪرامت صوفي درويش؛ سيد پير ناصرالدين شاه ولد سيد عبدالرسول شاه، انگريزن جي دور - حڪومت ۾، 12 ربيع الاول 1295 هه مطابق 2 مئي 1878ع تي تعلقي لاڙڪاڻي جي قديم ڳوٺ دودائيءَ ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم قرآن پاڪ ناضران کان حفظ ڪرڻ تائين، آخوند عبدالرحمان ميمڻ (1839ع – 1904ع) جون خدمتون حاصل ڪيائين. بعد ۾ همايوني بزرگ ۽ اهل - دل انسان، مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح (1844ع – 1918ع)، قاضي عبدالعزيز ٿريچاڻي ۽ وليدن ۾ مقيم سيد احمد مدني عرف ”عرب صاحب“ جن وٽان فيضياب ٿيو. جوانيءَ ۾ خوب عبادتون ۽ مجاهدا ڪيائين. نهايت با شريعت رهندي، تهجد ۽ اشراق کي به ڪڏهن ترڪ ڪين ڪيائين. هر مهيني ”ڏهاڪو“ ۽ هر سال ”چلو“ ڪڍندو هو. درگاه پير ڳوٺ جو به پانڌيئڙو هو.

35 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾، 21 صفرالمظفر 1332 هه مطابق 27 آڪٽوبر 1913ع تي ڳوٺ دودائي شريف ۾ ئي رب کي وڃي پيارو ٿيو. سندس همعصر ۽ صحبتين ۾ ناميارو شاعر، شينو شمس الدين ”بلبل“ ميهڙائي (1857ع – 1919ع) ۽ ميان خدا بخش بروهي (دفن، ميمڻ محله لاڙڪاڻو) ۽ محمد سومر ميمڻ جا نالا قابل - ذڪر آهن. سيد صاحب شاعريءَ جي سلسلي ۾ سنڌي ڪافيون ۽ بيت به جهجها چيا آهن. سندس ڪافيون، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فقير ڳائن ٿا. ڳوٺ دودائي شريف ۾ مٿس هڪ عاليشان مقبرو ٺهيل آهي، جيڪو آندل خان ڪورينجو نالي مشهور خيرپوري ڪاريگر جو جڙيل آهي. سوين سوالي روزانو درگاه جي زيارت لاءِ اچن ٿا

...

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهنجا رايا ڏيو