ليکڪ: مستر ڀيرومل مھرچند آڏواڻي.
[ماھوار سنڌُو رسالي جي پرچي جنوري 1946ع ۾ ڇپيل]
سنڌ ۾ جيڪي ناميارا صوفي درويش ٿي گذريا آھن، تن مان ھڪڙو ڀائي دلپترام صوفي ھو، جو سيوھڻ جو ويٺل ھو. سندس جنم سن 1769ع ڌاري ٿيو ھو. اڳي سڄي ھندستان جا ھندو پنھنجن ٻارن کي ننڍڙي ئي مڱائيندا پرڻائيندا ھئا. انھئ قديم رسم پٽاندر ڀائي دلپترام کي به سندس مائٽن ننڍڙيئي مڱايو؛ پر ست ورھيه مڱيو ويٺو ھو تنھن کانپوءِ پرڻيو. کيس ھڪ نياڻي ۽ چار پٽ ڄاوا. سندس اولاد اڄ تائين سيوھڻ ۾ رھي ٿو.
ڀائي دلپترام سنڌي، ھندي، سرائڪي ۾ پارسيءَ جو ڄاڻو ھو. ڪلھوڙن ۽ ميرن جي صاحبين ۾ سرڪاري نوڪريون انھنکي ملنديون ھيون، جي پارسئ ۾ ڀڙ ھوندا ھئا. انھئ سبب ھيءَ چوڻي عام ھئي، ته ”پارسي گھوڙي چاڙھي “. ڀائي دلپترام پارسيءَ ۾ گوھر ھو، تنھنڪري سرڪاري نوڪري مليس، ۽ وڌي وڃي ڪاردار ٿيو.
ھڪ لڱا سيوھڻ تعلقي ۾ گشت ڪندي، معلوم ٿيس، ته ڀائي آسرداس نالي ھڪ سنت بوبڪ ۾ آيو آھي. اھا خبر ٻڌي، اُمالڪ سندس درشن ڪرڻ لاءِ ويو، جنھن مان ظاھر آھي، ته ساڌن سنتن جو سنگ اڳيئي وڻندو ھوس؛ پر ھينئر ھڪ ڪرامت جھڙو ڪم ٿي چڪو.
ڀائي آسرداس جو درشن ڪيائين، ته گھڻو نھال ٿيو. ”چارئي عين چُڀي ويا، ڳجھيءَ رمز ڳُتا.“ ھن چار چشميءَ وقت پنھنجون اکيون کڻي، ڀائي آسرداس ۾ کپايائين، ويتر سندس واتان ٻه ٽي امولڪ وچن ٻڌائين، ته اوڏي مھل ئي استيفا لکي، ميرن کي موڪليائين! ميرن جي نوڪري چاڪريءَ ڪرڻ بدران سچي سائينءَ جي چاڪري ڪرڻ لاءَ، ڀائي آسرداس کي پنھنجو گرو ڪيائين، ۾ کانئس گُر منتر وٺي، ڀڳتي، پراڻ ايام ۽ يوگ اڀياس ۾ گذارڻ لڳو.
ڀائي آسرداس اصل خيرپور جو ويٺل ھو، ۽ پوءِ ڪراچي ضلعي جي ميرپور بٺوري تعلقي ۾ ميران پور ۾ وڃي رھيو ھو. ميران پور ۾ ٻيو ھڪ ناميارو درويش شاھ عنايت ﷲ صوفي ٿي گذريو آھي، جو” سنڌ جي صوفين جو سرتاج“ سڏجي ٿو. آئي وئي جي جھوڪ سندس درگاھ وٽ ھوندي ھئي، تنھنڪري ميرانپور تي نالو ئي ”جھوڪ“ پئجي ويو. ڀائي آسر داس صوفي ھو، ۽ جھوڪ شريف وارن صوفين سان گھڻي رلمل ڪندو ھو. پاڻ به شاعر ھو؛ پوءِ سندس ڪلام ڪنھن ڪٺو ڪيو ڪو نه ٿو ڏسجي. ديوان ڪوڙيمل جيڪي ”ساميءَ جا سلوڪ“ ڇپايا ھئا، تن ۾ ٿورا بيت ڀائي آسرداس جا پيل آھن. سندس تخلص ” آسو “ ۽ ” آسر“ آھي. اڳي سنڌي چوٿين ڪتاب ۾ ” مايا “ بابت ڪي بيت ھوندا ھئا، جن جي منڊ وارو بيت ھئ ھو؛
مايا اچڻي وڃڻي، ڪھڙي ڪھڙي ڀاءِ،
ڪن جي دٻي رھي ڌوڙ ۾، ڪن جي راجا کاءِ،
ڪن جي چور کڻي وڃن، ڪن جي ساڙي باھ،
سقلي ٿيندي ساءِ، جا خرچي سائينءَ نانءَ تي.
پڇاڙئ وارو بيت ھيءُ ھو:
تو جا ڀائين توڙ جي، سا وڃي وھاڻي
ڪنھن سان نيبھه نه ٿئي ڌن جوڀن، جواڻي
’آسوُ‘ آکاڻي، جڳ مڙيوئي سپنو.
ڀائي دلپترام صوفيءَ جو ڪلام اڃا تائين ڇپيو ڪونھي، پر دستخط موجود آھي. ان ۾ ھڪ غزل پارسي بحر ۽ وزن تي جڙيل ڏٺو ھوم، جو پنھنجي ڪتاب ”چونڊ ڪلام“ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھوم. ان جون پھريون سٽون ھيءُ آھن:
لاغرض ساڻ لاغم، لاشڪ مون نيھن لاتو،
جيڏيون، دعا ڪجو،ته نبھي اچيم ناتو.
ھن بحر بيحديءَ ۾، ڪانھي ڪنڌي پڄڻ جي،
وئي پروڙ ڀلجي، جنھن وير پير پاتو.
ھن غزل ۾ ھڪ وڏي خوبي ھيءَ آھي، جو پوين تڪن ۾ سوال جواب آھي. مثلا تون ٿو ڪرين ڪرائين، بيوس جو ڏوھ ڪھڙو؟ چي بيرنگ جي بيان ۾ رھه بي زبان ٻاتو. آھه آزمودو، وھه عشق ۾ بلاتو.
[نوٽ: مٿيون غزل صوفي آسرداس جو نہ پر صوفي آسُورام ھالا پراڻا واري جو آھي. سندس ڪتاب ۾ ’ديوانِ آسُو‘ ۾ آيل آھي. [آڪاش آسواڻي] ]
ڀائي دلپترام ست ورھيه ساندھ پنھنجي ھن گروءَ جي سنگ ۾ گذاريو. سندس وقت ۾ ديوان فتح سنگ سيوھاڻي ۽ ٻيا حيدرآباد جي ميرن وٽ نوڪرين ۾ ھئا، ۽ حيدرآباد قلعي جي ويجھو پنھنجو پاڙو ٻڌي اچي رھيا ھئا جنھنڪري اھو اڄتائين ”سيوھاڻي پاڙو“ سڏجي ٿو. ڀائي دلپترام پنھنجو ماڳ حيدرآباد جي سپاھيملاڻي گھٽيءَ ۾ ڪيو؛ پر ڪجھ وقت جھوڪ شريف يا ٻين ھنڌ صوفي درويشن جي سنگه ۾ گذاريندو ھو . سندس پھَس يا ھمعصر شڪارپور جو ٻائو شنڪر ڀارتي ھو، ۽ ٻئي گڏجي صوفين جي درگاھن تي ويندا ھئا.
ڀائي دلپترام قداور مڙس ھو، ۽ اکيون وڏيون ھونديون ھيس، جي سدائين لعل ھونديون ھيون. شڪل شاندار ھيس، ۽ حشمت به ايتري ھوندي ھيس، جو سندس اڳيان ڪنھنکي اجائي سجائي گفتگو ڪرڻ جي ھمت نه ٿيندي ھئي. ھو اڪثر کٽ تي وھندو ھو، ۽ پاسي کان ترار رکي ھوندي ھيس. ھيءُ مڙس توڪلي به ھڪڙوئي ھوندو ھو. ڏھاڙي سج لٿي کانپوءِ سيڌي پاڌي رکڻ جا ٿانءَ، بلڪہ دلا ماٽا بہ اونڌا ڪرائي ڇڏيندو ھو. چرندو ھو، ته ”سڀاڻي جا ڀاڳه سڀاڻي سان “! حيدآباد جي ميرن کي سُڌ ھئي، ته ھيءُ مڙس مڻيا وارو آھي، سي ججھي عزت ڏيندا ھئس ميرن کان ڪي ڇڏائڻ تي اچي ھا، ته گھڻوئي ڇڏائي سگھي ھا؛ پر ھيءُ لاطمع ھو. لاغرض به اھڙو ھو، جو ھڪ لڱا ميرن جو ماڻھو ڪوٺڻ آيس، تنھنکي چيائين، ته ”تون وڃ آءٌ نه ھلندس. مير صاحبن کي غرض ھوندو، ته پاڻيھي ھتي ايندا.“ منجھس جھجھي ڪلا ڏسي، چار معزز سندس شش ٿيا:
(1) سائين ڪيسورام ھوتجند سپاھيملاڻي (2) ڀائي کيمچند ڪرپلاڻي (3) ڀائي گنگارام جھانگارن وارو (4) ڀائي ڀوڄن داس جتوين وارو.
ڀائي دلپترام جو ڀائي ڪيسورام تي ھٿ ھو، ۽ کيس پنھنجي گادي ۽ گور واري جاءَ ٽڪاڻِ سميت ڏنائين. سندس ديھانت اسي ورھين جي ڄمار ۾ سنه 1849ع ڌاري پنھنجي وطن سيوھڻ ۾ ٿيو. سندس گدي ۽ چاکڙيون سپاھيملاڻي گھٽئ ۾ ڀائي ڪيسورام جي ٽڪاڻي ۾ رکيل آھن. سندس چيل واڻي به اتي رکي آھي، جنھن مان سندس ٿورو ڪلام پنھنجي ڪتاب ”چونڊ ڪلام“ ۾ ڏنو اٿم.
سائين ڪيسورام ننڍڙي ھوندي کانئي وٺي ويراڳ ورتي ڌاري ھئي. سندس پتا ميرن جي کرن تي تحصيلداري وٺي ڏنيس، ۾ مڱايائينس پرڻا يائينس؛ مگر سندس وئراڳ ورتي پوءِ به ھلندي آئي. ڀائي دلپتراءِ جي ديھانت کانپوءِ سندس گادئ تي پاڻ ويٺو. حقو اڳيان ٺاھي رکندو ھو، ۽ ٻه چار ڦوڪون ڀري مونن ۾ منھن وجھي وھندو ھو. سندس ھيءُ دستور ھوندو ھو، جو صبح جو ڍوڍا ۽ ڀاڄي تيار ڪرائيندو ھو. جيڪو سندس ٽڪاڻي ۾ ويندو ھو، تنھنکي ڍوڍي ٽڪر ۽ ڀاڄي، ھٿ پرسادي ڪري ، ڏيندو ھو. پاڻ نماڻي مورت ھو، ۽ سنديس ٻاڻي به نھايت نماڻي آھي. ڪٿان ڪٿان جا ھندو توڙي مسلمان درويش وٽس ايندا ھئا، ۽ ڪي ته ڪيترا ڏينھن سندس ٽڪاڻي ۾ ٽڪيا پيا ھوندا ھئا. سندس گھٽي جو ھڪ گيانچند گنگو ھو، جو عام طرح ”گيان گنگو“ سڏبو ھو. اھو لولو ۽ پنگلو بہ ھو. سٿڻ ۾ پيٽ اچي ويندو ھوس، ته پتو ڪونه پوندو ھوس. سائين ڪيسورام انھي حالت ۾ ڏسندو ھوس، ته ڌوئي صاف ڪندو ھوس، ۽ پنھنجن ھٿن سان سٿڻ به ڌوئي ڏيندو ھوس، ۽ پوءِ ڍوڍو ۽ ڀاڄي کارائي روانو ڪندو ھوس.
منھنجن اکين ڏٺي ڳالھ آھي، ته ھڪ لڱا ڪنھن ڀائيبند مائئ جي من جي ڪا مراد پوري ٿي، ته دل ڪري ائين ڄاتائين، ته ھن ٽڪاڻي وارن (سائين ڪيسورام ۽ سندس پٽ سائين ھريرام) جي ڪريا سان منھنجا ڪارج سڌ ٿيا آھن. ان وقت سوني يارھن پٽي يا پندرھن پٽي پيل ھيس، سا ڳچيءَ مان لاھي، ٽڪاڻي ۾ ارداس رکيائين. ڀائي مولچند عاج وارو ھن ٽڪاڻي ۾ گھڻو ايندو ھو، ۽ پاڻ به سنت جن ھو. ڀائي ھريرام اھو زيور کيس ڏنو. ڀائي مولچند اھو وڪڻي پئسا آندا، ته اھي پئسا غريب غربن جي کاڌي بلي خرچ ٿيا. مطلب ته ھي ٻئي پيءُ پٽ لاطمع ھوندا ھئا، ۽ پنھنجي گھرج کان وڌيڪ پئسو پاڻ وٽ نه رکندا ھئا.
سائين ڪيسورام جي ٻي به ھڪ ڳالھ اکين سان ڏٺي ھيم، جا اڄتائين نٿي وسريم. سائين ھريرام کي پھريائين فقط نياڻيون ھيون؛ پر پوءِ ھڪ پٽ ڄائس. ڀڳونت جي اھڙي جوڙ جو انھيءَ ٻار کي پٿري ھئي. ڊاڪٽر جڏھن ”ڪئٿيٽر“ وجھندو ھوس، تڏھن پيشاب ايندو ھوس. سگھوئي پوءِ ٻار جي حالت ويئي سخت ٿيندي. ان وقت ديوان نولراءِ ۽ ساڌو ھيرانند جي وچين ڀيڻ شرافتي ڌمي ٻائي ھن ٽڪاڻي ۾ گھڻو ايندي ھئي. پڻس ديوان شوقيرام ننڍڙيئي پرڻايو ھوس؛ پر اڃا تيرھن ورھين جي مس ھئي، ته وڌوا ٿي! ڪي ورھيه گھر کان ٻاھر ڪانه نڪرندي ھئي؛ پر پوءَ ھن ٽڪاڻي ۾ اچڻ جو نيم ٻڌائين، جو سائين ڪيسورام ۾ گھڻو صدق ھوس. ھڪڙي ڏينھن شريمتي ڌمي ٻائيءَ ڏٺو ته سائين ھريرام جو پٽ گھڻو ھلاڪ آھي، سو امالڪ کڻي، ڪيسورام جي ھنج ۾ ڏنائين، ۽ چيائينسن، ته ”آسيس ڪريوس، ته ٻار وڌيڪ ڪشت نه ڏسي .“ سائين ڪيسورام پنھنجو اھو پوٽو ھنج ۾ کڻي، پوءِ ڌيان ڌاري ويٺو. لوري وقت کانپوءِ اھو ڪڪو موٽائي شرمتي ڌمي ٻائي کي ڏنائين، ۽ چيائينس ته ”پوئي ۾ وجھينس، ۽ شريمد ڀاڳوت گيتا جو ارڙھون اڌياءُ ويھي پڙھ.“ شريمتي ڌمي ٻائيءَ جي ھٿن مان ڪي ڪري پيو. سائين ڪيسورام کي چيائين، ته ”مون توھانکي ڪڪو ڏنو، ته ڪشٽ ڪٽيوس، ۽ توھين ٿا چئو ته پوئي ۾ وجھوس“ ! سائين ڪيسورام چيوس، ”ته ائين ڳالھيون ڪري وقت نه وڃاءِ. سگھو لاھي پوئي ۾ وجھينس“. شريمتي ڌمي ٻائي سندس چوڻ موجب ٻار کي پوئي ۾ وڌو ۽ شريمد ڀاڳوت گيتا جو ارڙھون اڌياءُ اڃا پورو ڪيائين، ته ٻار پراڻ تياڳيا“! اوڏي مھل ڀائي ھريرام ٽڪاڻي ۾ ھو. گھر ۾ رودن متو، ته وڌي وڃي، گھر جي دروازي وٽ بيٺو، ۽ پنھنجي استريءَ کي چيائين، ته ”جنھنجي شيءِ ھئي، تنھن ورتي، پوءِ تون ڇو ٿي روئين“؟ پنھنجي پٽ جي چالاڻي ڪري پاڻ ڪو به شوڪ ڪو نه ڪيائين. ”تيرا ڀاڻا ميٺا لاگي“! اھو ھو سندس متو. سائين ڪيسورام 85 ورھين جي ڄمار ۾، سنه 1889ع ۾، ديولوڪ پڌاريو. سندس گاديءَ تي سندس وڏو پٽ سائين ھريرام ويٺو. سائين ھريرام منھنجو ماسڙ ھو، تنھن ڪري ننڍڙي ھوندي کان وٺي، مان سندس ٽڪاڻي ۽ گھر ۾ ويندو ھوس، ۽ سندس ڪيترن ڳالھين جي سڌ اٿم. ھي پيءُ ۽ پٽ جھڙا ڪامل سنت چئجن تھڙا ھئا. سندين شڪليون مونکي اڄتائين اکين اڳيان پيون ڦرن. ڀائي ھريرام 1896ع ۾ چالاڻو ڪيو. کانئن پوءِ ڀاڻس ڀائي آتمارام گاديءَ تي ويٺو. ھڪ لڱا ”سنڌو“ مخرن ۾ شاھ عنايت صوفيءَ جو احوال لکيو ھوم، سو مونکي سائين آتمارام ٻڌايو ھو. حيدرآباد جي گدواڻي گھٽيءَ جو ڀائي ڪلاچند ھڪ چڱو سنت ئي گذريو آھي، ڀائي ڪلاچند جيڪي به پرايو، سو ڀائي ڪيسورام ۽ پٽس ڀائي ھريرام وٽان. پڇاڙيءَ ۾ گردي جي سور وياڪل ڪيس. ڀائي آتمارام کيس پڇڻ لاءِ ويو. ان وقت ڀائي ڪلاچند ويھي نٿي سگھيو، سو اُٿي بيھي، دريءَ جي شيخن ۾ ھٿ وجھي، پئي ڦٿڪيو. ڀائي آتمارام کي چيائين ته ”آرام کپيم“ ڀائي آتما رام ٻانھن کان جھلي، کٽ تي سمھاريس، ته ھميشه لاءِ پرلوڪ ۾ وڃي آرامي ٿيو!